سائين حسين شاهه جو خواب ۽ تعبير
ڏهين وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو. علي محمد سومرو آيو هو، ٻڌايائين ته مولانا احترام دادو اچڻ ٿو چاهي، تنهن جي نياپي تي ڪراچي پيو وڃي. مولانا صاحب لاءِ مون به خط لکي ڏنو، جنهن ۾ کيس گذارش ڪيم ته سياسي قيدين جي مسئلي تي ايم آر ڊي ۽ پارٽي طرفان مسلسل خاموشيءَ تي انهن سان ڳالهائي، ايم آر ڊي ته اسان جي هر مسئلي تي بلڪل خاموش رهي آهي. مولانا احترام ٿانوي، ايم آر ڊي جي سلسلي ۾ ڏاڍو سرگرم رهيو، سنڌ جا ڪافي دورا به ڪيائين. سندس شعله بياني ڪارڪنن توڙي عوام ۾ وڏو جوش پئدا ڪيو. مولانا صاحب ايم آر ڊي کان پهرين به پارٽي جي هر سڏ تي سڏ ڏئي ڪارڪنن جي اڳواڻي ڪئي آهي. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه احتجاج جو سڏ ڏنو ته ڪراچيءَ جا وڏا وڏا رهنما مارشل لا جي جاه و جلال آڏو بيهي نه سگهيا پر مولانا اعلان ڪيل وقت تي ميمڻ مسجد پهچي احتجاج ڪيو. سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن مٿس ڏاڍو تشدد ۽ توهين وارو سلوڪ ڪيو.
مولانا ڏاڍو جذباتي مقرر آهي. مولانا صاحب روپ ۽ ڏيک ويک ۾ سؤ سيڪڙو مولوي ئي آهي پر سندس دل مولوين کان ڪافي مختلف آهي. مولانا صاحب نرم ۽ انسان دوست دل جو مالڪ آهي. ڪچهرين ۾ ڏاڍي زنده دلي جو مظاهرو ڪندو آهي. اسان جون ساڻس سفرن توڙي محفلن ۾ ڪافي ڪچهريون ٿيون. سندس ڪچهريءَ مان ماڻهو هرگز بيزار ڪو نه ٿيندو. سندس ڪچهرين ۾ دين ۽ دنيا ٻنهي جا رنگ نمايان هوندا آهن. حافظ ۽ خيام پڙهندي سندس اکيون ڀرجي اينديون آهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي به پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهندو آهي.
ايم آر ڊي جي سلسلي ۾ ڀٽ شاهه جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ عوام جون خبرون ۽ سور ٻڌي مولانا زارو قطار روئي ڏنو هو. غازي صلاح الدين پنهنجي پياري آواز ۾ شيخ اياز جو راڻو ”رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي“ ڳائي کيس ترجمو ٻڌايو ته به مولانا اشڪبار ٿي ويو هو. مولانا ڪچهري توڙي تقريب ۾ موقعي مهل سان شعر مذهبي مثالن سان گڏ لطيفا به ڏاڍا ٻڌائيندو آهي. ڪچهري ۾ ته حاضر جوابي به مزيدار هوندي اٿس. هڪ دفعو سائين حسين شاهه سان گڏ مولانا صاحب جي طارق روڊ واري فليٽ تي ويٺا هئاسين، حسين شاهه مولانا صاحب کي چيو ”قبله مولانا صاحب مون رات خواب ۾ ڏٺو آهي ته اٺ مون کي کائي وڌو آهي، چون ٿا ته خواب ۾ اٺ عزرائيل هوندو آهي، سو انهي خواب جي ڪري ٿوري پريشاني آهي.“ مولانا صاحب خواب ٻڌي چيو ته ”شاهه صاحب اها ڳالهه صحيح آهي ته خواب ۾ اٺ جي موت ئي تعبير آهي پر اوهان جي لاءِ اها پريشاني جي ڳالهه ڪونهي. اٺ ٻئي ڪنهن کي کائي ها ته ان ماڻهو لاءِ خطرو هو پر اٺ اوهان کي کاڌو آهي هاڻ اٺ جو خير ڪونهي.“ مولانا صاحب ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ لاءِ بي انتها سرگرم رهيو پر تحريڪ جي آغاز ۾ پارٽي سان اختلاف ڪري ڪجهه وقت لاءِ خاموشيءَ کيس ڪارڪنن ۾ مشڪوڪ ڪري وڌو. اختلاف بابت اهو اعلان ڪيائين ته پ پ جي سوشلزم واري پروگرام سان اختلاف هجڻ جي ڪري خاموشي اختيار ڪري رهيو آهيان. ان اعلان کان پوءِ گرفتاري به پيش ڪيائين پر جوش جو مظاهرو اڳي وارو ڪو نه هو. ان اعلان کان اڳ ۾ ڪجهه ڏينهن لاپته ٿي ويو هو، چيو ويو هو ته کيس گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي.
