پرو چانڊيو مارجي ويو
ڪالهه ڊاڪٽر چيو ته اکين ۾ سائي پيئي ڏسڻ ۾ اچي، دوائون ۽ آرام ضروري آهي. ڪچهريءَ جي دوستن کان موڪل ورتم، اڄ ڪچهري ۾ ڪو نه ويس. ٿوري دير لاءِ جبار کي اسپتال ڏسڻ ويس، گهڙيءَ لاءِ حسين شاهه سان ڪچهري ٿي. شام جو عالم شاهه، محبوب جروار، غلام رسول زنگيجو، اقبال جروار ۽ عبدالحسين پنهور اسان وٽ ترسيا.
ڪالهه کان پرو چانڊيو جي پوليس هٿان مارجڻ جو تذڪرو جيل ۾ عام آهي. اڄ سڄي عبرت اخبار پروءَ سان ڀري پئي هئي. اخبار جي سرخي هئي ”پرو مارجي ويو“ خبر اهڙي اهميت سان شايع ٿيل هئي ڄڻ مارشل لا نافذ ٿي ويئي. پروءَ جو احوال پروءَ جي ساٿين جو احوال، پوليس جي سورهيائي جو قصو، سڄي اخبار هئي پرو، پرو، سڄي جهان جا ڪيس هئا پروءَ جي کاتي ۾. ظاهر آهي جيڏو ڌاڙيل کي وڏو ثابت ڪبو اوڏوئي پوليس جو ڪارنامو ليکبو.
دادو ضلعي ۽ آسپاس پرو جي وڏي دهشت هئي. پرو جي خاتمي سان في الحال دهشت ۽ بدامني جو دور پورو ٿيو. تان جو وري ڪنهن ڀاڳيل جي کاتي ۾ هيڪاندا ڏوهه وجهي ڪو وڏو ڌاڙيل بڻايو وڃي. ٽيون ڏينهن آءِ جي جو بيان آيو هو ته ”پروءَ جو وقت پورو ٿي ويو.“ (اسان جي پوليس کي ڏوهن ۽ ڏوهارين بابت اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويندي آهي) دادوءَ جي دوستن ٻڌايو ته پروءَ کي پوليس نه پر دشمنن ماريو آهي. اسان وٽ اڪثر ڌاڙيل جي مارجڻ کي پوليس پنهنجي ڪاميابي قرار ڏيندي آهي. مخلوق چوندي آهي ته ڌاڙيل کي دولاب سان ماريو ويو آهي. گنگوءَ جي گوڙ جي خاوند کي خبر.
ٻنپهرن جو غلام رسول جلالاڻي ملاقات تي آيو، ٻڌايائين ته س پ هه ڪ جو ڪم ڪريون پيا، محمد خان کوسو ٽنڊي محمد خان تعلقي جو صدر ٿيڻ لاءِ تيار آهي. شام جو دوستن جي ڪچهري ڏي ويس. دوست پابندي سان ڪچهري ڪن ٿا. شام جو تقريرن جي نشست ٿيندي آهي، انهيءَ ۾ هر ڪو دوست بيهي ڳالهائيندو آهي ته جيئن کيس تقرير ڪرڻ جي تربيت به ملي.
