آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

۽ جڏهن پ پ ايم پي اي گڏهه گاڏي تي چڙهي اسيمبلي پهتو

(18- اپريل 1984ع)
صبح جو پير معظم آيو. ٻڌايائين ته 9:30 وڳي بي ڪلاس ۾ محترمه بينظير صاحبه جو ڪتاب ”پاڪستان اُمنڊتا طوفان“ پڙهيو ويندو، ان ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. وقت تي پهتس. ڪافي دوست ڪتاب ٻڌي رهيا هئا. محمد بخش ميمڻ ڪتاب پي پڙهيو. هن ڪتاب ۾ پ پ جي حوالي سان حال ۽ مستقبل متعلق بحث ۽ منصوبا هئا. هي ڪتاب هندستان ٽائمز ۾ شايع ٿيو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هن ڪتاب جي مصنفه بينظير صاحبه آهي پر محترمه طرفان هن ڪتاب جي مصنف هجڻ جي ترديد ڪندي ڪتاب سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
يارهين وڳي ڌاري حسين شاهه ڏي ويس. ٻين وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو، عالم شاهه ۽ آءٌ ملاقات جي ڪمري ۾ وياسين ته پ پ سنڌ جي خاتون رهنما نورجهان سومرو ويٺي هئي، ساڻس 3 عورتون ٻيون به گڏ هيون. نورجهان سومرو ڪجهه ڏينهن اڳي رها ٿي آهي. هن ٻڌايو ته نارا جيل به ويئي هئي ۽ سياسي قيدين سان ملاقات ڪري آئي آهي. محترمه سياسي قيدين لاءِ فروٽ وغيره به وٺي آئي. نورجهان سومرو جو گهر وارو انجنيئر آهي. 1978ع ۾ محترمه بينظير صاحبه سان سنڌ جي دوري ۾ به گڏ هئي. نورجهان سومرو سان گڏ ڪراچيءَ جون بيگم شميم اين ڊي خان، فريده خانم، تاجدار صديقي جيڪا سدائين مرداڻا ڪپڙا پائي مرداڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي آهي، بزرگ خاتون امينه ناگوري ۽ منيره شاڪر سنڌ ۾ تمام گهڻيون سرگرم آهن، بيگم شميم اين ڊي خان سکر جيل ۾ نظربند هئي. شيرين سومرو ڪيس ۾ سکر کان حيدرآباد شنوائي تي ايندا هئاسين ته هوءَ به ڪراچي شنوائي تي ويندي ريل ۾ اسان سان گڏ هوندي هئي.
نورجهان سومرو جو ڀاءُ احمد علي سومرو به پارٽيءَ جو بنيادي ڪارڪن ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن مان آهي، هن وقت نارا جيل ۾ قيد آهي. سومرو صاحب ڀٽي صاحب جي وقت ۾ ايم پي اي هو. هڪ دفعي اسيمبلي ۾ ويندي کيس دروازي تي روڪيو ويو، جو هو پنڌ هو. هن احتجاج ڪيو ته ”مون وٽ گاڏي ڪونهي ته ