حوض ۾ طوفان
صبح جو ٽين وڳي اٿيس ۽ منير سان گڏ سحري ڪيم. ساڍي چئين وڳي ڌاري منير روزو رکي نماز پڙهي فارغ ٿيو. وري سمهي رهيس. صبح جو نائين وڳي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. ڪالهه ماما آيو هو تنهن ٻڌايو ته نسرين اسپتال ۾ داخل ٿي آهي. اڄ يارهين وڳي اختر آيو تنهن ٻڌايو ته آپريشن ٿي ويو آهي، هينئر نسرين هوش ۾ آهي. اختر اهو به ٻڌايو ته قائم خاني صاحب اڄ اسپتال ۾ به آيو هو، خانصاحب ڪالهه ملاقات تي به آيو هو ۽ ڪافي دير اُس ۾ بيٺو رهيو. خانصاحب پابنديءَ سان گرفتار ساٿين جي مائٽن، پاڙن، ڪورٽ، بار ۽ ٻين جاين ۽ موقعن تي دوستن سان رابطو رکيو اچي. خانصاحب کي آفرين هجي.
ٻنپهرن جو سادات عظام ڪمري تي گڏ هئا. شام جو منير سان گڏ روزو کولي عالم شاهه سان ملڻ ويس، اتان موٽيس ته رستي ۾ ماڙيءَ وٽ ٺهيل حوض ۾ اڳوڻي هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي جو پٽ اڳوڻو ڊي ايس پي ۽ اڳوڻو ڪامريڊ علي احمد جوڻيجو وهنتو پئي. سائين حسين شاهه کي صلاح هنيائين ته سائين ڦليلي جي سڪ حوض مان لاهڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪئي، لاهي قميص گهڙي پيو حوض ۾. مولانا نعماني جنهن کي اڪثر شام جو حوض ۾ ئي ڏسبو آهي، سو به اچي نڪتو ۽ گهڙي پيو حوض ۾. مولوي ۽ شاهه جو گڏيا پاڻ ۾ ته بحث شروع ٿي ويو. مولانا وفاق جو ڪٽر حمايتي ۽ سائين حسين شاهه سنڌ جي حقن ۽ خودمختياريءَ جو وڪيل، ڪافي دوست گڏ ٿي ويا. مولانا جا سنجيده دليل سائين جي هميشه جهڙي دليلن واري، چرچي ڀوڳ واري انداز جي ڪچهري، بحث ڪافي دير هليو.
ڪچهري ختم ٿي به ويئي. دوست به هليا ويا پر ظهور عالم رند ۽ مولانا مان حسين شاهه اڙجي ويو. ڪافي دير ٻئي ڄڻا حسين شاهه تي ڇوهه ڇنڊيندا رهيا ته حسين شاهه جي گفتگو پارٽيءَ جي موقف جي خلاف آهي. وارڊ ۾ به بحث تي تبصرو جاري هو. ظهور عالم صاحب ڀوڳ ۾ به پارٽي جي موقف تان هٽڻ پسند ڪو نه ڪندو آهي. وارڊ ۾ لائيٽ ڪو نه هئي. ڏهين وڳي ڌاري آئي، تيسين ٻاهر ويٺا رهياسين ۽ 15 تاريخ جي چنڊ جي روشني تي ماني به کاڌي سين ته رهاڻ به ڪئي سون. لائيٽ اچڻ شرط بند ڪيو اٿن. منير نماز ۾ مصروف آهي ۽ سليم اخبار کي لڳو پيو آهي.