جيئل شاهه ۽ مير
صبح ساڍي ستين وڳي چانهه پيتي سين. عطا ٻڌايو ته رات بشير ٻگهيو ٺيڪ نه هو، کيس وات مان ٿوري رت آئي آهي. کيس ڏسڻ ويس ته بشير ستو پيو هو. سائين جيئل شاهه اٿيو ويٺو هو. بشير جي اٿڻ جي انتظار ۾ سائين وٽ ڪچهري ۾ ويهي رهيس. بشير ٻگهيو خيرپور ناٿن شاهه جي پارٽي جي بهادر ڪارڪنن ۽ سپاف جي نظرياتي اڳواڻن مان آهي. گفتگو ۽ تقرير سٺي ڪندو آهي. سائين ڪجهه پريشان هو. ٻڌايائين ته ”گهر ننڍو پٽ ڇڏي آيو آهيان، کيس گهر جي ڪاروبار هلائڻ جي خبر ڪانهي.“ اها به پريشاني هئس ته ٻه ناٺي به گهر ڇڏي آيو آهي. ٻن ناٺين جي گهر ڇڏي اچڻ جو پڇيومانس ته ٻڌايائين ته ”هڪ ڌيءَ ڀائٽي کي ۽ ٻي ڌيءَ سالي جي پٽ کي پرڻائي ڏنم، ٻئي سڱ بدي جا هئا پر ڀاءُ ۽ سالو پنهنجي وعدن تان ڦري ويا ۽ ٻئي نياڻيون هاڻ مون وٽ آهن. هڪڙي کي الحمد الله ٻار به ڄائو آهي.“ سائين کي چيم ته اوهين ته سمجهدار سياسي ڪارڪن آهيو، اوهان به جيڪڏهن هنن بڇڙين ريتن رسمن کان نه بچو ته ٻين جو ڇا ٿيندو. سائين چيو ته ”بس ڇا ڪيون. ماحول ئي اهڙو آهي. جند ڪو نه ٿا ڇڏائي سگهون.“ سائين ۽ منهنجو ڳوٺ ساڳيو آهي. سائين جو اڃا حال چڱو آهي، گهڻا ڳوٺ وارا ته رحم جوڳي زندگي گذاري رهيا آهن. ڳوٺن ۾ ته ڪيتريون ئي عورتون جانورن کان بدتر حياتي گذارين ٿيون. ٿوري ٿوري ڳالهه تان زالن کي مار ڏيڻ ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي. ڌيئون رسائي ويهارڻ ته ڄڻ فخر جي ڳالهه آهي. پٽن پرڻائڻ لاءِ ڌيئرون پوڙهن، ٻارن ۽ زالن وارن کي ڏيڻ، مطلب ته اوڙاهه ۾ اڇلائڻ عام ڳالهه آهي. ڌيئرون ساهرن ۾ ڏکيون ته پلاند وري ننهن کان وٺڻ. ڳوٺ جي ڪهڙين رسمن جو ذڪر ڪجي، مرد ته ٺهيو پر عورتن کي ٿو ڏسجي ته ويچاريون جانورن کان به بدتر زندگي پيون گذارين، سوچيان ٿو ته تحريڪ نسوان واريون تنظيمون الائي ڪٿي آهن....
سائين جيئل شاهه وٽان اٿي ڪچهري ۾ آيس. اعجاز خواجه وٽ شمس الدين ميمڻ، بابو غلام حسين ۽ ڏاڏي آخوند سان ڪچهري ٿي. اختر ملاقات تي آيو، ٻڌايائين ته آئنده ملاقات تي ڪو نه ايندو، جو سندس والد جيڪو تازو لبيا مان آيو آهي سو منهنجي گرفتار ٿيڻ تي سخت ناراض آهي. اڄ به بک هڙتال جي اپيل ڪندڙن جي بدلي جا افواهه هئا. بئرڪ ۾ آيس ته چاچي سيف الدين کي بخار هو. چاچي کي سڀئي چرچن ۾ چئي رهيا هئا ته چاچا اوهان کي اميربخش جي جدائي جو اثر ٿيو آهي. چاچو سيف الدين کلڻو ملڻو، سڀني دوستن جو ڀوڳ چرچو برداشت ڪندڙ بزرگ ساٿي آهي. شام جو جيلر اشرف شاهه چاچي جي عيادت لاءِ آيو. ان مهل خبر پئي ته جيئل شاهه جي ضمانت جا آرڊر اچي ويا آهن. رها ٿي رهيو آهي، کيس الوداع چوڻ لاءِ ڪافي دوست جيل جي در تي آيا.
