آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

جاڳا ڳائڻ جي روايت

رات جو 4 وڳي رمضان ۾ روزي لاءِ سريلن آوازن، فقيرن جي هڪلن بجاءِ چاٻين جي ڇڻڪاٽ ۽ ڳرن لوهي درن ۽ ڪڙن جي چيچاٽن تي اک کلي. ٻاهر رمضان ۾ روزانو رات جو قسمين قسمين نعرن، هڪلن هوڪرن، دهلن، دٻن ۽ ٿالن جي آواز سان گڏ پاڙي جي جاڳي جماعت جي سريلن آوازن، جهومائي ڇڏيندڙ طرزن تي جوڙيل جاڳن تي اک کلندي آهي. انهن جاڳن لاءِ سڀني سنڌي پاڙن جا بزرگ مرد ۽ عورتون سڄو سال انتظار ڪنداآهن. جاڳن ڳائڻ مهل اڪثر ماڻهو گهرن مان نڪري جاڳن ڳائيندڙن جي چانهه ، شربت، پاڻي ۽ کاڌي جي شين سان تواضع به ڪندا آهن ۽ نذرانو به ڏيندا آهن. حيدرآباد شهر جي سمورن پاڙن ۾ جاڳا جماعتون آهن، اسان جي پاڙي جي جماعت جو روح روان استاد امام بخش اُستو ممون به مٺي آواز ۾ ڏانو وارو جاڳو ڳائيندڙ ليکبو هو. هاڻ ماما بچل بڙدي به شهر جي سٺن جاڳو پڙهندڙن مان آهي. ٻه ٽي سال اڳ مان به پاڙي جي جماعت سان جاڳو پڙهندو هئس. سڄي شهر جي جاڳا جماعتن تي مشتمل شهر جي جاڳا جماعت به آهي، ان جو صدر سائين بصر شاهه گاڏي کاتي وارو آهي. سندس پٽ سائين محمد شاهه به ڏاڍو سٺو جاڳو ڳائيندو آهي. سولجر بازار جي درگاهه حاجي شاهه بخاريءَ جي مرحوم گادي نشين جو به آواز ڏاڍو پيارو هو، مون ڪو نه ٻڌو پر رمضان ۾ مختلف پاڙن ۾ ٿيندڙ جماعتن جي مجلس جي سلسلي ۾ درگاهه بخاريءَ تي ٿيندڙ مجلس ۾ هر سال سندس رڪارڊ وڄائيندا هئا. سو ٻڌو اٿم ته سندس ڳايل ”الوداع اي ماه رمضان“ تي مجلس ۾ شريڪ اڪثر ماڻهن جون اکيون آليون ٿي وينديون آهن. رمضان جي شروعات ۾ رمضان جي آمد جا ۽ پوئين ڏينهن الوداعي جاڳا ڳايا ويندا آهن. الوداعي جاڳن تي اڪثر بزرگ مرد ۽ عورتون روئنديون به آهن. سنڌي جاڳا بهترين شاعري ۽ ڌنن جا نمونا آهن. هاڻي نوان جاڳا به ڳائجن ٿا جن جون ڌنون نيون به آهن ۽ فلمي گانن تي به ٻڌل آهن. نوان جاڳا ڳائيندڙ اردو سنڌي نوجوانن تي مشتمل الله والي جماعت آهي. اهي اردو جاڳا به پڙهندا آهن. اڄڪلهه فقير غلام محمد چنه جو اردو جاڳو ”جاني لگا رمضان، مسافر يه مهمان“ ڏاڍو مقبول ٿيو آهي. پراڻا جاڳا. ماستر محمد صديق مسافر، واصف، واصل، سنائي جا چيل آهن.
منير روزي جو اهتمام ڪيو هو رمضان جي خاص سئين ”ستر بينن“ سان (ستر بينون رمضان جي خاص سوکڙي آهي. گهڻو ڪري هر گهر ۾ هوندي آهي). ستر بينون کائي ملڪ روز پيتوسين. منير چيو ته اڳ ۾ سليم ساٿ ڏيندو هو پر هاڻ بيزار ٿي پيو آهي. ساٿ ڪو نه ٿو ڏي. مون چيس ”پرواهه نه ڪر، تون منهنجي سنگت ۾ جيل آيو آهين. آءٌ تنهنجي ڪري جيل ۾ ستربينون کائڻ ۽ ملڪ روز پيئڻ واري تشدد ۾ تنهنجو ساٿ ڪونه ڇڏيندس.“ ٻانگون آيون، بند ٿياسين. منير نماز پڙهي ۽ ستاسين. ڪالهه صبح جو دوست آيا، تن ٻڌايو ته ڪچهري پابندي سان هلي پئي، غلام رسول زنگيجي جي رهائيءَ کان پوءِ ڪامريڊ مامون ڪچهري هلائيندو آهي. دوستن سان ملي. عالم شاهه ڏي ويس. اتان شڪيل سان ملڻ لاءِ ”بي“ ڪلاس جي شڪيل واري ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڊاڪٽر پيرزادو، شڪيل جي ڪن کي لڳو پيو هو. ڊاڪٽر جي اوزارن جي پيتي کلي پئي هئي. خبر پئي ته شڪيل راند ڪندي ڪن ۾ ڪاغذ جو ٽڪرو وجهي ڇڏيو آهي، سو نه پيو نڪري. مون کي عباس نقوي جي ڳالهه ياد اچي ويئي ته ”شڪيل ڪي جسم اور جان ڪو نه ديکو يه بچه هي“ مون چيو شڪر آهي. ٻار راند ڪندي پنو ڪن ۾ ئي وڌو. ڊاڪٽر شڪيل جي ڪن مان پنو ڪو نه ڪڍي سگهيو جو، ڊاڪٽر ڪجهه ڪن ۾ وجهي چوري پوري مس ته شڪيل وٺيو رڙيون ڪري. آخر ڊاڪٽر وري اچڻ جو چئي ويو هليو. (ايئن لڳو ڄڻ شڪيل ڪن جو پنو به ٻاهر ڪڍائڻ نه چاهيندو هجي، جنهن جي اخبارن ذريعي به راڄن کي خبر پوندي ۽ شڪيل جي رهائيءَ جو اپيلون وري ٿينديون).
