جيل جي سوڙهه ۽ بيزار ڪندڙ خوش خيرعافيت
ڪاري فئڪٽري دوستن سان ڀرجي وئي آهي. وڏيون ڊگهيون بئرڪون به ڀرجي ويون آهن. سنگتي ويٺا هوندا آهن ته گوڏو گوڏي سان هوندو آهي. هڪ ٻئي وٽ اٿي گهٽ ايندا آهن. ڪَنڌ، ڪلهن جي وٿين مان ئي هڪ ٻئي کي ڏسيو پيا مرڪندا ۽ ڪنڌ لوڏي اشارن ۾ ڳالهائيندا آهن. ميهڙ جو هڪڙو پيارو دوست، نهايت سادو سٻاجهڙو ۽ يگانو پيپلو، پنهنجن سمورن سينئر دوستن کي بار بار سلام ڪندو آهي. حسين شاهه به ورڪرن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي، تنهن کي ته اهو ميهڙ وارو دوست اٿندي ويهندي کلي چوندو آهي ”سائين خوش آهيو نه؟“ ٻه ٽي دفعا خيريت پڇڻ ۽ سلام ڪرڻ کان پوءِ حسين شاهه سائين، ان ورڪر جي ڏاڍي تعريف ڪئي، چئي: ”ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي، ڏاڍي نيازمندي سان پيش ٿو اچي، وڏي اخلاق وارو آهي.“ بئرڪ ۾ بند ٿي ويهندا هئاسين ته ڪنڌ جي وٿين مان يا جيڏي مهل به انهيءَ دوست جي حسين شاهه تي نظر پوي ته پري کان ئي کلي اشاري ۾ چوي ته ” سائين خوش آهيو نه؟“ انهيءَ خوش خيرعافيت حسين شاهه کي بيزار ڪري وڌو. هڪڙي ڏينهن چيائين ”مولابخش خان انهيءَ کي جهل، اهو سلام ڪري ڪري مون کي چريو ڪري ڇڏيندو!“ بئرڪون ڀرجي ويون، کاڌين ۽ فراسين ٺاهڻ جي آڏاڻن ۾ به ساٿين جون پاٿاريون وڇايون پيون هيون. پراڻي ڦاسي گهاٽ ۽ بند وارڊ ۾ به دوستن کي رکيو ويو ۽ اهي سڀ ڀرجي ويا ته ڪافي دوستن کي اڇي چڪر جي ننڍي وارڊ ۾ موڪليو ويو. دوست وڌيا ته مسئلا به وڌي ويا. پاڻي پورو نه ملي، راشن به سولو نه هجي، (راشن ۾ ته دال جي جاءِ تي الائي ڇا پئي کارايو ويو، جو انهيءَ دال جي ڪري، اڪثر دوستن کي پيٽان رت اچڻ شروع ٿي وئي. ڪن دوستن دال کي ڏسي ٻڌايو ته اها دال نه پر جنتر آهي. (جنتر زمين مان ڪلر ختم ڪرڻ لاءِ پوکبو آهي). اسپتال جون سهولتون به اڻپوريون، ملاقات ۾ به مشڪلاتون، مسئلن جي حل لاءِ دوستن نعره هڻڻ ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن پئي عيد ويجهي آئي تيئن دوستن چوڻ شروع ڪري ڏنو ته عيد نماز گڏجي پڙهنداسين. سڀاڻي عيد آهي تنهن ڪري اڄ نعرا جام لڳا. جيل انتظاميه اسان مان چند دوستن کي ٻين وارڊن ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو ته جيئن انهن سان ملي مسئلي کي حل ڪريون ۽ نعرا بند ڪرايون.
