چاچي شاهنواز سان ڪچهريون
نارا جيل ۾ مخدوم خليق الزمان جو مئنيجر ڌڻي بخش ڪاڪا صاحب به پنهنجو مٽ پاڻ هو، سڄو ڏينهن کلندي ڪڏندي گذاريندو هو. ڳڻتي وارو ته ڏيک ئي ڪو نه ڏيندو هو. آءٌ اڪثر سندس ڪمري تي ئي ماني کائيندو هوس. سڄو ڏينهن وٽس ئي ڪچهري متل هوندي هئي. خدا کيس وڏي زندگي عطا فرمائي. وڏو زندهه دل انسان آهي.
نارا جيل ۾ ساڳي جاچ ۾ آيل آغا سليم ۽ الله بخش شاهه بخاري به واهه جو وقت گذاريندا هئا. آغا صاحب سهڻي شخصيت جو مالڪ هو ته گفتگو به ڏاڍي سهڻي ڪندو هو. سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽ ٻولي به سڀني کي وڻندي هئي. آغا صاحب جو سگريٽ جو ڪش ته سبحان الله! هڪڙي ڪش ۾ ڄڻ سموري جوانيءَ جو مزو وٺندو هو. جيل ڪيڏي ڪيڏي مهل پريشان ڪندو هئس. مون ڪچهريءَ ۾ پڇومانس ته ”توهان ته قوم کي سجاڳي جو گس ڏيکاريندا آهيو، اوهين ته جدوجهد لاءِ اتساهيندا آهيو، اوهين ڪيڏي ڪيڏي مهل پريشان ٿا لڳو ڇو؟“ ته چيائين: ”من، اسان جو ڪم لکڻ آهي، اسين فقط سوچ ڏيندا آهيون، اسان جو ڪم جيلن ۾ اچڻ ڪونهي، جيل سياسي ڪارڪن ڪاٽيندا آهن، اديب ۽ دانشور نه.“ ڳالهه ته آغا صاحب جي سچي هئي ته دانشور رڳو دانشمندي جون ڳالهيون ڪندا آهن جدوجهد نه پر اڄ دنيا جي ڪيترن ئي اديبن ۽ دانشورن کان دنيا واقف آهي جن قومن کي گس به ڏسيا ته قوم جي عملي طرح اڳواڻي به ڪئي آهي، شايد انهي ڪري ئي انهن قومن پنهنجي منزل ماڻي آهي جو گس ڏسيندڙن ئي سندن رهنمائي ڪري صحيح رستي تان قوم کي وٺي ڪاميابي سان همنڪار ڪرايو آهي.
آغا صاحب واري جاچ ۾ شامل الله بخش شاهه بخاري ته مست سيد هو، چوويهه ڪلاڪ ئي چست، ڪچهري ۾ اندران ٻاهران حاضر، گفتگو ۾ به صاف ته کلڻ ۾ به سچائي. سائين صبح جو سوير اٿي گيڙو چادر سان پاڻ ڍڪي گهڙيءَ لاءِ مراقبو ڪندو هو. صبح جو شاهه پڙهندي يا ريڊئي تان ڪا ڀٽ ڌڻيءَ جي سٽ وڻي ويس ته سڄو ڏينهن پيو اها سٽ جهونگاريندو. هڪ دفعي صبح کان رات تائين ”ور ميان خان بلوچا“ جهونگاريندي ٻڌومانس. شاهه جا بيت به مست ڪندا هئس، اهي هر وقت سندس زبان تي هوندا هئا. جيترا ڏينهن جيل ۾ رهيو خفو ۽ خفت ويجها ڪون ڏٺاسونس.
