ڪجهه سپاف ۽ ان جي بانيڪارن بابت
سائين صبح سان ئي تيار ٿي ويٺو پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود پوليس ڪو نه آئي. خبر پئي ته 21 رمضان آهي سو پوليس ڪو نه ايندي. ڊپٽي مارشل لا هيڊ ڪوارٽر وارن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. تن چيو ”پوليس اسين ٿا موڪليون.“ ٿوري دير کان پوءِ پوليس اچي ويئي ۽ سائين حسين شاهه کي هيڊڪوارٽر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ سان وٺي وئي. اٽڪل هڪ وڳي ڌاري حسين شاهه موٽيو تنهن، اچي ٻڌايو ته ”غازي کي به هيڊڪوارٽر وٺي آيا هئا، ان کي حيدرآباد جيل موڪليو اٿن پر جيل وارا کيس نارا جيل ٿا موڪلين.“ عالم شاهه ۽ آءٌ تڪڙا وڃي ماڙيءَ تي پهتاسين، ضد ڪري جيل وارن کان غازيءَ جي ليٽر تي صحيح ڪرائي سون، غازي کي ڪمري تي وٺي آياسين.
اڄ وڏي عرصي کان پوءِ هيءَ چونڪڙي پاڻ ۾ گڏي هئي. اسين چارئي ڄڻا ٻاهر به اڪثر گڏ هوندا آهيون. ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ وقت ته چند ڪلاڪ ڌار ٿي گهر ويندا هئاسين نه ته هر وقت گڏ روز شام جو ملڪ صاحب وٽ ميڙو متل هوندو هو. ملڪ صاحب جو بنگلو مارشل لا وارو سڄو دور پارٽي ۽ ايم آر ڊي جي سرگرمين جو مرڪز هو. مرڪزي توڙي صوبائي ليڊرن جو قيام به هتي ئي ٿيندو هو، رڳو محترمه صاحبه سائين علي نواز شاهه جي بنگلي کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪو نه ترسندي هئي. باقي سڀني اڳواڻن جون سرگرميون ملڪ صاحب واري بنگلي تي ئي هونديون هيون، ملڪ صاحب به وڏي همت ۽ جرئت سان حڪومت جي دٻاءُ جي باوجود پارٽي ۽ ايم آر ڊي کي سرگرم رکيو آيو. ملڪ صاحب بهادر ۽ سٺي دوست هئڻ سان گڏوگڏ وسيع دسترخوان جو مالڪ به آهي، دوست ته دوست پر هر ماڻهوءَ کي ماني کارايو خوش پيو ٿيندو آهي.
ملڪ صاحب جي بنگلي واري روزانه جي ڪچهريءَ کانسواءِ سنڌ جي دورن ۾ به اسان ٽنهي جو وڏو ساٿ رهيو. هر جلسي ۽ جلوس ۾ به سدائين گڏ. اسان جو اهو ساٿ سپاف جي شروعاتي دور کان قائم آهي. (انشاءَ الله اڳتي به قائم رهندو).
حسين شاهه، سپاف جو باني صدر آهي. سپاف جو بنياد 1971ع ۾ پيو. حسين شاهه ان جو صدر، روشن پنهور جنرل سيڪريٽري، اعجاز ميمڻ نائب صدر، غلام قادر ڄاموٽ حيدرآباد ڊويزن جو صدر ۽ غازي صلاح الدين حيدرآباد جو صدر ٿيا. مخدوم رفيق ٽالپر، فقير بخت علي هيسباڻي ۽ ٻيا دوست باني ميمبر هئا. سپاف حڪومت جي آغاز ۾ ئي قائم ٿي. حسين شاهه جو مير رسول بخش خان سان گهرو تعلق هو. هر وقت سندس قيام گورنر هائوس ۾ ئي هو. تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ روشن پنهور وڌيڪ سرگرم هو. سندس تعلق مسعود نورانيءَ سان هو، مسعود وري ممتاز صاحب جو خاص ماڻهو هو. مير صاحب ۽ ممتاز صاحب هڪٻئي سان ڪو نه ٿي ٺهيا، اها اڻبڻت سپاف ۾ به ظاهر ٿي. روشن پنهور ڪوشش ۾ هو ته حسين شاهه کي هٽائي سپاف کي سڄو سارو ممتاز صاحب جي حوالي ڪجي.