دوستن جي صلاح سان عبدالسلام ٿهيم، ملڪ لعل خان، قاضي محمد بخش ڌامراهه، غلام رسول انڙ، ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو ۽ آءٌ چڪر ڏي وياسين. دوستن جا مسئلا به ٻڌاسين ۽ کين سمجهايوسين به، دوستن سان ملي وري جيل انتظاميه سان ملياسين. نيٺ فيصلو ٿيو ته ”مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون وٺون ٿا ۽ سياسي قيدين کي عيد نماز گڏ پڙهڻ جي اجازت به ڏيون ٿا.“
اسيرن جي عيد ۽ “اشرافن” جا اهنج
(18- سيپٽمبر 1983ع)
اڄ عيد جو ڏينهن هو. جيل انتظاميه صبح کان ئي پريشان هئي. اڇي چڪر ۾ نعرا لڳي رهيا هئا. نعرو جيل جي وڏين بغاوتن مان هڪڙي بغاوت آهي. انتظاميه جو ساهه پئي نڪتو، چيائون اهي نعرا بند ڪرايو. ڪجهه دوست وري اڇي چڪر وياسين. ڪي دوست اڃا تياريءَ ۾ هئا پر وڏي اڪثريت تيار ٿيو اسڪولي ٻارن جيان اسيمبليءَ ۾ بيٺي هئي. سڀئي دوست قطارن ۾ هئا ۽ چند دوست ورانڊي ۾ ٿورو مٿي بيٺا هئا. سندن سامهون ننڍي سڪل وڻ ۾ ڪارو جهنڊو جهولي رهيو هو. ورانڊي ۾ بيٺل دوست اسماعيل اداسيءَ جو گيت ”موري ميهڙ دادوءَ ۾ ڊاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا“ ڳائي رهيا هئا. ماحول ڏاڍو جذباتي هو، نعرا به هڻي رهيا هئا ته ڪن ساٿين جي اکين ۾ لڙڪ به هئا.
جا عمر! تو مل عيد، سا سوءَ ورتي سين سومرا،
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو مُلڪ ملير جا.
دوستن سان ڳالهائي وارڊ ڏي موٽي اچي نماز جي تياري ڪئي سون، نماز جو وقت به اچي ٿيو، نماز ۾ اٽڪل 900 کن دوست جماعتي هئا. هر بديءَ ۾ ڪا نيڪي به لڪل هوندي آهي، سو جيل ۾ ته هئاسين پر اها ڳالهه چڱي ٿي ته هيترن سارن دوستن، مهربانن ۽ سياسي ساٿين سان گڏجي عيد نماز پڙهڻ جو موقعو مليو، ”مارشل لا وارن کي شاباس، جن محبتي ميڙيا...“ سڄي سنڌ جا دوست گڏ هئا، جن سان ملڻ ۾ سال ۽ مهينا ٿي لڳا، سي سڀ عيد تي گڏ هئا. اڄ عيد نماز ۾ ورڪر توڙي رهنما جيل ۾ گڏ هئا. ورڪرن جو ته خير آهي پر سنڌ جا وڏا ماڻهو جن لاءِ در تي پوليس اچڻ ۽ جيل بيعزتي ۽ بدناميءَ جي ڳالهه هئي، سي به جيل ۾ اهڙو خوش هئا جهڙو ڊاڪٽر ڏس ڏنو هجين جيل جو. ڪاش هي خانداني ۽ اشراف ماڻهو اهڙي مڙسي اڳ ۾ ڪن ها ته ممڪن هو ته پ پ ۽ سنڌ وارن کي موجوده صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوي ها. خير وقت گذري ويو، جا رب کي وڻي.
گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا سڀ وئا،
تنهان پوءِ سئا، سهڻي سڏ ميهار جا.
اڄ نماز ۾ رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي، عاشق حسين جتوئي، نواب يوسف ٽالپر، مير اعجاز علي ٽالپر، ممتاز علي ٽالپر، مير مشتاق ٽالپر، سيد اميد شاهه رضوي، پير آفتاب شاهه جيلاني، حاجي محمد صديق شورو، پير مظهرالحق، عبدالسلام ٿهيم، غلام رسول انڙ، پير علي بهادر شاهه، عبدالله هاليپوٽو، سيد شبير شاهه (نواب شاهه) ۽ ٻيا سنڌ جا نامور اڳواڻ ۽ مانوارا ورڪر دوست شريڪ هئا. نماز کان پوءِ وڏا اڳواڻ ڪاري فئڪٽري جي دوستن سان ملڻ لاءِ بئرڪن ۾ به ويا. اسان جي بئرڪ ۾ آيا ۽ گهڙيءَ لاءِ ويٺا. سڀني دوستن صلاح ڪري ڳائڻ جي محفل مچائي، ڪافي دوستن گيت ٻڌايا. دوستن جي حڪم تي پروگرام جي انائونسمينٽ مون پئي ڪئي، ڪن دوستن فرمائش ڪئي ته سرويچ سجاوليءَ جو قبله مخدوم طالب الموليٰ لاءِ چيل گيت ٻڌايو وڃي. سرويچ جو گيت ”اڃا تحريڪ کي اڳتي وڌاءِ اي طالب الموليٰ“ ڀٽ شاهه جي دوست ذوالقرنين شاهه ڏاڍي پياري آواز ۾ سُر ۾ ڳايو ۽ داد وصول ڪيو.