نارا جيل ۾ چاچي شاهنواز خان سان ڏاڍيون مزيدار ۽ معلوماتي ڪچهريون ٿيون. چاچو گهوڙن، ڪتن، ڪڪڙن، ميلن ملاکڙن جو شوقين، سڄي سنڌ جي ميڙن جي شوقينن ۽ ملاکڙن جي پهلوانن جا تذڪرا هئا. پير صاحب پاڳاري، مخدوم صاحب، ڄام صادق علي، ڄام انور علي، رحمت الله بهڻ سان ته گهرو تعلق هئس. پر سنڌ جي ٻين ميرن پيرن وڏيرن کانسواءِ ڌاڙيلن جي دوستي جا احوال به ٻڌائيندو هو. ٻڌايائين ته ”سنڌ جي مشهور ڌاڙيل فيضو ورياهه سان دوستي ٿي پئي، ان دوستيءَ ۾ 16 سالن جي عمر ۾ گرفتار ٿيس. انهن دوستين تر ۾ دشمنيون به وڌائي ڇڏيون. گهڻا مائٽ لڏي وڃي ٽنڊي آدم شهر ۾ ويٺا پر مون ڳوٺ نه ڇڏيو، مون سڄو سال بندوق کڻي، راتين جو گهر تي پهرو ڏنو. جاڳڻ ڏکيو هو تنهن ڪري آفيم کائيندو هوس ته جاڳي سگهان. سڄو سال جو آفيم کاڌم ته عادت پئجي ويئي، هڪڙي ڏينهن نهايت پيارو دوست ملڻ آيو ته مرڳو وڙهي پيومانس. ڏاڍو پڇتايم، پوءِ احساس ٿيم ته ان چڙ جو وڏو سبب آفيم آهي. آفيم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم پر ڇڏڻ ڏکيو هو، تنهن ڪري وڃي مسجد وسايم. فجر، اشراق ويندي عشاءَ نفلن تائين سڄو ڏينهن رات مسجد ۾. نيٺ آفيم مان جند ڇڏايم.“ چاچو شاهنواز ڊگهڙيءَ جي نوحاڻين جي به ڏاڍي ساراهه ڪندو آهي ته: ”ڏاڍا مڙس، بهادر، سٺا دوست، ڪڪڙن ڪتن جا شوقين. جوانيءَ ۾ ڪيل، چورين، ڌاڙن ۽ جهيڙن جا قصا به وڏي فخر سان ٻڌائيندا، عاشق به حد جا، اڻ پڙهيل پر ڀٽ ڌڻيءَ جا حافظ، سڄي رات شاهه جا بيت ٻڌائيندي رات گذاري ڇڏيندا آهن.“ چاچو نوحاڻين ۾ پنهنجي حسيب خان جو ڏاڍيون تعريفون ڪندو آهي. چاچي انهن نوحاڻين جا مزيدار ۽ حيران ڪندڙ احوال به ٻڌايا.
چاچي شاهنواز خان کي جن ٻڌو ۽ ڏٺو سي کيس سخت مزاج ۽ ڏاڍي دل وارو ئي سمجهن ٿا پر ناري ۾ چاچي کي شاهه جي بيتن تي روئيندي ڏٺم ته حيران ٿي ويس ته چاچي جي دل اهڙي به آهي جنهن تي شاهه جو بيت اثر ٿو ڪري، هڪ دفعي چاچي چيو ته ”ڀٽائيءَ جي مختلف سرن مان بيت پڙهه.“ ڀٽائيءَ جي مختلف سرن مان بيت پڙهڻ شروع ڪياسين: پورب، سامونڊي، بروو سنڌي، مون ڏٺو ته بيت ٻڌڻ مهل چاچي جون اکيون ڀرجي ٿي آيون ۽ منهن جو رنگ ڳاڙهو ٿيندو ويو. جيڏي مهل رپ جا بيت پڙهڻ شروع ڪيم ته چاچي جو صبر ٽٽي پيو ۽ بي اختيار روئڻ لڳو.
چاچي ٻڌايو ته اڪثر، ظلم ۽ جدائيءَ جا داستان کيس روئاڙي وجهندا آهن، ٻڌايائين ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هندستان جي اڳوڻي ڪمانڊر انچيف جي خود نوشت ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ڦاسيءَ جو احوال پڙهي ڪافي دير روئندو رهيو. چاچو جيل ۾ ورزش ۽ مطالعو پابنديءَ سان ڪندو آهي. ڪافي ڪتاب گهرائي پاڻ وٽ رکيا اٿس، ڪتابن ۾ اڪثر تاريخ جا ڪتاب آهن. امدادالله انڙ صاحب به پابنديءَ سان پڙهندو هو. انڙ صاحب وڻندڙ ڪتاب کي پڙهي انهي ڪتاب جو تت ۽ پنهنجي راءِ رڪارڊ ڪري ڇڏيندو هو. سندس چوڻ هو ته آئينده اها ڪيسٽ ٻڌڻ به سڄو ڪتاب پڙهڻ جي برابر هوندي ۽ ڪافي وقت بچي پوندو، مطلب ته ناري ۾ ڪچهريون ته جام هيون پر چاچي وٽ گذاريل وقت دلچسپ ۽ ڪارائتو هو.
نارا جيل جا اهي ڏينهن مارشل لا جا جاهه و جلال وارا ڏينهن هئا. وڏا وڏا ڪنڌار ڏسڻ ته ٺهيو پر ٻڌڻ ۾ به ڪو نه ٿي آيا. انهن ئي ڏينهن” اصلاحي ڪميٽيون“ ٺاهيون پئي ويون. پارٽي جا ڪيئي نامور رهنما ۽ ڪارڪن انهن اصلاحي ڪميٽين جا ميمبر ٿيا، ڪي لڪل ته ڪي ظاهر پر گهڻو ڪري سڀ وڏا ماڻهو آتا هئا. مارشل لا وارن جو ماڻهو ٿيڻ لاءِ. فوج جي ضابطي کين مجبور ڪري وڌو هو، نه ته اهي وڏا ماڻهو سڀ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ تيار هئا.