اتان ٿي ٿوري دير لاءِ حسين شاهه سان ڪچهري ڪيم. رات جو فدا حسين ڏيري، بلوچ، منير، سليم ۽ خالد سان ڪچهري ٿي. اڄ ظهور عالم بلوچ صاحب ڏاڍو جذباتي هو، جو آفتاب رضا ۽ بابو غلام حسين ڪن دوستن سان گڏجي بلوچ صاحب وٽ آيا ۽ ڪنفيڊريشن جو پرچار ڪري پنجاب تي ڇوهه ڇنڊي ويا هئا. بلوچ صاحب چوي ته ”سنڌ جا اهي سپوت قائد عوام جي شهادت مهل ڪيڏانهن ويا هئا، پنجاب جي ماڻهن پاڻ کي باهيون پئي ڏنيون ۽ هنن شاديون پئي ڪيون. جڏهن تحريڪ جو وقت هو تڏهن هنن پارٽيءَ سان غداري ڪئي، هاڻ ته حڪومت لاءِ جهيڙو آهي.“ سنڌ جي احساس محروميءَ جا ”نوان ترجمان“ بلوچ صاحب جي گفتگوءَ سان ايم آر ڊي جي جدوجهد جو موضوع ڇڙي ويو. دوستن مون کان منهنجي راءِ پڇي ته مون کين چيو ته ”ڀٽي شهيد جي شهادت سبب پاڪستان ۾ پراڻي روائتي قيادت کان بيگانگي جي لهر اٿي هئي، تنهن کي به ختم ڪرڻ لاءِ هن جدوجهد کي وقت جي ضرورت سمجهي شروع ڪيو ويو. پاڪستان جي مستقل حاڪمن فردن توڙي ادارن کي صاف نظر اچي رهيو هو ته قائدعوام جي شهادت کان پوءِ پئدا ٿيل اڀار ۽ سنڌ جي روايتي وڏيرائي قيادت طرفان قائد عوام جي شهادت تي مجرماڻي خاموشي سبب جيڪا نئين قيادت اڀري رهي هئي، سا ڪنهن به صورت ۾ سندن مفاد وٽان ڪو نه هئي. تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته هڪ سوچ تحت ئي انهن پراڻن ليڊرن جي قيادت ۾ ئي زوردار تحريڪ هلرائي ٻئي مقصد حاصل ڪيا ويا هجن. اهو به ممڪن آهي ته پراڻي قيادت جي گرفتارين کان پوءِ نئين ليڊرشپ جي اڳيان اچڻ واري خوف کان ئي تحريڪ کي مايوس ڪن انداز ۾ ختم ڪيو ويو هجي.“ (عابد زبيري ڪچهريءَ ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته، جتوئي صاحب جو بيان وقتائتو آهي، هاڻ تحريڪ غلط هٿن ۾ وڃي رهي هئي.“)
”هڪڙي پاسي هن تحريڪ کي هڪڙي صوبي ۾ زور وٺائي مٿس بيپناهه تشدد ڪري انهيءَ صوبي جي ماڻهن کي مرڪزي سياست کان بيگانو ڪيو ويو ته ٻئي پاسي سنڌ جي احساس محرومي بابت ڪاغذي ڪاررواين ۽ بيانن جو طوفان کڙو ڪري سنڌ جي ماڻهن جي اڪيلائپ جي احساس کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويو، نه ته ڇا تحريڪ استقلال جو مشير پيش امام ۽ پنجاب جو نسل پرست رهنما دولتانه ۽ ڇا صوبن جي خودمختياري ۽ سنڌي ماڻهن جا حق! اهي ٻئي به چون ته ”صوبائي خودمختياري ڏيو، ڪرنسي، دفاع ۽ خارجه پاليسي مرڪز وٽ هجي، سنڌ سان زيادتي آهي! پنجاب سنڌ سان زيادتي ۾ شريڪ نه ٿئي!“ سبحان الله. رائو فرمان علي به چيو آهي ته پنجاب کي رڳو پاڻ کي پاڪستان نه سمجهڻ گهرجي. ذات پنجابي اردو دانشور ڪاهي پيا آهن سنڌ جي احساس محرومي خلاف جنگ ۾. جڏهن سڄي سنڌ سڙي رهي هئي، تڏهن غير سنڌي دانشورن کي نانگ سنگهي ويو هو. اردو اڪثريتي جماعتن، نوراني واري جمعيت ۽ جماعت اسلامي ٻڙڪ نه ٻوليو سنڌ جي قتلام تي، بلڪه انهن تحريڪ جي مخالفت به ڪئي ۽ ڪٿي ڪٿي ته تحريڪ جي ڪارڪنن سان مقابلا به ڪيا. شهرن ۾ موجود نام نهاد پرولتاريه به هن ڪوس تي خاموش تماشائي هئي. تحريڪ جي ختم ٿيڻ شرط ئي اردو اخبارن کي ياد پئجي ويو آهي ته مهراڻ رنگ ۽ سنڌ ايڊيشن شايع ڪيا وڃن، سنڌي ادب جا ڌڙا ڌڙ ترجما ڪري شايع ڪيا پيا وڃن، جن سرڪاري آفيسرن جا هانوَ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پڇائڻ سان ڏرندا هئا سي به سنڌ جي حقن ۽ احساس محروميءَ جي خاتمي لاءِ جاکوڙين پيا. ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ سندس پارٽي سنڌ جي قتلام مهل چپ، باقي هاڻ ”سنڌ سان ظلم آهي“ جون صدائون بلند ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر صاحبه سرڪاري عهديدار هئڻ جي باوجود غير ملڪي صحافيءَ کي وٺي دادو جيل جو معائنو ڪرايو ۽ ڊاڪٽر صاحبه اعلانيه سنڌو ديش جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيا آهن. اها به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۽ صوبائي خودمختياري جون ڳالهيون پيون ٿين ۽حاڪم چپ آهن! انهن جماعتن جي اڪثر ليڊرن جا ته سنڌ ۽ خودمختياريءَ جي نالي ٻڌڻ سان به نڪاح خطري ۾ پئجي ويندا آهن. جن کي سنڌ ۽ صوبن سان دشمني ڄڻ دين جي ورثي ۾ ملي هجي تن جي ماٺ واقعي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي، ڄڻ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ قومي مسئلي کي شدت سان اٿاريو پيو وڃي.