گيتن جي محفل پوري ٿي ته اسين عيد وارو ٽيلارو ڏيڻ لاءِ نڪتاسين.”بي“ ڪلاس وياسين ته خبر پئي ته ڪافي وڏا اڳواڻ مون کان ناراض آهن. ڪن ڳالهه دل ۾ رکي، ڪن منهن گهنجايو پر مير اعجاز ٽالپر چئي ڏنو ته ”توهان سٺو نه ڪيو، اسان کي اعتراض آهي ته اوهان مخدوم جو ڪلام ڳارايو ۽ تعريف به ڪئي پر جتوئي صاحب جيڪو اسان جو اڳواڻ آهي، جنهن تحريڪ هلائي آهي ۽ جنهن جي چوڻ تي، سنڌ جا هيترا سارا خاندان جيل آيا آهن، تنهن لاءِ ڪجهه به ڪو نه چيو.“ مون کيس سمجهايو ته ”اوهان کي هروڀرو غلط فهمي ٿي پئي آهي، جتوئي صاحب خلاف ڪا به سازش ڪو نه ڪئي اٿئون، سرويچ مخدوم صاحب لاءِ لکيو، ڀٽ شاهه جي دوست ڳايو، سڄي سنگت کي پسند هو انهن فرمائش ڪئي. بس ڳالهه ايتري آهي. مخدوم صاحب لاءِ چند لفظ چوڻ ڏوهه ڪونهي. مخدوم صاحب جي مريدن سان به بئرڪ ڀري پئي آهي، سندس پٽ به وڏي بهادري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي پٽن ۽ جماعتن سوڌو پهريون ڀيرو وقت جي حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي، ان لاءِ چند لفظ چيم ته ڏوهه ڪو نه ٿيو، باقي جيستائين جتوئي صاحب جو تعلق آهي ته انهيءَ ۾ ڪنهن کي به شڪ ناهي ته موجوده تحريڪ جو صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻ جتوئي صاحب به پنهنجي خاندان سوڌو هن تحريڪ ۾ شريڪ آهي ۽ جتوئي صاحب جي اڳواڻيءَ کي ڪنهن به چئلينج ڪو نه ڪيو آهي. اها به حقيقت تسليم ڪريون ٿا ته اوهان ۽ ٻيا خاندان جتوئي صاحب جي چوڻ تي ئي آيا آهيو.“ اڳواڻن جون تکيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي، گهنجيل منهن ۽ اکين جا اشارا ڏسي، ڪاري فئڪٽري ورياسين. غازي، قادري ۽ ٻيا دوست ڪافي دير انهيءَ ڳالهه تي تبصرو ڪندا رهيا.