روشن جون ڪوششون تڏهن ڪامياب ٿيون جڏهن سپاف طرفان سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ 4 مارچ جو جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسو سپاف جو ۽ سپاف جو چيئرمين گم. انهيءَ ڏينهن بسنت هال اڳيان جيئي سنڌ پاران به 4 مارچ جو جلسو منعقد ڪيو ويو. انهيءَ جلسي جو مهمان خصوصي عطاءُ الله مينگل هو. ان جلسي ۾ ماڻهن جي شرڪت سپاف واري جلسي کان وڌيڪ هئي. اسان واري جلسي جو مهمان خصوصي صوبائي وزير سيد عبدالله شاهه هو، تن ڏينهن سائين عبدالله شاهه قوم پرستيءَ جون وڏيون خبرون ڪندو هو. ان جلسي جي صدارت مولانا عبدالحق رباني پئي ڪئي. جلسو سرڪاري هو پر مولانا صاحب حڪومت خلاف سخت تقرير ڪئي. ان جلسي ۾ ٻئي عوامي مقرر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر به وڏيرن ۽ سرڪار جون لاکون لاهي ڇڏيون. ڪامريڊ وڏيرن ۽ ڪامورن لاءِ پويون ڏينهن هوندو هو. سندس تقرير ٻڌندڙ کي بيزار ته ڪو نه ڪندي آهي، ڪامريڊ تقريرن ۾ پنهنجن پراون کي گاريون به جام ڏئي ڇڏيندو آهي. تقريرن ۾ گاريون ته جيئي سنڌ جو اڳواڻ حفيظ قريشي به ڏاڍيون ڏيندو آهي پر سندس گارين سان گڏوگڏ فڪري نڪتا به ڪمال جا هوندا آهن. رڳو کلائيندو ڪونهي پر کلندي کلندي ٻڌندڙن کي سوچڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيندو آهي.
عبدالواحد آريسر صاحب سان گڏ، ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي پهرين ورسي تي وياسين. ورسيءَ ۾ سائين جي ايم سيد مهمان خصوصي هو. تقريرون ته سڀ سٺيون هيون پر حفيظ قريشي هڪڙي ڳالهه چئي ”مون کي باباءِ سنڌ چوڻ تي سخت اعتراض آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ڪنهن جي ڄائي ڪونهي بلڪه سنڌ، سنڌ وارن کي جنم ڏنو آهي. حيدربخش جتوئي، باباءِ سنڌ نه پر عاشق سنڌ هو، فرزند سنڌ هو.“ انهيءَ جلسي ۾ قريشي صاحب ولي خان تي به ڏاڍي وٺ ڪئي هئي. اردو زبان جي حوالي سان حفيظ صاحب ڪامريڊ ڄام کي ”ولي خان جو ڪئپسول“ چئي ٿي مخاطب ٿيو، انهيءَ زماني ۾ پاڻي جي سخت کوٽ هئي. سنڌو درياهه ۾ واري پئي اڏامي انهيءَ جو ذڪر ڪندي پنهنجي مخصوص لهجي سان سڄي مجموعي کي جذباتي ڪري وڌو. ”چون ٿا ته قومون ڪو نه مرنديون آهن. اڙي جي قومون ڪو نه مرنديون آهن ته درياهه به سڪندا آهن ڇا؟ جيڪڏهن درياهه سڪي سگهن ٿا ته قومون به مري سگهن ٿيون.“
انهيءَ جلسي ۾ راڳ جي محفل به هئي. انهيءَ محفل ۾ مرحوم ڪريم بخش نظاماڻي به دف وڄائيندي ڪافي ڪلام ٻڌايا. هڪڙو ڪلام سائين جي ايم سيد جي پسند جو ٻڌايائين ته:
غمن ۾ به کلندي گذاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو ڇا وساري ڇڏيوسين.
وسارياسين دوکا سڀئي دوستن جا،
نه دشمن ٿياسين ڪڏهن دشمنن جا،
اڱڻ جيڪو آيو کيڪاري ڇڏيوسين.