اها به حقيقت آهي ته پ پ جي رهنمائن جو رويو به جدوجهد کي سنڌ ۾ ئي زور وٺائڻ ۽ محدود ڪرڻ جو پئي لڳو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنجاب ۾ به پ پ جلوس ڪڍيا، گرفتاريون ڏنيون، احتجاج ڪيو پر اتي اها سرگرمي نه هئي جيڪا سنڌ ۾ هئي. پنجاب جي صف اول جي اڳواڻ فاروق لغاري جو رويو آغاز ۾ ئي تحريڪ لاءِ ٿڌو هو. سنڌ ۾ جتوئي صاحب تحريڪ جو باقاعده آغاز ڪري بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته فاروق لغاري انهيءَ وقت به ڪارڪنن کي بلدياتي چونڊن جي تياريءَ جي هدايت ڪئي، پر جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ جو آغاز ٿي ويو ته پنجاب سنڌ سان يڪجهتي طور حصو ورتو. سرحد ۾ به گرفتاريون ٿيون پر اتي تحريڪ جو زور ڪو نه هو. سرحد جي اهم سياسي قوت عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم آر ڊي جي مرڪزي رهنما بلور ته تحريڪ جي آغاز ۾ ئي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ عملي طرح عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي.
خود قيادت تحريڪ کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ ۽ محدود ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو (خبر ناهي ڇو؟) جتوئي صاحب تحريڪ جي آغاز ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي اهڙو لهجو اختيار ڪيو جنهن سان لڳو ٿي ته پاڪستان ليول تي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ نه پر خودمختياريءَ جي جدوجهد جو آغاز ٿي رهيو آهي. پ پ جي حوالي سان سنڌ جي ٻي وڏي شخصيت ممتاز علي ڀٽي به پنهنجي تقريرن ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد کي اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪي جي جدوجهد قرار ڏئي ماڻهن جي قومي جذبي کي اڀاريو. سنڌ ۾ ان وقت جي مقبول رهنما مخدوم خليق الزمان جنهن هن هلچل کي هلائڻ لاءِ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو، تنهن به سنڌ جي سورهيه پٽ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سنڌ جي مارئي بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪري پلاند واري جذبي کي جاڳايو، (يقينن مخدوم صاحب سڀ ڪجهه جذبي ۽ جوش وچان ئي ڪيو ڇاڪاڻ جو مخدوم صاحب ايم آر ڊي جو پاليسي ساز اڳواڻ نه پر نج عوامي رهنما هو، سندس سمورو زور عوام ۾ اڀار ۽ جوش پئدا ڪرڻ تي هو. پنهنجي لب و لهجي جي ڪري ئي عوام ۾ وڌيڪ مقبول هو. هڪڙو مخدوم طالب الموليٰ جو سهڻو پٽ، ٻيو وري ڳالهيون عوامي، تنهن مخدوم صاحب کي عوام ۾ هر دلعزيز بنائي ڇڏيو.) ڀٽي صاحب جي ڪيس دوران به مخدوم صاحب جون تقريرون ماڻهن کي جذباتي ڪري ڇڏينديون هيون. سعيد آباد ۾ هڪڙي جلسي ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ”جن آڱرين سدائين هيرن جون منڊيون ۽ جن ٻانهن سونيون واچون پاتيون آهن، تن ٻانهن ۾ هاڻ هٿڪڙيون پائڻ لاءِ تيار آهيان“ ته ويٺل ماڻهو ڏاڍا جذباتي ٿي ويا ۽ هالا جي مشهور شخصيت حاجي الله داد راهو بي اختيار روئي ڏنو. هڪڙي جلسي ۾ مخدوم صاحب چيو ته ”ڀٽي صاحب جي ڦاسي سڄي سنڌو درياءَ کي ريٽو ڪري ڇڏيندي.“ اهڙيون ڪئين جذباتي ڳالهيون مارشل لا وارن کي سخت ناپسند هيون. سندس تقريرن تي مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ بار بار طلبي ٿيندي هئي.