مير اعجاز صاحب جي چڙ ڏسڻ جهڙي هئي. خدا جو شان آهي يا آمريڪا جو ڪمال، نه ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ۽ حڪومت واري وقت ۾ مير اعجاز کي جتوئي صاحب اکين ڏٺي ڪونه وڻندو هو. مير صاحب جتوئي صاحب جو وڏو مخالف هو، ۽ اڄ وڏو وڪيل آهي. مير اعجاز صاحب جي مخدوم صاحب سان شايد اصل کان ڪو نه پوندي آهي، (خبر ناهي ڇو). ڀٽي صاحب جي حڪومت جا آخري ڏينهن هئا. ممتاز ڀٽي صاحب کي حڪم ٿيو ته سنڌ جو دورو ڪري، ممتاز صاحب ڪراچي کان دورو شروع ڪيو. مخدوم خليق سائين به انهي دوري ۾ وڏو جلوس وٺي گهگهر ڦاٽڪ وٽ شريڪ ٿيو. غازي، آءٌ، علي احمد خان، نواب دل، نواب وزير به گڏ هئاسين. ٺٽي ۾ جلسو ٿيو. جلسا ڪراچي کان ٺٽي تائين تقريباً هر بس اسٽاپ تي سٺا ٿيا. رات جو ڪينجهر تي دعوت هئي. اسين ته ڪو نه وياسين پر مخدوم صاحب انهيءَ دعوت مان اچي ٻڌايو ته ”مير اعجاز سان تلخ ڪلامي ٿي پئي، مير اعجاز هروڀرو جهيڙو ڪيو.“ مير اعجاز هر گڏجاڻي ۾ چوندو آهي ته ”مخدوم صاحب هڪڙي تعلقي جو ليڊر آهي ۽ اسين ٽن ضلعن جا ڌڻي آهيون.“ مير صاحب ٺٽي، بدين ۽ حيدرآباد کي پنهنجي کاتي ۾ سمجهندو آهي. ڀٽي صاحب جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي مان به ٽن ضلعن جي ٽڪيٽن گهرڻ تان واڪ آئوٽ ڪري نڪتو هو. مير اعجاز صاحب جي اها ڳالهه به سچي هئي ته ”جتوئي صاحب جي حڪم تي جيل آيا آهن.“واقعي ڀٽي صاحب يا پارٽيءَ لاءِ جيل اچن ها ته گهڻو وقت اڳ ۾ اچن ها. ڏاڍي مزي واري ڳالهه ياد آئي آهي. صاحبزادي بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي پهرين دوري ۾ ٽنڊي محمد خان پهتي ته مير اعجاز خان طرفان دعوت هئي. بنگلي تي ننڍڙو جلسو به ٿيو. مير اعجاز آجيان جي تقرير ڪندي شاهه جو شعر پڙهيو ته ”اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون...“ غازي، حاجن ۽ آءٌ به جلسي ۾ هئاسين. ڀر ۾ ويٺل اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور مير صاحب جو شعر ٻڌي يڪدم چيو ”متان اڳتي وڌيا آهيو، اتي بيٺا هجو، مڙس ڪُسي ته ڪسجي وڃي اوهين اڳتي وک نه وڌجو!“ سو مير صاحب وارا ته اڳتي وڌڻا ڪو نه هئا، سک سان ويٺا هئا پر جتوئي صاحب الائي ڪهڙا ڪلام ٻڌائي هنن کي جيل آندو آهي. جتوئي صاحب جي انهن آسرن تي گهڻا اشراف ڏينهن ڳڻيندا آهن. انهن آسرن تي آيل هڪڙو يار ڏاڍو بيچين آهي. ڏينهن سج ۽ واچ ڏسندي گذاريندو آهي. هر صبح جو خوشخبري ٻڌڻ لاءِ اٿندو آهي. جيل ۾ ڪافي ڏينهن گذريا ۽ جڏهن ”نه تون آئين صنم سهڻا ۽ نه قاصد ئي وري موٽيو“ ته همراهه پريشان ٿي ويو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙيو پوي. ڏوهه ڪو نه اٿس، جيالو ڪونهي، نه ڪو ڀٽي صاحب جي پلاند لاءِ آيل آهي. هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ آيو ته ”غوث بخش بزنجو صاحب ايم آر ڊي ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو اٿس.