ڳالهين جي ٻيلي ۾ اصل واٽ وڃايو الائي ڪٿان وڃيو نڪران، ڳالهه هئي سپاف ۽ حسين شاهه جي. هڪڙو حسين شاهه انهيءَ جلسي ۾ ڪو نه آيو، ٻيو وري مير رسول بخش خان ٽالپر جنهن پريس ڪانفرنس ۾ گورنري تان استعيفيٰ ڏني، تنهن جي تصوير ۾ حسين شاهه، مير صاحب جي پويان بيٺل هو. حسين شاهه ڪراچيءَ مان گول بلڊنگ پهتو ته ماحول ئي ٻيو هو، سندس پراڻو ساٿي غازي صلاح الدين به سندس ساٿ ڇڏي روشن پنهور جو حمايتي ٿي ويو هو. حسين شاهه موقعي مهل تي جذباتي به ڏاڍو ٿيندو آهي. يڪدم استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين، مسعود جي خدا ٻڌي، روشن پنهور سپاف جو نئون چيئرمين ٿيو. ممتاز صاحب سپاف جي مڪمل سرپرستي ڪئي. ٻين جماعتن کي به سپاف ۾ ضم ڪري انهن کي نئين سر منظم ڪيو ويو. نئين باڊي ۾ غلام مصطفيٰ ڀٽو ”ماروئڙا فيڊريشن“ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. فتح محمد ڀٽو سکر نائب صدر، هارون سومرو سينيئر نائب صدر (ايس ايس ڪو) اسد ابڙو ماروئڙا ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، گلزار شيخ پنو عاقل، مولابخش چانڊيو اطلاعات سيڪريٽري. نئين تنظيم ۾ نذيرچاڪرائي، نذير شيخ، حاجي رحيم شورو، منظور وساڻ، شفقت شاهه سکر، عبدالله خان ورياهه (جنهن پنهنجي سروري تنظيم سپاف ۾ ضم ڪئي) احمد نواز پيچوهو جيڪب آباد، احمد خان لنڊ دادو، حاجن شاهه سيوهڻ، الله بچايو، امير علي لاڙڪاڻو، فتاح شيخ لاڙڪاڻو، مولابخش ڀٽو سکر، قربان شيخ ، محمد حسن هيلايو ٺٽو، پير واحد بخش جيلاني سڪرنڊ، علي اڪبر خاصخيلي نواب شاهه، مختيار چانڊيو حيدرآباد، حيات ڦل نوشهروفيروز، عبدالڪريم جويو جيڪب آباد، نثار ميمڻ، اسماعيل ميمڻ ٽنڊو محمد خان، اسلم ابڙو جيڪب آباد، بشير ايري، امير علي ايري ميهڙ ۽ ٻيا ڪافي دوست سرگرم ٿيا.
روشن پنهور جو دور تنظيمي سرگرمين جي لحاظ کان سپاف جو بهترين دور هو پر انهيءَ دور ۾ ئي سپاف تي تنقيد به سخت ڪئي ويندي هئي. هونئن ته سنڌ جا مڃيل توڙي اڀرندڙ دانشور قوم پرستي جي حوالي سان پ پ جا سخت مخالف هئا پر ممتاز ڀٽي جي پاليسين، مسعود نوراني ۽ روشن پنهور جي غلط رويي ۽ طريقي ڪار جي ڪري اڻ ڌريا پڙهيل لکيل ۽ آفيسر به سپاف جا مخالف ٿي ويا هئا.
جيئي سنڌ فيڊريشن وارا ڄامشوري جي حدن ۾ ڪنهن به سنڌي شاگرد تنظيم کي برداشت ڪرڻ پنهنجي عقيدي جي خلاف سمجهندا هئا، انهيءَ ڪري ايس اين ايف ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ سان اڻوڻندڙ واقعا پيش ايندا هئا پر جيئي سنڌ جي گهڻي ڇڪتاڻ سپاف سان ئي هئي، انهيءَ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي، مرڪزي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي قانون جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ڪانووڪيشن منعقد ٿيو. ڪانووڪيشن ۾ پيرزادو صاحب ۽ وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي سان گڏ يونيورسٽي جي چانسلر، ان وقت جي گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان به آئي. جساف وڏو گوڙ ڪيو. مهمانن تي وڏي ڪاهه ڪئي ويئي. گورنر جي بيعزتي ڪئي وئي ۽ اسماعيل وساڻ، حفيظ پيرزادي کي ڌڪ هڻي ڪڍيو. انهيءَ گوڙ ۾ پير منور ۽ سندس ساٿين وڏي همت جو مظاهرو ڪري پيرزادي صاحب کي بچائي وڌو، انهيءَ واقعي کان پوءِ حڪومت ۽ جساف وچ ۾ وڏي وٺ وٺان ٿي. انهيءَ دور ۾ ئي سپاف جي ٻن بهادر اڳواڻن جان محمد کيڙو ۽ مردان شاهه کي شهيد ڪيو ويو، الزام جساف جي رهنما يوسف جکراڻيءَ تي لڳو ۽ انهيءَ ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. حڪومت وڏي سختي ڪئي ته جساف جو وفد مدد علي سنڌيءَ جي قيادت ۾ ممتاز ڀٽي سان مليو ۽ يوسف جکراڻي سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ويو.
