آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

“اوهين منجهي پيا آهيو، تنهن ڪري هڻو نعرا”

(10- مئي 1984ع)
صبح جو اٿي، ڊاڪٽر روم ۾ تيار ٿيس. نائين وڳي ڌاري گلوڪوز جي ٿيلهي لڳائي ويا. يارهين وڳي ڌاري يوسف ٽالپر صاحب ملڻ آيو تنهن ٻڌايو ته الاهي بخش قائمخاني واتان اوهان جي خبر پئي سو ملڻ آيو آهيان، يوسف صاحب اسان بابت پروفيسر عالماڻي سان به مليو، يوسف صاحب کان پوءِ اختر آيو ۽ سپاف جو پراڻو دوست خان محمد خاڪي به اچي نڪتو، چيائين هينئر هيٺ تنهنجي خبر پئي ته تون داخل آهين. خان محمد هينئر ايم بي بي ايس جو فارم ڀرڻ آيو آهي. ڪافي گهوڙا گهوڙا ڪيائين ته ”شهر جي شاگردن کي ته ايئرڪنڊيشن، گهر، بجليون ۽ پڙهڻ جون ڪافي سهولتون آهن اسان ٻهراڙيءَ وارن لاءِ سک سان پڙهڻ جي هڪڙي ئي جاءِ هاسٽل آهي سا به بند ڪري ڇڏي اٿن، ڪيڏو ظلم آهي.“ خاڪي ٿرپارڪر سپاف جو اهم اڳواڻ هو. الله بچايو لغاري ۽ پوءِ اسدالله شاهه حسيني عمر ڪوٽ دورو ڪرڻ هليا هئا ته هن تمام سٺي جلسي جو انتظام ڪيو هو. خاڪي راڻي خان ڀٽي جي دور ۾ اسان سان دادو ضلعي جي دوري ۾ به شامل هو. ميهڙ ۾ جلسو ٿيو اتي به تقرير ڪئي هئائين. ان جلسي ۾ مزيدار ڳالهه رشيد ميمڻ جي تقرير هئي. رشيد سپاف جو آفيس سيڪريٽري هو، تنهن کي تقرير ڪرڻ جو شوق ٿيو، تنهن اسٽيج سيڪريٽريءَ کي سڏي پنهنجو نالو ڏنو. کيس سڏ ٿيو، تقرير شروع ڪيائين مس ته گهٻرائجي ويو ۽ پريشانيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو ۽ وري چيائين ته ”مون کي لڳي ٿو ته سامعين اوهين منجهي پيا آهيو، تنهن ڪري هڻو نعرا.“ پوءِ نعرا هڻي لهي آيو اسٽيج تان، سنگت ڏاڍو کلي. ڪي ڏينهن يارن کي ڳالهه هٿ اچي وئي ته ”اوهين منجهي پيا آهيو تنهن ڪري هڻو نعرا!“
خاڪي دير سان ڪچهري ڪري ويو، عبدالحسين پنهور آيو ٻڌايائين ته جيل جي دوستن سان ملي آيو آهي، رئيس الله جڙيو پتافي به ملڻ آيو . شام جو اشفاق، نالي ڀائي مولابخش مشوريءَ سان هيٺ ويس. ڪچهريءَ ۾ روشن ٻرڙو جساف ۽ سيد غوث علي شاهه (سيد حيدرشاهه جو ڀاڻيجو) به اچي نڪتا. غوث شاهه لاءِ خبر پئي ته کيس رحمت الله هيسباڻي جي جاءِ تي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ٻيا به ڪافي دوست آيا. ڪچهري ڪري ڪينٽين ۾ اچي ماني کاڌي سين. ڪجهه دير مٿي ڊاڪٽر روم جي گئلري ۾ ڪچهري ڪئي سون. اشفاق صديقي گهڻو ڪري انهيءَ گئلريءَ ۾ اچي رات جو سمهندو آهي. رات جو يارهين وڳي ڌاري ڪمري ۾ اچي سمهڻ جي ڪيم.