“ سڀئي دوست خوش ٿياسين پر هي سنگتي ناراض ٿي پيو. چئي ”اها سازش جتوئي صاحب جي تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. هي ڪميونسٽ چاهين ٿا ته آمريڪا هن تحريڪ جي مخالفت ڪري.“ اها خبر پئي ڀائو ابوبڪر زرداري کي ته هن همراهه کي آمريڪا جو خوف آهي. ڀائو کي اهو موقعو خدا ڏياريو، کيس وندر ٿي آئي، روز رات جو ڪچهريءَ ۾ بهانو ڪري ضرور چوي ته ”آمريڪا.... ڦري ويو!“ جتوئي صاحب جو حمائتي ڪڇي بلڪل ڪو نه، ٻه ٽي دفعا صبر ڪيائين پر جڏهن ”وڌي ويون دل جون پريشانيون“ ته همراهه جو صبر ٽٽي پيو، چيائين ”اها ڪميونسٽن جي سازش آهي پر جتوئي صاحب هوشيار ماڻهو آهي انهيءَ سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندو، باقي جيڪو چوندو ته آمريڪا ڦري ويو تنهن سان منهنجو جهيڙو آهي.“
جتوئي صاحب جي آسرن تي رڳو ”اشراف ۽ خاندان“ آيا آهن باقي عام ماڻهو ۽ ورڪر جو جذبو جيل ۾ توڙي جيل کان ٻاهر سياسي تاريخ ۾ بيمثال آهي. سچ پچ ته اهڙن جذبن جي آڌار تي قومون آزاديون حاصل ڪري وٺنديون آهن. هي مجاهد ماڻهو ته رڳو ضياءَ کي لاهي پنهنجي قائد شهيد جو پلاند وٺڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن.
جتوئي صاحب جو به ڏوهه ڪونهي، گهڻو ڪري سڀئي رهنما پنهنجن پوئلڳن کي اڄ سڀاڻي جي ڪاميابي جون خوشخبريون ٻڌائيندا آهن. جتوئي صاحب جي چند بي صبرن دوستن کي ڇڏي سندس خاندان ۽ ساٿي وڏي همت ۽ جذبي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، باقي پيپلزپارٽي جي کاتي ۾ آيل اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جون ڪچهريون جهڙيون ٻاهر تهڙيون هتي آهن. ٻاهر پ پ ۽ جمهوريت جا پروانا مقابلن کي منهن پيا ڏين ۽ هتي جيل ۾ جوش، جذبي ۽ همت سان آمريت جي قهري ڪوٽ کي ڊاهڻ لاءِ دعائون ويٺا گهرن.
جس هجئي او منهنجي ڀيڻ!
(25- ڊسمبر 1983ع)
اڄ يوم بينظير ڀٽو صاحبه ملهايو ويو. جلسي جو مهمان خصوصي سيد عالم شاهه بخاري ۽ اعزازي مهمان عطاءُ الرحمان ميمڻ هو، صدارت دادو جي دوست جان محمد برهماڻي ڪئي. تلاوت قرآن پاڪ امام الدين ڪاڪا ڪئي. عرس خاصخيلي ٻه گيت ”پيل توکي ڀٽا صاحب، گلي ۾ گل رتا هوندا“ ۽ ”قوم جا ڪيهر ڪين سمهو“ ٻڌايا. جلسي ۾ سرور شاهه (ڀٽ شاهه)، پيرل کوسو، صالح ڪاتيار، عبدالله ملاح، خانصاحب، الاهي بخش قائمخاني ۽ مون تقرير ڪئي.
صاحبزادي بينظير صاحبه سڄي ملڪ جي مظلوم ماڻهن جي عقيدت ۽ اميد جو مرڪز آهي، عوام لاءِ انقلاب جي علامت آهي. پيپلزپارٽي ۽ سندس ڪارڪن خوشنصيب آهن جن کي شهيد ڀٽي کان پوءِ وري به بهادر، روشن خيال ۽ نامور قيادت ملي آهي. شهيد ڀٽي کي ڏسي وري سندس خاندان کي ٿو ڏسجي ته زبان تي بي اختيار ڀٽ ڌڻي جي سٽ اچيو وڃي ته ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي...“ وارثن جي حوالي سان ورلي ڪو سياسي رهنما ڀٽي شهيد جهڙو خوش نصيب هوندو. بينظير صاحبه وڏي بهادريءَ سان ضياءَ شاهي جو مقابلو ڪري عوام جي قيادت ڪري رهي آهي، سنڌ جي پهرين دوري ۾ ئي سندس بهادري ۽ عوام سان محبت ۽ وابستگي جا ڪيئي منظر ڏسڻ ۾ آيا.