جساف سان بديع الحسن زيدي صوبائي وزير جي اغوا کان پوءِ به سرڪار وڏي سختي ڪئي پر روشن پنهور جي دور کان ئي جساف سان ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪئي. اها ڇڪتاڻ اڃا جاري آهي. هاڻ ته انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ جساف کي اڻسڌي طرح ضياءَ شاهي جي حمايت به حاصل آهي، جو اڄ جڏهن سڄي سنڌ ضياءَ جي ظلم خلاف سراپا احتجاج آهي تڏهن جيئي سنڌ تحريڪ ۽ سندس قائد ضياءَ جي ثنا خواني ۾ مصروف آهي.
روشن پنهور جي وقت ۾ به سپاف کي سرڪار جي مڪمل بلڪه طاقتور حمايت حاصل هئي پر سپاف وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي سان ايڏي ڪو نه وچڙندي هئي جيڏي وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي سان. ممتاز صاحب عام شاگردن ۽ ورڪرن سان گهٽ ملندو ۽ هجائتو ٿيندو هو، جڏهن ته جتوئي صاحب، سپاف جي گهڻي ڀاڱي رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان پنهنجائپ وارو تعلق قائم ڪري ڇڏيو هو. سندس نرم طبيعت، پارٽيءَ جي هر وڏي توڙي ننڍي کي به وزيراعليٰ سان ڳالهائڻ ۽ مطالبا ڪرڻ جي جرئت پئدا ڪري ڇڏي هئي. جتوئي صاحب جي دور ۾ ئي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سپاف جي اڳواڻن ۾ پرمٽ ۽ پلاٽ جو وڏو رواج پيو، جنهن به جتوئي صاحب کان گهريو سو ڄڻ خالي نه ويو، جنهن نه گهريو ۽ نه ورتو سو سڀني ۾ بيوقوف ٿي لڳو.
حسين شاهه بخاري پهريون دفعو يحيٰ خان جي مارشل لا جي ٻئي ڏينهن گرفتار ٿيو. يحيٰ خان جي مارشل لا ستين محرم جي رات لڳي هئي. انهيءَ رات جواهر جو پڙ نڪتل هو. اهو پڙ رات جو يارهين ٻارهين وڳين ڪاسائين جي پڙ وٽ پهتو ته فوج جلوس کي گهيرو ڪري جلدي جلدي هلائي سري گهاٽ وٺي آئي. هونئن اهو جلوس آڌي رات جو اتي پهچندو آهي ۽ اتي زبردست ماتم ۽ نوحه خواني ٿيندي آهي. انهيءَ رات ماتم ٿڌو هو، فوجي گهيرو ڪيو بيٺا هئا. هڪڙي پڙائي کي فوجي آفيسر الائي ڇا تان چماٽ وهائي ڪڍي ته وٺي ڀاڄ پئي. شربت جا ڊرم وغيره ڪري پيا، انهن آوازن هيڪاري مومن ڊيڄاري وڌا. مومن گهوڙا به ساڻ ڪاهي وٺي ڀڳا. سائين حسين شاهه اتي هو. وڏا وار، مٿي تي پٽي ٻڌل، هڪلون ڪري گهوڙا ۽ مومن ورائي آيو، اچي حلقو ٺاهي يزيديت مرده باد، حسينيت زنده باد جا نعرا هڻي گهڙيءَ لاءِ ماتم ڪرايائين. انهيءَ جي ٻئي ڏينهن حيدر چوڪ تي به نعرا لڳا. انهن ۾ به حسين شاهه شامل هو. ڪيس داخل ٿيو. انهيءَ ڪيس ۾ لالا قادر، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، پير منور گرفتار ٿيا. يوسف ٽالپر جو وڪيل آفتاب آخوند، مسعود جو رسول بخش پليجو، لالا قادر جو منشي عبدالشڪور، پير منور جو پير الاهي بخش هئا. حسين شاهه جي وڪالت ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڪئي. کيس 9 مهينا سزا آئي. وري 26 جنوري 1969ع جي واقعي ۾ گرفتار ٿيو. ٻيا ساٿي هئس يوسف ٽالپر، لالا قادر، اقبال ترين ۽ غازي صلاح الدين. هڪ سال 7 مهينا سزا ڪاٽي آزاد ٿيو، انهيءَ سزا دوران حيدرآباد ۽ ملتان جيل ۾ رهيو، وري ڊاڪٽر افغان تحريڪ ۾ گرفتار ٿيو، گڏ هئس رفيق صفي، آغا زاهد، مسعود پيرزادو، غلام محمد ساريو، شفيق انصاري، لالا قادر، عبدالڪريم انصاري، يوسف شورو ۽ علي اڪبر بروهي. سزا هڪ سال 5 مهينا ڪاٽيائين. وري ضياءَ دور ۾ 12 مهينا نظربند، وري هاءِ جيڪنگ ۾ 5 مهينا نظربند، وري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ 12 مهينا قيد، لک ڏنڊ سزا کان پوءِ 3 مهينا اڻپوري نظربندي.
