چونڊن جي ذڪر سان ضياءَ جا وار اُڀا ٿيڻ وارو لطيفو
صبح جو سوير اک کلي، چئين وڳي ڌاري پير سليم صاحب جا ساٿي اٿيا، وضو ڪيائون ۽ مسلسل عبادت ڪندا رهيا. 30-6 وڳي ڌاري در به کليو. ميزبان چانهه ٺاهي پياري. چانهه پي بئرڪ آيس. 9 وڳي ڌاري ڪچهري ٿي. اڄ ڪچهريءَ ۾ محترم عاشق جتوئي، محترم نبي بخش ڀرڳڙي ۽ محترم صفر لغاري به شريڪ ٿيا. 12 وڳي ڌاري ملاقات ڪئي. هڪ وڳي ڌاري اسپتال ۾ اچي سائين محب شاهه وٽ ننڊ ڪيم. ننڊ مان اٿيس ته محب شاهه ٻڌايو ته جنرل ضياءَ پشاور ۾ جلسي ۾ تقرير ڪري رهيو آهي. ريڊئي جهلڪيون ٻڌايون آهن. جلسي ۾ ضياءَ اعلان ڪيو آهي ته اليڪشنون اسلامي ڪرائيندو ۽ اليڪشن لاءِ پروگرام به اسلامي ڏنو ويندو. اليڪشن ۾ شرابي ۽ جواريءَ کي حصو نه وٺڻ ڏنو ويندو ۽ ڪو حصو وٺي کٽي به ويو ته ان کي نااهل ڪندس.“
ريڊئي اهو به ٻڌايو ته سنڌ جي گورنر عباسيءَ کي لاهي سندس جاءِ تي حيدرآباد جي اڳوڻي ڊي ايم ايل اي جنرل جهانداد خان کي گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.
گذريل ڪافي ڏينهن کان جنرل ضياءَ دل جهلي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته چونڊون ڪرائي يا نه ڪرائي پر شڪر جو هاڻ چونڊن جو لفظ واتان ڪڍي ته ٿو. نه ته ٻه ٽي ڏينهن چونڊن جي سلسلي ۾ هڪڙي ڳالهه ڏاڍي مشهور ٿي ته ضياءَ پنهنجي انٽيليجنس جي انچارج کي گهرائي چيو ته ”جيڪو حجام منهنجا وار ٺاهڻ ٿو اچي سو وار ٺاهيندي گهڻو وقت رڳو چونڊن تي ٿو ڳالهائي، تنهن ڪري تحقيقات ڪئي وڃي ته ڪنهن جي اشارن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سندس ارادا ڪهڙا آهن؟“ تحقيقاتي آفيسر فورن حجام کي گرفتار ڪري پنهنجي ”حسن سلوڪ“ سان سچي ڪرائڻ لڳا. حجام روئندي رڙيون ڪندي چيو ته ”ڪنهن به پارٽيءَ جو ڪو نه آهيان. منهنجو سياست ۾ ڇا وڃي. آءٌ ته رڳو جنرل ضياءَ صاحب سان وارن ٺاهڻ وقت چونڊن جي ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان جو چونڊن جو نالو ٻڌندي ئي جنرل ضياءَ صاحب جا وار اڀا ٿيو وڃن ۽ مون کي وار لاهڻ ۾ آساني ٿي ٿئي!“
جنرل ضياءَ هاڻي ڪجهه وقت کان همت ٻڌي چونڊن جو بار بار ذڪر پيو ڪري ۽ هميشه وانگر سي ايم ايل اي (ڪيسنل ماءِ لاسٽ انائوسمينٽ) تحت هن دفعي چونڊن لاءِ نئون اضافو ڪيو اٿس ته چونڊون اسلامي ڪرائيندس. اسلام ۾ چونڊون هجن نه هجن، ضياءَ مسلمان بادشاهه آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي اسلامي ڪري، جيڪي وڻيس تنهن کي غير اسلامي قرار ڏئي ملن کان فتوا وٺي! اسلام ويچارو اڪثر مسلمان حڪمرانن اڳيان ”رضيه غنڊون مين ڦنس گئي“ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسلامي چونڊن جو مطلب ته اهو ئي آهي ته چونڊن جو طريقو به پنهنجو، اميدوار به پنهنجا، نتيجا به پنهنجا ”يعني مثبت“.