جيئل شاهه کي ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران تعلقي ٽنڊو محمد خان پ پ ۽ ايم آر ڊي جو صدر مقرر ڪيو اٿئون. سائين جيئل شاهه 1968ع ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ وڪيل ملازم حسين جو منشي هو، ان جي ضد ڏيارڻ تي ته پنجاب ۾ پ پ جو وڌيڪ ڪم آهي ۽ سنڌ ۾ ڪو به تنظيمي ڪم نه اٿس، پ پ ۾ شامل ٿيو. تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو. ٽنڊي جي بااثر ميرن پيرن جي مخالفت برداشت ڪرڻي پيس. ترت ئي مرحوم مقبول ڀٽي ۽ سندس دوست تنظيم ڪرڻ آيا (سائين حسين شاهه چوي ٿو ته ان موقعي تي آءٌ به هئس) تن پهرين محسن شاهه جيڪو اردو ڳالهائيندڙ هو، تنهن کي صدر مقرر ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جيئل شاهه کي صدر مقرر ڪيو ويو. جيئل شاهه پارٽي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ بيپناهه محنت ڪئي آهي. پارٽي جي ڪارڪنن دوستن ۽ غريب ماڻهن ۾ عزت اٿس. ٽنڊي ۾ ميرن جي خلاف ڪم ڪرڻ ته وڏي ڳالهه هئي پر ڪم ڪرڻ لاءِ سوچيندو به ڪو ورلي هو. ٽنڊي ۾ رڳو سائين عارف شاهه سياسي لحاظ کان ميرن خلاف اعلانيه مورچو قائم ڪيو ويٺو هوندو هو. سائين جيئل شاهه ميرن جي مخالفت ۾ اهڙو لڳو جو مير پارٽي ۾ شامل ٿيا ته به هن مان ڦاٿل هئا. شهيد ڀٽي جي جيڪا به کليل ڪچهري ٿئي، تنهن ۾ سائين جيئل شاهه ميرن خلاف درخواست ۽ ٻين ڪاغذن جي ڀريل بيگ سان موجود هوندو هو ۽ شهيد ڀٽو به کيس ڏسي اڳ ئي چئي ڏيندو هو ته ”جيئل شاهه هن دفعي ڪهڙو ڪيس کڻي آيو آهين؟“
جتوئي صاحب جي وزارت اعليٰ جي زماني ۾ تنظيم ٿي ته ٽنڊي محمد خان ۾ پير سعيد جان سرهندي جي چوڻ تي تنظيم ڪئي وئي جنهن ۾ جيئل شاهه جي جاءِ تي الحاج عبدالخالق سومرو مقرر ڪيو ويو ۽ ٻيا به عهديدار کنيا ويا جن ۾ چوڌري، محمد هاشم سهتو ۽ ڪي ٻيا به شامل هئا. سي سڀئي هن وقت پارٽيءَ کان لاتعلق آهن. هنن جو ڏوهه به ڪونهي. حڪومت هئي ته سڄي سنڌ ۾ اهڙا دوست ڪيئي هئا. انهن سڀني جو سرڪار سان واسطو هو، اهي پارٽي سان ٻڌل ڪونهن، جيڏانهن سرڪار تيڏانهن اشراف، خبر ناهي ڇو جڏهن پارٽي کي مصيبتن ۾ منظم ڪرڻ جي مهل بااثر ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي تڏهن نڌڻڪا اڳيان ٿيندا آهن ۽ اڳيان ڪبا به آهن ۽ جڏهن سک ۾ پارٽي لاءِ راڄ حاضر هوندا آهن ۽ ڪنهن به بااثر جي ضرورت ڪو نه هوندي آهي تڏهن وري نڌڻڪا ڇٽا، اشراف بااثر اڳيان هوندا آهن ۽ ڪبا آهن.
نئين تنظيم کان پوءِ سائين جيئل شاهه خاموش ٿي ويٺو پر سرڪار ويئي ته سائين جي بيماري به اٿل کاڌي، چرپر شروع ٿي. ايم آر ڊي کي منظم ڪيوسين ته ٽنڊي محمد خان جي اجلاس ۾ مون کيس تعلقي لاءِ ذميداريون ڏنيون. سائين ڪافي ڪم ڪيو. سندس ساٿي به سٺا هئا. گڏجي ڪم ڪيائون. تعلقي ۾ ايم آر ڊي تمام گهڻي سرگرم ڪئي وئي. ٽنڊي جي دوستن ۾ سائين سان گڏ عبدالحڪيم ميمڻ وڪيل جيڪو تازو ڪراچي جيل مان رها ٿيو آهي. سيد محسن شاهه، زمان شاهه ٽکڙائي، زاهد سمون، علي غلام بالادي، عبدالرحمان ڀٽي، مسعود ڀٽي، نياز ڀٽي، ممتاز بالادي، يعقوب ميمڻ شامل آهن. تن مان ڪي دوست ڪجهه وقت اڳ ۾ رها ٿيا آهن ۽ ڪي سکر جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيا آهن. سو خير سان سائين جيئل شاهه، کلندي ڪڏندي ڪڏهن ڪڏهن ڳڻتين ۾ ٻڏندي جيل ڪاٽي ڳوٺ روانو ٿي ويو آهي. کيس الوداع چئي اچي بئرڪ ۾ ويٺس.