حسين شاهه سپاف جو ٻيهر به صدر ٿيو. هن کان پوءِ سائين عالم شاهه سپاف جو صدر ٿيو. عالم شاهه به ٽي دفعا طويل نظربنديون وڏي همت ۽ حوصلي سان گذاريون. سندس دور ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان ٿڌو دور هو. عالم شاهه کان پوءِ غازي سپاف جو صدر ٿيو. عالم شاهه سٺو مقرر آهي پر سندس تقرير جوش ڏياريندڙ لهجي بجاءِ ادبي انداز ۾ هوندي آهي.
غازي صلاح الدين 1980ع ۾ سپاف جو صدر ٿيو. غازي واري باڊيءَ ۾ لاڙڪاڻي جو تمام پيارو دوست اياز سومرو جنرل سيڪريٽري ٿيو. غازي کي سپاف ۾ ڪم ڪرڻ جو شروع کان ئي جنون هو. سندس دور ۾ سپاف ڪافي سرگرم رهي. ضياءَ جي سختي وارو دور هو، سرگرمين جي لحاظ کان روشن پنهور کان پوءِ غازي جي صدارت وارو دور سپاف جو سرگرم دور هو. غازي سپاف توڙي ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. غازي ۽ حسين شاهه جو پارٽيءَ جي سٺن مقررن ۾ شمار ٿئي ٿو.
غازي 1969ع ۾ پهريون دفعو گرفتار ٿيو، تڏهن نائين درجي ۾ پڙهندو هو. اها سزا بهاولپور، لانڍي ۽ حيدرآباد جيل ۾ ڪاٽيائين. ٻيو دفعو شيرين سومرو ڪيس ۾ سکر ۽ حيدرآباد جيل ۾ 9 مهينا سزا ۽ 3 مهينا نظربندي. هينئر خيرپور جيل مان حيدرآباد بدلي ٿي آيو آهي.
حسين شاهه، عالم شاهه، غازي ۽ آءٌ جو گڏياسين ته سپاف جو زمانو موٽي آيو، ماضي جون ڳالهيون ڪندي ماڻهو اصل ڪو نه ٿڪبو آهي، ماضي به اهو جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي پهلوان سمجهندو هجي. پوءِ ڪير بس ڪرائي ڳالهائڻ کان. اسين چارئي جو ويٺاسين سپاف جون ڳالهيون دهرائڻ ته سائين اسد الله شاهه مرحوم جون يادون به موٽي آيون. ڪافي دير تائين ان سدا ملوڪ ماڻهو جو تذڪرو ٿيندو رهيو.
اهو به اتفاق آهي ته 3 سال اڳي اڄوڪي ڏينهن تي ئي سائين اسد الله شاهه وفات ڪئي هئي. 21 رمضان تي حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ دادن شاهه جي پڙ تان وڏو ماتمي جلوس نڪري، افطار مهل قدم گاهه مولا عليءَ تي ختم ٿيندو آهي. انهيءَ جلوس ۾ سائين نعيم شاهه مٽيارين وارو گڏيو تنهن ٻڌايو ته ”سائين اسد الله شاهه وفات ڪري ويو آهي، کيس اباڻي قبرستان گنجي ٽڪر تي دفن ڪيو ويو آهي.“ نعيم شاهه اهو به ٻڌايو ته ”سندس جنازي کڻڻ کان وٺي سندس دفن ٿيڻ تائين مسلسل بارش پوندي رهي.“ مون کي ياد آهي ته انهيءَ ڏينهن کان شروع ٿيل بارش ساندهه 3 ڏينهن ٿيندي رهي ڄڻ آسمان به هن زندهه دل، علم ۽ انسان دوست شخص جي لاڏاڻي تي سندس چاهيندڙن جي غم ۾ شرڪت ڪري رهيو هو.
سائين اسد الله شاهه، پيارو ساٿي، شفيق بزرگ ۽ ڀلو انسان هو. وزيراعليٰ جتوئيءَ جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي هو ۽ سپاف جي معاملن جو انچارج به هو. وزيراعليٰ جي او ايس ڊي کان اڳ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمين هو. صوبائي وزير تعليم پيار علي الانا سندس غير موجودگيءَ ۾ بورڊ جي گودامن تي ڇاپو هنيو ته سائين جا صوبائي وزير سان اختلاف ٿي پيا. الانا صاحب جي رويي کي سائين پنهنجي بيعزتي سمجهيو ۽ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. سائين اسدالله شاهه، مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جو نهايت پيارو هو تنهن به احتجاج ڪيو ۽ آخر ڀٽي صاحب جي حڪم تي سائينءَ کي وزيراعليٰ جو او ايس ڊي مقرر ڪيو ويو.
