آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

دوستن جهڙا شاعر ڀائر سادات

(26- مارچ 1984ع)
صبح جو ڪچهري ٿي. 10 وڳي منير سندس، ملڪ صاحب ۽ خانصاحب جو سامان کڻائي ”اي“ ڪلاس ويو. ٻنپهرن جي ماني عطا مون ۽ منير، ملڪ صاحب سان کاڌي. عالم شاهه اتي آيو ڪافي ڪچهري ٿي. 6 وڳي ڌاري ماڻهو آيو، چيائين ته ڊپٽي صاحب توهان کي سڏايو آهي. آءٌ ۽ عطا وياسين ته 19 ساٿين جي نالن جي لسٽ ڏيئي چيائين ته هي ماڻهو تياري ڪن ڇو ته هنن جي آزاديءَ جا آرڊر اچي ويا آهن. لسٽ ۾ قائم خاني صاحب، علي گوهر شاهه ۽ عرس خاصخيلي جا نالا به هئا، ٽيئي اسان جي بئرڪ جا دوست هئا.
شام جو دوستن کان موڪلائڻ لاءِ ڪافي دوست ماڙي وٽ گڏ ٿي ويا. ڪافي دير تائين نعرا هڻندا رهيا. س پ هه ڪ جا دوست عرس خاصخيلي کي وٺي آيا ۽ سهرو به ڳائيندا آيا: ”آهيون ڀٽي جا ماڻهو نئين ديري وينداسين.“ قائمخاني صاحب وڏي قرب مان موڪلايو. آڱرين سان وي جو نشان ٺاهي، جيئي ڀٽو ۽ جيئي سنڌ چئي روانو ٿيو. خانصاحب جيل ۾ توڙي جيل کان ٻاهر به وڏي صبر جو مظاهرو ڪندو آهي. خانصاحب ۽ چاچو سيف الدين واقعي نوجوانن لاءِ مثال آهن، جيل ۾ صبر، همت ۽ سهپ جا. قائمخاني صاحب پ پ پ جي بنيادي ميمبرن مان آهي، شايد ڊاڪٽر مبشر جي گهر تي پهرين گهرايل گڏجاڻي ۾ به هو، پ پ ۾ هيل تائين پڪو پيپلو آهي. سياسي بحث مباحثو ۽ ڪچهريون سندس روحاني خوراڪ آهن. سياسي سڏ جتي به ٿيندس ويندو ضرور.
خانصاحب سٺو مقرر آهي، سندس دليلن سان ڀرپور، مارواڙي لهجي واريون تقريرون ٻڌندڙ کي لطف ڏينديون آهن. سندس تقريرن ۾ اردو ۽ مارواڙي شعر به ماڻهن کي ڏاڍا وڻندا آهن، انهن شعرن کان سواءِ سندس تقرير اڌوري هوندي آهي، اهي شعر ٻڌي ٻڌي ماڻهن کي ياد ٿي ويا آهن. خانصاحب ڪنهن به شعر جي پهرين سٽ پڙهندو مس آهي ته ٻڌندڙ ٻي سٽ ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏيندا آهن.
دیکھ بڑوں کی ریت نہ جائے، پران جائے پر پریت نہ جائے،
پریت کی ریت سدا چلی آئے، جان جائے پر بچن نہ جائے۔
ڀٽي صاحب کي اڃا ڦاسي جي سزا ڪو نه آئي هئي، تڏهن کان ئي خانصاحب مارواڙي شعر پڙهندو هو ته
خدمت کر تو ایسی، جیسے لوٹا ڈوری ڈول،
آپ کھائے پھانسی، پانی پیئے کوئی اور۔
خانصاحب ٻڌايو ته مارشل لا وارا پڇا ڪرڻ مهل انهي شعر بابت ضرور پڇندا هئا. خانصاحب جيل وڃڻ جي ڪنهن به موقعي تي گسايو ڪونهي. پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۾ سندس وڏو احترام آهي.