مخدوم خليق سائينءَ کي 1977ع ۾ سنڌ پ پ جو نائب صدر نامزد ڪيو ويو. انهيءَ زماني کان وٺي 1983ع جي تحريڪ تائين پاڻ ڏاڍو سرگرم رهيو آهي. ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ڏاڍا دورا ڪياسين. ايم آر ڊي جو پهريون جلسو ماتليءَ ۾ ڊاڪٽر اسماعيل ۽ بشير لغاري ڪرايو ته ان جو مهمان خصوصي به مخدوم صاحب ئي هو. ستار بچاڻي صاحب جي ٽوپر گاڏي جيڪا پوءِ ملڪ لعل خان ورتي، تنهن ۾ مخدوم صاحب، بچاڻي صاحب، سائين حسين شاهه، ملڪ صاحب، غازي ۽ آءٌ هوندا هئاسين. سڄي سنڌ ۾ جلسا ۽ گڏجاڻيون ڪيوسين. ٽوپر ۾ به ڄڻ سڄي جهان جون خبرون هيون. اهو دورو به ڏاڍو مزيدار هوندو هو. مارشل لا وارن وٽ اها ٽوپر ۽ ٽيم ڏاڍي بدنام هئي.)
انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ڀٽو شهيد، سندس خاندان ۽ پارٽيءَ لاءِ جيڪو جذبو سنڌ ۾ موجود آهي سو ٻين صوبن جي جذبن کان مختلف آهي. ڀٽو صاحب پاڪستان ۾ جدوجهد جي نشانيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي سورهين مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ دولهه دريا خان واري حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. بينظير صاحبه کي سنڌ ۾ ماروي ملير جي چيو پيو وڃي. پاڪستان کان ترت ئي پوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ پاڻ سان زيادتي ۽ ٻه اکيائيءَ جو احساس پئدا ٿي چڪو هو ۽ انهيءَ احساس کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت وڌائي ڇڏيو. سنڌ ۾ ڀٽو ۽ سنڌ هڪ ٿي ويا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي قتل جو پلاند ۽ قومي ويڙهه گڏجي هڪ ٿي ويون هيون. انهيءَ ڪري سنڌ جي احتجاج ۽ ٻين صوبن جي احتجاج ۾ فرق ٿيڻ فطري هو پر صورتحال تي غور ڪرڻ سان ايئن به لڳي ٿو ته قومي سوال کي اڀاري ڪو خاص مقصد به حاصل ڪيو پيو وڃي. منهنجي خيال ۾ جنرل ضياءَ پنهنجي مخالف سياسي طوفان کي شڪست ڏيڻ لاءِ نسلي نفرتن ۽ مذهبي منافقين جو خطرناڪ هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي. ليڊرن جي نيت ڪهڙي به هجي پر سنڌ جي عوام برصغير جي سياسي جدوجهد جي تاريخ ۾ ناقابل فراموش سونهري باب جو اضافو ڪيو آهي. موجوده جدوجهد جا تڪڙا نتيجا نڪرن يا نه نڪرن پر موجوده تحريڪ پاڪستان جي آئنده جي سياسي اٿل پٿل تي وڏو اثر وجهندي ۽ عوام جي چرپر هر حال ۾ آمريت لاءِ مشڪلاتون ئي پئدا ڪندي.