سپاف جي انچارج جي حيثيت ۾ سائينءَ سان ڪچهرين ۽ ملاقات جو آغاز ٿيو ۽ اهو سرڪاري تعلق پيار واري گهري تعلق ۾ تبديل ٿي ويو، سائين جي ڄڻ، حسين شاهه غازي ۽ مون کان سواءِ سرندي ڪو نه هئي. سائين ڪڏهن به محسوس ڪو نه ڪرايو ته ڪنهن ڳالهه ۾ ڪو اسان کان وڏو آهي. سندس رويو سدائين پيار، هجت ۽ دوستي وارو ئي رهيو. سائينءَ سان گڏ سنڌ جي شهرن جا ڪافي دورا ڪياسين. ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون گڏجي گذاريوسين. ڪار ۾ هجون يا ڪنهن جلسي ۽ گڏجاڻي ۾، رات جو سمهڻ جي تياري هجي يا صبح جي سنبت، سائين جي قرب واري ڪچهري جاري هوندي هئي. سائينءَ سان حسين شاهه جون هجتون ۽ سائين جا تبصرا ۽ جواب سبحان الله .
سائين مختلف شهرن جي دوري دوران ڪنهن نه ڪنهن شخص لاءِ چوندو هو ته ”حسين شاهه، هي ماڻهو مون سان گڏ پڙهيو اٿئي.“ هڪڙي ڏينهن اسد الله شاهه ڪنهن دوست جو ساڳيو تعارف ڪرايو ته حسين شاهه چيس ”سائين اوهين وڻن جي هيٺيان پڙهيا آهيو ڇا؟“ سائين پريشان ٿي پڇيو ڇو؟ حسين شاهه چيس ته ”جيترا ماڻهو اوهان ڏسيا آهن اوترا ماڻهو ته ڪنهن ڪلاس روم ۾ ماپي ڪو نه سگهندا، تنهنڪري سمجهيم ته اوهين شايد وڻن هيٺان پڙهيا آهيو.“ پوءِ سائين وڏو ٽهڪ ڏئي نج ٽکڙائي لهجي ۾ چيو ”اي حسين شاهه، آهي تو واري ڳالهه سچي.“ حسين شاهه سان سدائين خليفو گڏ هوندو آهي. سائينءَ جو ساٿي ورلي ڪو رئيس غلام حيدر وانگر صبرائتو، گهٽ ڳالهائو هوندو آهي، نه ته سائينءَ وارو خليفو پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. يعني صفا سوکڙي هوندو آهي. تن ڏينهن ٻين دوستن کانسواءِ پيارو دوست صديق يوسفاڻي به هميشه حسين شاهه سان گڏ هوندو هو. صديق جي اک ۾ ٿورو فرق آهي پر سٺو دوست ۽ زنده دل انسان آهي. ڄاڻي واڻي رکي رکي کنگهڻ مهل هڻڪار ڪندو هو. اهڙيون ٻه ٽي کنگهڪارون، سائين اسدالله شاهه جي اڳيان به ڪيائين. سائين ڪافي دير صبر ڪري حسين شاهه کي چيو ”اي حسين شاهه، اسين ڪي ڀاڙيا آهيون!؟“ حسين شاهه چيو ”سائين خدا جي پناهه، خير آهي؟“ سائين چيو ” نه نه ٻڌاءِ، اسين ڀاڙيا آهيون؟“ اهو سوال سائين اسدالله ٻه ٽي دفعا زور ڏئي حسين شاهه کان پڇيو، ( سائين اسد الله شاهه ڀاڙِ ئي جي جاءِ تي ٻيو لفظ استعمال ڪيو هو) حسين شاهه چيو نه ”سائين، اوهين اهو ڇو پيا چئو؟“ تڏهن اسدالله شاهه چيو ته ”پوءِ تو وارو هي ممڙو سڄو ڏينهن ڇو ويٺو منهنجي آڏو کنگهڪارون ڪري.“ صديق وري کنگهڪار ڪو نه ڪئي پر پوءِ جڏهن به صديق سامهون ٿي آيو دوستن ٽهڪ ٿي ڏنا.