اهڙن وڏن ماڻهن وچ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ وڏا ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي عوام جا محبوب بڻيل هئا. مخدوم خليق الزمان ان وقت انهن محبوبن مان هو. مخدوم صاحب ان وقت خيرپور جهڙي گرم جيل ۾ نظربند هو، سندس خط ۽ خبرون اينديون هيون جن مان سندس بلند حوصلي جي خبر پئي پوندي هئي. نظربندي بنهه ڏکي هئي. نظربند عام توڙي سياسي قيدين کان الڳ رکبا هئا. ناري ۾ به نظربندي وارڊ ڏکيو هو، سندس مهمان ٻاهر نڪري ماڻهن کي ڏسي به ڪو نه سگهندا هئا. موقعو ملندو هو ته دروازي جي سيرن مان ليئو پائي ڏسندا هئا. انهيءَ مهل ڪو واقف اتان گذرندو هو ۽ جي ٻنهي جون اکيون چار ٿي وينديون هيون ته ڪجهه اکين سان، ڪجهه تڪڙ ۾ چپن سان ٻه ٻول ڳالهائي وٺندا هئا.
پرين هن پيار پنهنجي تي لڳا پهرن مٿان پهرا،
ته لڪ لانگها جهلي منشي، پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.
بند وارڊ ۾ حڪيم ايڇ ايم سومري جي ته گهوڙا گهوڙا پئي پوندي هئي پر لاڙڪاڻي جو بزرگ رهنما چاڪر علي جوڻيجو وڏي صبر ۽ همت وارو ڏيک ڏيندو هو. ڪافي عرصو هن جيل ۾ نظربند هو، هن سان گڏ عبدالوحيد ڪٽپر صاحب به سکر مان بدلي ٿي آيو پر سندس ساراهه ڪو نه ٻڌڻ ۾ آئي. روڄ راڙو جام ڪندو هو، گهر وارن لاءِ بنهه آتو هو، سرڪار سان ناراضگي ختم ڪيو ويٺو هو رڳو سرڪار جي ناراضگي ختم ٿيڻ جي دير هئي. ڪٽپر صاحب پهرين اسپتال داخل ٿيو ۽ پوءِ جلد رها ٿيو.
چاڪر علي جوڻيجو صاحب گرميءَ ڪري پنير پيو پيئندو هو. اسان جو هڪڙو دوست جنهن کي ٻين سکين قيدين جا ڪيڪ، مانيون، سئيون، گيهه کائڻ ۽ پيئڻ مان لطف ايندو هو ۽ اڪثر ٻين جا سامان ۽ ڪپڙا پيو استعمال ڪندو هو، تنهن جوڻيجي صاحب کان پنير پيئڻ جو سبب پڇيو. جوڻيجي صاحب ٻڌايس ته گرميءَ ۾ سٺو آهي. جوڻيجو صاحب آزاد ٿيو ته ان دوست چاڪر صاحب کان پنير جو دٻو ۽ ٺڪر جو ٽڀو به گهري ورتو. هڪڙي ڏينهن روشن شاهه ۽ ڏنل خان وارن ڏٺو ته اهو دوست ٽڀي مان ڪجهه ڪڍيو پيو کائي. کائڻ مهل سندس هٿ مان ريڳاڙا پئي ڳڙيا. پڇيائونس ته ڇا پيو کائين؟ چيائين ”چاڪر صاحب پنير ڏئي ويو آهي، گرمي کان چڱو آهي سو پيو کاوان.“ ڏنل خان وارن سمجهايس ته پنير پسائي ڇاڻي ان جو پاڻي پيئبو آهي. چيائين” مون کي ته خبر ئي ڪو نه هئي، آءٌ روز پنير پسايو کايو وڃان ۽ پاڻي هاريو ڇڏيان.“
چاڪر صاحب ۽ سومرو صاحب رها ٿي ويا ته وارڊ نظربندن کان آجو ٿي ويو ۽ اسان واري بئرڪ به ڀرجي ويئي ته روشن شاهه، ڏنل خان، تاج محمد شاهه ۽ آءٌ به هن وارڊ ۾ اچي رهياسين. ڪمري ۽ باٿ روم جي سهولت هئي باقي ڪچهري بئرڪ ۾ واهه جي هئي. ڄام شوري، هالا، ٽنڊي ڄام، ٽنڊي محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم، حيدرآباد شهر ۽ آسپاس جا دوست جام هئا. چرچا، لطيفا، بحث مباحثا وندرايو ويٺا هوندا هئا. روز رات جو راڳ جي محفل ته ضرور ٿيندي هئي. انهيءَ محفل جو آخري آئٽم منهنجو هوندو هو. آءٌ لولي ڏيندو هوس ته:
”سنڌڙي به تون منهنجي جندڙي به تون
او منهنجي ڌرتي به داتا به تون
جڳ جيئي پاڻ لئه، آءٌ نه اهڙو هيان
شال تو لئه مران شال تو لئه جيان
تيرٿ ڀي تون منهنجا تڪيا به تون
منهنجي مُڪتي به تون منهنجي ماتا به تون
تنهنجا دودا جيئن تنهنجا دولهه جيئنِ
شال پنهنجا به لايا سجايا ٿين
ٻاگهي به تون منهنجي تارا به تون.