هڪ وڳي عالم شاهه سان گڏجي عاشق صاحب جي دعوت ۾ ويس. اتي خبر پئي ته ايس پي اوقاش سان پير معظم ۽ ٻين ساٿين جي زباني ڪلامي ڏي وٺ ٿي پئي آهي. ڪجهه سياسي دوست اسپتال وڃڻا هئا، اوقاش عادت موجب گهوڙا گهوڙا ڪئي، سنگت به جذباتي هئي، سو ڏي وٺ ٿي ويئي. آخر اوقاش موڪليا اهي ئي ساٿي جيڪي سنگت چيا ٿي. اوقاش کي مڙئي عادت پوري ڪرڻي هئي. سرڪار کان ڊڄندو آهي، تنهن ڪري ڊپٽي ۽ ٻين اڳيان گوڙ ڪري ٻڌائيندو آهي ته ايم آر ڊي وارن سان همدردي ڪو نه ٿو رکان. حقيقت ۾ سندس گوڙ جو سرڪار تي يا سندس نوڪري تي ڪو به اثر نه ٿو پوي پر بزدلي سبب رڳو دل کي ڏڍ ٿو ڏئي ته متان ٿوري همدردي جو اظهار ئي کيس ڪنهن مصيبت ۾ نه وجهي. اوقاش شيخ ڪم ڪندو به ضرور، پر سندس ٻائتال جي ڪري نيڪي برباد گناهه لازم ٿيو وڃي.
عاشق صاحب جي دعوت ۾ چاچو شاهنواز خان جوڻيجو، محب شاهه، عالم شاهه، انور شاهه، نور محمد شاهه، (سيتا وارو)، علي گوهر شاهه، الاهي بخش قائمخاني، عطا ۽ ٻيا ڪافي دوست موجود هئا.
شام جو ڊاڪٽر فضل، چاچي محمد جتوئي ۽ نذير شاهه جي روڪڻ جي باوجود بئرڪ موٽي آيس جو رت جون رپورٽون نارمل هيون. رات جو ايس پي ۽ ڊي ايس پي ساٿين کي جلد بند ڪرائڻ لاءِ وڏو رعب تاب ڪيو پر سنگت وري به 8 وڳي بند ٿي.
رات جو 30-8 وڳي بي بي سي پنهنجي پروگرام ۾ هندستاني پنجاب جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سک ليڊر جرنيل سنگهه ڀنڊران والا گردواري ۾ لڪيل آهي. ان تي ڪيترن قتلن ۽ سازش جا ڪيس داخل آهن پر پوليس کيس اڃا گرفتار ڪرڻ لاءِ گردواري ۾ داخل ڪا نه ٿي آهي. هندستان جي سيڪيولر حڪومت جنهن کي اسان وارا ملان ڪُفر جي حڪومت چون ٿا، مقدس گردواري ۾ حڪومت دشمن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ داخل ٿيڻ جي سلسلي ۾ وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، ورنه حڪومت کي روڪي ڪو به نه سگهندو. اسان جو ڪو مسلمان بادشاهه هجي ها ته دير ئي ڪو نه ڪري ها. تازو سعودي حڪومت جيڪا اسلام جي آئيڊيل حڪومت هجڻ جي دعويدار آهي، تنهن جي مخالفن ڪعبة الله جي احاطي ۾ پناهه ورتي ته دير ڪو نه ڪيائون. اهي گولين جا وسڪارا ڪرايائون جو حرم جي مينارن جا ٽڪر اڏندي ٽي وي تي سموري عالم اسلام ڏٺا. اسان جا مسلمان حڪمران پنهنجي مخالف کي قتل ڪرڻ به مذهبي فرض سمجهندا آهن، مسجدون، مندر ۽ حرم به سندن راهه روڪي نه سگهندا آهن. اخباري خبرن مان خبر پئي آهي ته سعودي حڪومت اهڙو حال ڪيو جو حرم ۾ موجود ماڻهو جي رب جي امان ۾ هئا، امانت جي شهر ۾ محفوظ هوندي به حڪومتي عذاب کان بچڻ لاءِ حرم جو احترام وساري ويٺا، پنهنجي وطن ۾ ويهي جنت البقيع ۽ جنت العولا ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش وارا الائي ڪيئن جان بچائي حرم مان نڪتا. امام حرم جي ته سڀني کان حالت خراب ٿي. پر مسلم بادشاهه لاءِ هيءَ ننڍي ڳالهه هئي جو مخالفن کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو حرم جي عمارت کي نقصان پهتو پر تاريخ شاهد آهي ته مسلم حڪمرانن پنهنجي اختيار بچائڻ خاطر نه رڳو مسجد نبوي جي توهين ڪئي پر ڪعبته الله شريف کي ڊاهڻ کان به نه ڪيٻايو آهي.