رات جو بئرڪ ۾ خاموشي هئي، خانصاحب به ڪو نه هو ۽ منير به ڪچهري جو مور، علي گوهر شاهه به آزاد ٿي ويو. سائين علي گوهر شاهه، الله داد چنڊ جي ڳوٺ جي عالم گهراڻي جو فرد آهي. علي گوهر شاهه جو والد سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ڪچهرين جي سونهن سيد احسن الهاشمي آهي. سائين احسن الهاشمي ايم آر ڊي جي تحريڪ تي مثنوي جي طرز تي طويل شعر به لکيو آهي جنهن جو هڪڙو بند مون کي به ياد آهي ۽ اهو جيل ۾ دوستن کي ياد ٿي ويو آهي ۽ هاڻ هر مقرر ان بند کي پڙهندو آهي.
مولوي مشتاق بن شيطان تي لعنت ڪريو
۽ وڏي انوار بي ايمان تي لعنت ڪريو
دشمنان عظمت ميزان تي لعنت ڪريو
قتل ڪُتي جي ڪري هڪڙي قلندر کي ڪيئون
قطره ناپاڪ تان صدقي سمندر کي ڪيئون.
سائين علي گوهر شاهه جو چاچو علي احمد شاهه به شاعر آهي، شايد ”ساقي“ سندس تخلص آهي. سائين علي احمد شاهه به ڀٽي صاحب جي شهادت تي شاعري ڪئي آهي سندس هڪڙو قطعو آهي ته:
مون ڏٺو هڪ ڪوڙ هڪڙي سچ کي ماري ڇڏيو
عظمتن جي نور کي تاريڪين ساڙي ڇڏيو
هي لکيو تقدير جو هو، يا خدا جو هو حڪم
هڪڙي ڪاڻي ڪُتي، هڪڙي راڻي کي ماري ڇڏيو.
علي گوهر شاهه جو وڏو چاچو سائين حيدر شاهه سيشن جج به شاعر آهي. سائين حيدر شاهه هجي يا سائين امير شاهه، احسن الهاشمي سائين هجي يا علي احمد شاهه: سندن ڪچهري، گفتگو ۽ سڀاو جي ڪهڙي تعريف ڪجي. سندن ڪچهرين مان ڪو به ورچندو ڪو نه. وري جيڪڏهن سڀئي ڀائر ڪنهن ڪچهري ۾ گڏ هجن ته سبحان الله، دل چوي ته وقت بيهي رهي ۽ هنن جي ڪچهري هلندي رهي. هڪ ٻئي جو احترام به بي انتها ڪندا پر ڪچهرين ۾ ڪو نه لڳندو ته ڀائر آهن. سڀڪو ڀائيندو ته پيارن ۽ ڏاهن جي چؤياري آهي. هڪٻئي سان چرچا ته ڪندا آهن پر جي وارو لڳندو ته پٽ ۽ ڀائٽي سان به واهه جو چرچو ڪري ڇڏيندا. سائين حيدر شاهه، سائين احسن الهاشمي ۽ سائين علي احمد شاهه مخدوم طالب الموليٰ سائين ۽ سندس فرزند سان لازم ملزوم آهن. چئني ڀائرن جا چرچا، علمي گفتگو ۽ ڪچهرين جي تفصيل لاءِ سچ پچ وڏو داستان گهرجي. هنن بزرگن جو اولاد به هنن وارو ئي ڏيک ڏيندو آهي. سڀئي گڏ، سڀئي هڪٻئي جا دوست.
علي گوهر شاهه 22 اگسٽ 1983ع تي عالم شاهه بخاري، آفتاب رضا مغل ۽ امير بخش هاليپوٽي (ڪوٽڙي) سان گڏ گرفتاري پيش ڪئي. عرس خاصخيلي کان پوءِ بئرڪ ۾ ڀينگ آهي. هن جا پنهنجا ناز ۽ مخصوص ادائون آهن، سچو پچو پيپلو آهي.
ٿوري دير لاءِ ڪچهري ٿي. الله حياتي ڏي چاچي سيف الدين کي، سندس قرب واري ڪچهري، پيار ڀريا چرچا ڀوڳ جاري آهن، ڪافي دير کلندا ۽ پڙهندا رهياسين. عالم شاهه ڪافي دير کان بئرڪ جي سيخن واري در ۾ هٿ وجهيو بيٺو آهي. مختلف هندستاني گانن جا ٻول جهونگاريا اٿس، هينئر جهونگاري پيو ته:
”آواز دي ڪهان هي دنيا ميري جوان هي.“