آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

قرآن پڙهندڙن مٿان گوليون

(20- مارچ 1984ع)
رات بيچينيءَ ۾ گذري. مڇرن به واهه جون ملهون ڪيون. ٿوري ٿوري وقفي سان اک کلي ٿي ويئي. 12 وڳي اک کلي، ڏٺم ته ڊاڪٽر فضل جاڳيو پئي. 2 وڳي جاڳيس، ڊاڪٽر قرآن شريف پئي پڙهيو، اجرڪ منهن تي ڏيئي اکيون پوري ڇڏيم، پاسا ورائيندي 4 ٿي ويا. ان مهل ڏٺم ته ڊاڪٽر بيٺو هو، ڦڻي پئي ڏنائين ۽ وري ڪاغذ کڻي ڪجهه لکڻ ويٺو. ڊاڪٽر سڄو ڏينهن هڻ وٺ ڪري رات جو اٽڪل 10 وڳي ڌاري بند ٿيندو آهي، وري ايندو ته ساڳي کل ڀوڳ، هر مريض کي ڏسندو، ٿوري ماني کائيندو، چانهه ملنديس ته پيئندو، ٿوري دير ليٽندو نه ته ڪم ڪار لاهي دير سان سمهندو آهي. هن هيڏي محنت ۽ وٺ وٺان کان پوءِ به سڄو ڏينهن تازو توانو. هر هڪ سان خوش اخلاق، سڀني جو همدرد، مسيحا ۽ ساٿي، ڊاڪٽر کي جس هجي.
صبح جو چانهه ڪو نه پيتم جو رت جي چڪاس ڪرائڻي هئي. 10 وڳي ڌاري مهراڻ ليبارٽري وارو آيو. بلڊ، شگر ۽ ايل ايف ٽي لاءِ رت کڻي ويو. اتان اچي اسپتال ۾ ابراهيم منشي واري ڪانجهي پيتم. ملاقات تي پپو ۽ ڀائو روشن آيا. ٿوري دير ڪچهري ٿي. شام جو هاري ڪميٽيءَ جا دوست ۽ عاشق جتوئي، چاچو شاهنواز خان، خانصاحب الاهي بخش، منير، ظهور عالم بلوچ، عالم نوتڪاڻي ۽ ٻيا دوست ملڻ آيا.
8 وڳي ڌاري بند ٿياسين. سائين نذير شاهه سان ماني کاڌم. اڄ وارڊ ۾ نئون مهمان آيو آهي. خبر پئي ته دادوءَ جي سيتا جي سيد راضي شاهه جو پٽ محمد شاهه آهي. هن کي ۽ ڪجهه ٻين کي پرو چانڊيي جي مددگار هئڻ جي ڏوهه ۾ نظربند ڪري موڪليو اٿن. چاچي محمد جتوئي ڪچهري ڪري سمهڻ لاءِ اکيون پوريون آهن، سو ڏاڍو پيو کلي. کلندي آهستي چيائين ”بابا قوم جي سڏ تي جيل نه آيا، هڪ ڌاڙيل کين ڇڪي جيل وٺي آيو، آيا ساڳيا پر اڳ ۾ اچن ها ته عزت ٿئين ها“ ۽ پوءِ ڪافي دير تائين وري ڪچهري شروع ٿي ويئي. ڏاڍا لطيفا ٻڌائيندو رهيو. هر خبر کان پوءِ چوي ته هي به حاڪم آهي. هن جي.... هڪڙو پري، ٻيو چورن پاران کڻي اشراف قابو ڪيا اٿس. اچيو کل ۾ پوي هر گهڙي اهو به چوندو رهندو آهي ته سائين هن ظالم (حاڪم) ماڻهن سان ويل وهائي ڇڏيا آهن. چاچو جيڏي مهل تشدد جو ذڪر ڪندو آهي ته رئيس پنهل خان چانڊئي کي ضرور ياد ڪندو آهي. رئيس پنهل خان سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ جو رهاڪو ۽ زميندار آهي. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي ويجهن دوستن ۾ شمار ٿيندو آهي. چاچي چيو ته هن اشراف ماڻهو سان به ڏاڍو ظلم ٿيو. سندس راڄ احتجاج طور نيشنل هاءِ وي تي ويهي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪري رهيو هو ته مٿن گولين جا وسڪارا ٿي ويا. ڪيئي قرآن پڙهندي سهڻا ۽ دلير گولين جو بک بڻجي ويا. ڪيترائي عضوا وڃائي ويٺا، وڏو ظلم ڪيائون ماڻهن تي. رئيس پنهل خان جيڪو ٿڌي شخص طور مشهور هو، تنهن بزرگ کي به ڏاڍو ماريائون. چاچي اهو به ٻڌايو ته جلوس نڪرڻ کان هڪ رات اڳ ڪنهن جي طرفان کيس نياپو مليو ته سڀاڻي جلوس نه ڪڍجان، تمام گهڻي سختي ڪئي ويندي، ماڻهو به ماربا پر رئيس پنهل ڊنو ڪو نه، چيائين اسان جي طرفان جلوس جو اعلان ٿيو آهي سو ضرور نڪرندو، جيڪو وڻين ڪن. آءٌ بزدل ڪو نه ٿيندس. (سلام آهي رئيس پنهل خان ۽ سندس بهادر ساٿين کي)
رئيس پنهل خان سان هڪڙي ملاقات ٿي آهي. سندس ڳوٺ جتوئي صاحب جي ماني هئي. جتوئي صاحب سان مزاري صاحب به گڏ هو. مولانا احترام الحق ٿانوي، حسين شاهه، غازي، ذوالفقار بلوچ ۽ آءٌ ان دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. اسان کي جتوئي صاحب 4 اپريل جي پروگرام جي سلسلي ۾ موري سڏيو هو. رئيس جي دعوت کان پوءِ موري ويا هئاسين. موري ۾ محبوب دوست منظور ميمڻ طرفان جتوئي صاحب جي مان ۾ ڀلي دعوت جو اهتمام هو. رئيس پنهل خان جي ڳوٺ ماڻهن جتوئي صاحب ۽ مزاري صاحب کي تقرير لاءِ چيو ته جتوئي صاحب جواب ڏنو ته ”بابا پنهل خان اشراف ماڻهوءَ کان تقرير ڪرائي کيس مصيبت ۾ ڪو نه ٿا وجهون.“ اهو ساڳيو پنهل خان وقت اچڻ تي هر مصيبت ۽ تشدد برداشت ڪري پاڻ ساٿين سوڌو قوم ۽ سنگت اڳيان سرخرو ٿيو.
رئيس پنهل خان جو پٽ غلام عباس چانڊيو به پارٽي جو بهادر ۽ وفادار ساٿي هو. 88ع واري حڪومت ۾ وزيراعليٰ جو صلاحڪار ٿيو، حڪومت کان پوءِ جهاز اغوا ڪندڙن جو ساٿي قرار ڏيئي کيس گرفتار ڪيو ويو. وڏي اذيت برداشت ڪيائين. رهائي کان پوءِ فورن شادي ٿيس ۽ شادي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٽريفڪ حادثي ۾ سڪرنڊ ويجهو وفات ڪري ويو. بي انتها پيارو ماڻهو هو.