قادر ڀان، يونس ڀان ۽ حنيف سرواڻ کي جيل ۾ ڪوڙا هنيا ويا
شام جو ڇهين وڳي ڪورٽ وارڊ ۾ دعوت جو سڏ هو. دعوت ۾ ويس ته 25-30 دوست ويٺا هئا. هڪڙي دوست اٿي ٻڌايو ته هيءُ دعوت بخت کهاوڙ طرفان محترم يونس ڀان ۽ قادر ڀان جي رهائيءَ جي خوشي ۾ منعقد ڪئي ويئي آهي ۽ اوچتو اهو به اعلان ڪيائين ته ”هاڻ مولابخش چانڊيو ٻه اکر ڳالهائيندو.“ اعلان اوچتو ته هو پر هاڻ هر ڪچهريءَ ۾ تقرير لازمي مضمون ٿي ويو آهي. هر تقريب ۾ پنهنجي تقرير به دعوت جي چانهه سان گڏ ضروري ٿي ويئي آهي، سو ٻه اکر ڳالهايم.
قادر ڀان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو دوست آهي ۽ يونس ڀان پارٽي جو ساٿي آهي. سپاف جو پراڻو يار آهي. راڻي خان ڀٽي جي زماني ۾ تعلقي سجاول جو نائب صدر هو. ٺٽي ۽ سجاول جي اسٽيج جو به سٺو اداڪار آهي. گرفتاريءَ کان اڳ ۾ ٺٽي شگر مل ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ هو، ٺٽو شگر مل مزدور يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري به آهي. يونس ۽ قادر 18 سيپٽمبر 1983ع تي جلوس ۾ گرفتاري پيش ڪئي. هنن سان گڏ حنيف سرواڻ ۽ محسن سنڌي به گرفتار ٿيا. هي ٻئي دوست به وڏا صبرائتا ۽ همت وارا دوست آهن. محسن سنڌي سپاف جو پراڻو دوست آهي. گرفتاري جي ڪري نوڪري ختم ٿي ويئي اٿس پر غريبي سندس همت کي ڪمزور ڪو نه ڪيو آهي. قادر ڀان کي هڪ سال 10 ڪوڙا ۽ 6000 رپيا ڏنڊ جي سزا ملي. قادر ڀان، يونس ڀان ۽ حنيف سرواڻ کي ڪوڙا هنيا ويا. حنيف جي بنهه ڪمزور جسم کي ڏسي ڪو به اعتبار ڪو نه ڪندو ته هن ڪو وڏي همت سان ڪوڙا کاڌا ۽ صبر سان جيل ڪاٽيو هوندو.
سجاول ۽ ٺٽي ۾ هن جدوجهد ۾ اڳتي رهيو. هتي جا ڪافي دوست گرفتار ٿيا. هنن دوستن تي جلوس دوران تشدد به گهڻو ڪيو ويو. سجاول جي گرفتار دوستن ۾ بابو شاهه، شاهد شاهه، شفيق شاهه (ٽئي ڀائر) ارشاد جتوئي، عبدالستار ميمڻ، يعقوب عمراڻي، ٻڍو، سمن پارهيڙي، اڪبر شاهه، حاجي ٻاگهل، سرويچ سجاولي، عثمان سرويچ، عبدالواحد خليفو، غلام حسين لغاري، صديق، عمر ڀان، عبدالغفور شيخ، عاليجاهه ميمڻ، پير هاشم شاهه، پير محمد شاهه، پير قطب شاهه، پير گل حسن شاهه، ڪرم علي، فاروق درس، سرتاج، مارو شورو، نياز ڀٽي ۽ ٻيا سجاول مان اٽڪل 54 ساٿي گرفتار ٿيا. پ پ جي مٿين دوستن کان سواءِ عوامي تحريڪ سان واسطو رکندڙ دوست به شامل آهن.