اتان اٿي چاچي شاهنواز خان سان ملڻ آيس. اتي رفيق صفي اچي ٻڌايو ته چاچي جي نظربنديءَ جو آرڊر گورنر صحيح ڪندو آهي ۽ نئون آرڊر اچي پيو. چاچي جي سزا به پوري ٿي ويئي آهي پر کيس رها نه ڪيو ويو آهي. ڪمري تي آيس. سادات عظام به ويٺا هئا. شام تائين ڪچهري ٿيندي رهي.
ڏهين جون تي اسپتال مان آيس ته خبر پئي ته سياسي قيدين جو ٽوٽل 136 آهي. بشير لغاري جو سکر مان خط آيو آهي، تنهن ٻڌايو ته سکر ۾ اڃا به 150 سياسي قيدي آهن. هتي شروعات ۾ 1840 سياسي قيدي هئا، تن مان 238 عوامي تحريڪ، 13 پي اين پي (هنن ۾ ڊي ايس ايف، وطن دوست انقلابي پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جا دوست شامل آهن) اين ڊي پي، قومي محاذ آزادي جا پي ڊي پي 3، تحريڪ استقلال جا 2 هئا.
بشير لغاري، ڏاڍو پيارو ۽ همت وارو دوست هو. جڏهن وڏا وڏا بهادر به ايم آر ڊي جو نالو ٻڌي لڪي ويندا هئا، تڏهن بشير لغاري بدين ۾ ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ جو ذمو کنيو. بشير ئي ضلعي جو سيڪريٽري ٿيو. بشير سان ڊاڪٽر به تنظيم ۾ شامل ٿيو ته تحريڪ جو ڪم اڃا به وڌيڪ تيز ٿي ويو. بشير تقرير ۾ ڀلبو ڏاڍو هو، سندس ڀلجڻ جا به ڏاڍا مزيدار قصا آهن.
ايم آر ڊي جي آغاز جو زمانو هو، ڪراچيءَ جي خالص شهري انداز جي سياسي اڳواڻ ناظم آباد ۾ پنهنجي گهر” شهري حقوق ڪنوينشن“ گهرايو، سمورين پارٽين جا ڳڻڻ جيترا ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڪنوينشن جي نشستن جي صدارت به مختلف پارٽين جي اڳواڻن کان ڪرائي ويئي. پ پ جي قائد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه نظربند هئي. تنهن ڪري ڪنوينشن جي صبح واري اجلاس جي صدارت بينظير ڀٽو صاحبه جي تصوير کان ڪرائي ويئي. ان اجلاس ۾ بشير لغاري به تقرير ڪئي. مارشل لا جو دٻدٻو به ۽ تقرير ڪرڻ، سا به ڪراچي جي ڪارڪنن ۾، بشير ٿورو ڪنفيوز هو. بشير کي سڏ ٿيو. هن تقرير شروع ڪندي چيو ته ” جناب صدر، مهمان خصوصي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نفيس صديقي صاحبه ۽ حاضرين، حاضرين، نفيس صاحبه ٻڌي ڪافي کليا تنهن ڪري بشير اڃا به گهٻرائجي ويو. جيئن تيئن تقرير پوري ڪري هيٺ لٿو، اسان پڇيس ته ”نفيس کي صاحبه ڇو چيئه؟“ چيائين ”جڏهن بينظير ڀٽو کي صاحبه چيم ته پوءِ سڀئي صاحبائون ٿي لڳيون.“ ٿوري دير کان پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيائين ”منهنجو ڏوهه ڪونهي هڪڙي تقرير اردو ۾ ٻيو مار پئيس جو نالو ئي زائفاڻو، ياد ئي ڪو نه پيم ته نفيس، صاحب آهي يا صاحبه.“
بشير لغاري ٻه دفعا ايم پي اي به ٿيو. ڄام صادق جي دور ۾ جڏهن گهڻا ئي ڊنا ۽ وڪاڻا، تڏهن بشير پنهنجي پارٽي سان دغا ڪو نه ڪئي. بشير هاڻ اسان ۾ موجود ڪونهي پر دوستن جي درميان سندس تذڪرو ضرور ٿيندو.