سائين سنڌ جي نامور ماڻهن سان ڪچهريون ۽ ملاقاتون ڪيون هيون، اڪثر ڪچهرين ۾ سائين انهن جا احوال به پيو ٻڌائيندو هو. سائين پير عبدالستار جان سرهنديءَ کان ڏاڍو متاثر هو، ڏاڍي تعريف ڪندو هو پير صاحب جي، چوندو هو ته ”پير عبدالستار جان ۽ مخدوم محمد زمان سنڌ جا حسين ترين انسان آهن.“ سائين اسد الله شاهه، پير صاحب جي شڪل صورت سان گڏوگڏ سندس علم ۽ معاملا فهميءَ جي به تعريف ڪندو هو. چوندو هو ته پير صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌ جي سمورن سياسي توڙي سماجي شخصيتن لاءِ قابل احترام ۽ قابل اعتبار شخصيت هو.“
سائين اسدالله شاهه مخدوم صاحب جي تعريف ڪندي ته اصل ڪو نه ٿڪبو هو. ٻڌائيندو هو ته سندس تعليم حاصل ڪرڻ جو سهرو به مخدوم صاحب تي آهي. ٻڌائيندو هو ته ”مون اڳٺ ۽ گنجيون اُڻي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.“ انهيءَ سلسلي ۾ سيد ميران محمد شاهه جي به تعريف ڪندو هو. سائين اسدالله شاهه بهترين شاعر به هو، علمي ادبي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو پر کيس پنهنجي غربت جي ڪري گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو. ”مخدوم صاحب جي محبت ۽ سرپرستي ۽ سائين ميران محمد شاهه جي مدد کانسواءِ آءٌ هن منزل تي اصل ڪو نه پڄان ها.“ سدائين پيو چوندو هو.
سائين هڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته ”شاهه ڀٽائيءَ جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس جي شروعات هئي. مخدوم صاحب ۽ ميران محمد شاهه انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي سرگرم هئا. ڪوششون وٺي سمورن وڏن ننڍن شاعرن، اديبن کي گڏ ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري شاعري جي آخري ڏينهن مخدوم صاحب، مولانا گرامي، عقيلي صاحب ۽ مون کي ڪار ۾ چاڙهي هالا وٺيو پئي ويو. ڪار ۾ اڳيان مخدوم صاحب ويٺل هو، پوئين سيٽ تي هڪڙي پاسي گرامي صاحب، ٻئي پاسي عقيلي صاحب ٻئي پهلوان گوڏا کولي ويهي رهيا، وچ ۾ آئون رڳو نالي ماتر سيٽ تي هئس پر ڪڇي ڪو نه ٿي سگهيس. گاڏي هلندي ٻنهي بزرگن مان ڪنهن چيو ته ”اسدالله شاهه تنهنجي ڪپڙن ۾ پگهر جي ته ڪيڏي ڌپ آهي.“ اها ڳالهه مخدوم صاحب به ٻڌي. مخدوم صاحب گاڏي ۾ رکيل فروٽ مان ڪيلو ڪڍي مون کي چيو ته کائو. مون اڌ کاڌو ته مخدوم صاحب مون کان ڪيلو وٺي اڌ پاڻ کاڌو ۽ پوءِ چيائين ته ”عقيلي صاحب، اسدالله شاهه جي ڪپڙن ۾ پگهر جي ڌپ نه پر پيار جي خوشبو آهي.“ سائين اسدالله ٻڌايو ته ”انهن ڏينهن مون وٽ ڪپڙا گهڻا ڪو نه هئا، هڪڙي وڳي ۾ ئي ڀٽ شاهه ويو هئس. سڄو ڏينهن ادبي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ مصروف رهندو هئس ۽ رات جو اهو وڳو ڌوئي، سڪائي صبح جو پائيندو هوس. ميڙي جي آخري ڏينهن وڳو ڌوئي ڪو نه سگهيس ۽ اڻ ڌوتل ڪپڙن سان ئي مخدوم صاحب سان گڏ هالا وڃي رهيو هوس پر مخدوم صاحب جي محبت منهنجي هميشه لاءِ عزت وڌائي ڇڏي.“ سائين مخدوم صاحب سان گذاريل وقت جا ڏاڍا مزيدار ۽ دلچسپ قصا ٻڌائيندو هو. سائين اهو به ٻڌايو ته عقيلي صاحب ۽ فقير عيسيٰ خواجه (ميرپور بٺورو) ڇير ٻڌي مخدوم صاحب جي محفل ۾ نچندا هئا. انهن محفلن ۾ مخدوم صاحب پاڻ به باجي تي ڳائيندو هو.