صاحبزادي بينظير ڀٽو جي مختصر سياسي زندگيءَ ۾ ئي سندس بهادري، جرئت ۽ رياستي ڏاڍ سان مقابلي جو داستان طويل آهي. پنهنجي عظيم پيءُ جي شهادت کان وٺي جلاوطني جي اذيت تائين هر ظلم جو مقابلو وڏي همت سان ڪيو آهي. تشدد، نظربنديون ۽ جيل سندس حوصلي کي هيسائي ڪو نه سگهيا آهن. عوامي تحريڪ جي رهنما محترم فاضل راهو تحريڪ جي دوران بينظير صاحبه جي سالگره جي موقعي تي قائم خاني جي گهر تقرير ڪندي ٻڌايو ته ”سندس سکر جيل ۾ قيد جي دوران بينظير ڀٽو صاحبه کي به قيد ڪري سکر جيل وٺي آيا. انهن ڏينهن ۾ گرمي قيامت جي هئي، پکن مان به باهه پئي نڪتي، اهي ڏينهن رمضان مهيني جا هئا. اسان کي خبر پئي ته انهيءَ گرمي جي باوجود بينظير صاحبه روزا پئي رکي. اسان کيس نياپو اماڻيو ته اسين گرمي جي ڪري برف جون ناديون گهرائي ڪمرن ۾ رکندا آهيون، اوهان اجازت ڏيو ته اهي ناديون اوهان ڏي به موڪليون. بينظير صاحبه انهيءَ نياپي جو جواب موڪليو ته ”اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان منهنجي تڪليف جو احساس ڪيو، پر آءٌ برف گهرائي هنن ظالم حڪمرانن تي اهو ظاهر نه ٿي ڪرڻ چاهيان ته مون کي سکر جي گرمي تنگ ڪيو آهي ۽ آءٌ ڪا پريشان آهيان. آءٌ حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهران ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ به ظلم آڏو ڪو نه جهڪندي، سختيون مون کي به پنهنجي پيءُ وانگر ڪمزور ڪرڻ بجاءِ مضبوط ڪنديون.“
الله تعاليٰ بينظير صاحبه کي وڏي عمر ۽ ڪاميابي عطا ڪري. هتي سرويچ سجاوليءَ جو بينظير صاحبه لاءِ چيل گيت ڳائبو آهي ته سڄو جيل” ماروي ملير جي، بينظير، بينظير“ جي نعرن سان گونجي اٿندو آهي.
جس هجئي او منهنجي ڀيڻ،
جس هجئي او سوڍي سانئڻ،
جس هجئي او مارئي ٻاگهي،
جس هجئي او منهنجي ڀيڻ،
سرديون گرميون سيجون تولئه، سوريون توکي سجدا ڪن،
مينهن توڙي طوفانن ۾، تنهنجي جذبن جو جوڀن
آلاپي ٿو گيت گلابي، ڏڪي توکان ڏانئڻ ڏيڻ
نصرت، اندرا، بندرا، ليليٰ، ٿيچر، توڙي، حسينه شيخ،
ٻاگهي ۽ بختاور جي پڻ، من ۾، تنهنجي کُتل ميخ،
تنهنجي عظمت اوچائي جا سڀ ٿيون ڳائن ڳيچ ۽ ڳيڻ.
زنجيرن جا زور ڇنا تو، لاٿا هٿڪڙيون تان ڪس،
ڪارين ڪلفيل ڪوٺين ۾ تو، ٺاهيا پنهنجا گهر ۽ گس،
ويڪو منصف لرزن لڪن، ٻڌندي تنهنجو ڀڻڪو ڀيڻ.
سرويچن ۽ سانگيئڙن جي، سونهن به تون ۽ ساک به تون،
اونداهين ۾ تون ئي اماڙي، اميدن جي باک به تون،
ڄاڻ ته اڀريو سج سکن جو، ڄاڻ وهائي ڪاري ريڻ،
جس هجئي او منهنجي ڀيڻ،
جس هجئي او منهنجي ڀيڻ