اها لولي 67-6819ع واري دور ۾ نياز همايوني کان ٻڌي هئم، انهيءَ زماني ۾ نياز صاحب ڏاڍي پياري آواز ۽ انداز سان پنهنجي شاعري ٻڌائي، ماڻهن جا جذبا جوان ڪري ڇڏيندو هو. نياز صاحب جو ”آزادي اعلان اسان جو، آزادي ايمان اسان جو“ ڏاڍو مقبول هو پر سندس دوهن جو رنگ ئي ٻيو هو. نياز صاحب به مستيءَ ۾ پيو ڳائيندو هو ته پرجوش هجوم به نياز صاحب سان گڏ پيو جهومندو هو.
سنڌڙي منهنجي ماءُ او جيجل، توتان گهور ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان،
ڪڏهن ته لال ڪنوار هئين، اڄ بيوه جان بيحال ابو!
سنڌڙي تنهنجي جهول کي جس پر دل وارن جو ڪال ابو!
روئندي روئندي نير کٽي ويو لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
آءٌ ڪيئن کلندي کير پيان منهنجي سنڌڙي آهي سڏڪن ۾،
سنڌڙي تنهنجا وير جيئن تون شاد رهين آباد رهين،
شال ڏسان ڏينهڙا جڏهن جيجل کان آزاد رهين.
سنڌڙي تنهنجي نانوَ تان، صدقي منهنجا سڀ سنگيت الا،
جيسين جيئندس تيسين لکندس تنهنجي غم جا گيت الا.
جذبن سان سچائيءَ واري دور کي ياد ڪندي الائي دل ڪٿان وڃي نڪتي آهي. ڳالهه هئي ناري جيل جي. سو بئرڪ ۾ روز رات جو راڳ جي محفل کان پوءِ لولي شروع ٿيندي ئي دوست سمهڻ جي ڪندا هئا، پوءِ ڀڻ ڀڻ ڀلي سڄي رات پيئي هلي پر وڏي واڪي واري ڪچهري پوري ٿي ويندي هئي.
بئرڪ مان نڪري نظربند وارڊ ۾ اچي رهياسين. روشن شاهه، ڏنل خان ۽ تاجل شاهه گڏ هئاسين. اهي سڀئي دوست، ٻاهر جا به دوست هئا. هتي به سندن ساٿ ڏاڍو پيار وارو هو. ڏنل خان جا مثال، چرچا محفل کي کنيو ويٺا هئا. سندس پيارو آواز به رات جي اداسيءَ کي گهٽائي ڇڏيندو هو. نارا جيل انتظامي لحاظ کان ڪيڏو به ٿڌو هجي پر موسم جي لحاظ کان ٻارهن مهينا گرم. ڏينهن جو اونهاري جي باهه ته رات جو ڪمرن ۾ ٻوسٽ، ويتر مينهن شروع ٿيو ته لائيٽ جي لڪ لڪوٽي وڌي ويئي. سڄي رات به جاڳڻو پوندو هو. مينهن ۾ سڄي ڇت پئي ٽمندي هئي، ٿانو ٺڪر، دٻا لوٽا سڀ رکندا هئاسين ٽمڻ واري جاءِ تي ۽ اسين هنڌ ويڙهيو ان تي چڙهيا ويٺا هوندا هئاسين، تان جو مولائي سپرنٽنڊنٽ سيد محبوب کي اسان تي رحم پيو ۽ اسان کي ٻاهر سمهڻ جي اجازت ملي.
هن دفعي به ٻاهر سمهڻ جي اجازت ملي آهي، پر هن دفعي دوست جام آهن، سڄو ڏينهن به ڳالهين ۾ گذريو وڃي ته رات جو به دير تائين ڪچهريون قائم آهن.
سردار خان 1995ع ۾ حج تي سائين خورشيد شاهه واري قافلي ۾ هو. سون تي سهاڳو ڄام آفتاب، سردار خان سان ٽيم ۾ شامل ٿي ويو. بس سڄو حج جو زمانو هئا ٽهڪ. منيٰ عرفات جا خيما ته آسمان تي هئا. خدا سائين ڄام آفتاب ۽ سردار خان کي تندرستي ڏي، جيل ۽ سفر ۾ شل سدائين گڏ هجن.