فقير عيسيٰ، پيريءَ ۾ مون به ڏٺو. جواني ۾ حسين شخص هوندو هو. فقير صاحب ڏاڍو نفيس ماڻهو، ٺٽي ضلعي جي لٺ وڏيرن جي گروپ جو اهم رڪن هو. غريبن سان گهٽ پوندي هئس. جڏهن مون ڏٺو تڏهن به نوڪرن کانسواءِ ورلي ڪو ماڻهو ايندو هئس. بنگلي تي ڪچهري لاءِ سواءِ انهن سياسي ڪارڪنن جي جن کي سندس سرپرستي حاصل هئي ۽ جيڪي سرگرم ئي رڳو هن جي صلاحن مڃڻ لاءِ هئا. انهن جو گهڻو ڪم تنظيم ۽ سندن عهديدارن ۽ برانچن خلاف پڪارڻ هو. فقير صاحب انهن ڏينهن ماڻهن بجاءِ جانورن سان وڌيڪ پيار ڪندي نظر ايندو هو. فقير صاحب کي محمد خان سومرو ۽ سندس ورڪرن ۽ جيالن جي ٽيم بنهه ڪو نه وڻندي هئي. ورڪر به گهٽ ڪو نه ڪندا هئا، جو جيڪي وڏيرا پارٽيءَ ۾ شامل ڪو نه ٿيا سي ته ٺهيو پر جيڪي شامل ٿيا تن جا به تڻ اهڙا تپائيندا هئا جهڙو اڄ به اهي دشمن ئي هجن. وڏيرن به گهٽ ڪو نه ٿي ڪئي، پنهنجا ڪيئي جيالا بڇي ڇڏيا هئائون. تنظيم کي، پر فقير صاحب پاڻ به عملي طرح انهن جيالن جي مڏي ڦٽائڻ پويان هو. الائي ڪٿان فقير صاحب ٽيپ رڪارڊ جي اها ڪيسٽ هٿ ڪئي جنهن ۾ اها محفل رڪارڊ ٿيل هئي جنهن ۾ محمد خان سومرو ۽ ٻيا جيالا شريڪ هئا. گلاسن جي ٽڪرجڻ جا آواز ۽ ابراهيم منشيءَ جي آواز ۾ سندس شاعري (جنهن لاءِ چيو ويو ته ڀٽي صاحب ۽ سندس خاندان خلاف آهي) به رڪارڊ ڪئي ويئي هئي. فقير صاحب اها ڪيسٽ، وزيراعظم ڀٽي صاحب، وزيراعليٰ ۽ پارٽيءَ جي سمورن عهديدارن ڏي موڪلي. اها ڪيسٽ فقير صاحب مون کي به ٻڌرائي. محمد خان سومري ۽ منشي خلاف انهيءَ ڪيسٽ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.
فقير صاحب وٽ سائين اسدالله شاهه سان گڏ ويو هوس. ڏاڍيون پراڻيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون هيون. سائينءَ سان گڏ اڪثر ڪراچي هوٽل جي ان ڪچهريءَ ۾ به شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ ان وقت جا نامور دانشور، فنڪار ۽ سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيندا هئا. سائين ان ڪچهريءَ ۾ گهڻو ڪري گرامي صاحب سان ملڻ هلندو هو.
سائين اسدالله شاهه پنهنجن گهڻن معاملن جي سلسلي ۾ حافظ شيرازيءَ جي ديوان تي فال به وجهندو هو. حافظ ۽ خيام ٻڌائيندي سائين مست ٿي ويندو هو.
سائينءَ کي پنهنجي پهرين گهرواري سان ڏاڍو پيار هو ۽ اڪثر کيس ياد ڪندو هو. ٻڌايائين ته ”پهرين گهرواريءَ جي وفات کان ڪجهه ڏينهن پهرين منهنجي عجيب غريب اداسي واري ڪيفيت هئي ۽ انهيءَ ڪيفيت ۾ ئي مون به ٻه قطعه لکيا ۽ عجيب اتفاق ٿيو ته جنهن ڏينهن مون اهي قطعه مڪمل ڪيا، انهيءَ ڏينهن پهرين گهرواريءَ جو انتقال ٿي ويو، ٻنهي قطعن جون پهريون سٽون مون کي ياد آهن. هڪڙي قطعي جي سٽ هئي ”حسرتون ويئون گذاري ٿي خفا“ ٻي قطعي جي پهرين سٽ هئي، ”دل ۾ آهن حسرتن جا سوَ مقام.“ سائين کي سهڻي شاعري ۽ گانا ٻڌندي به ڏاڍو لطف ايندو هو. سائين اڪثر ٽوئر ۾ غازيءَ کان ٻڌندو هو.
یہ عالم شوق کا دیکھا نہ جائے،
یہ بت ہے یا خدا دیکھا نہ جائے۔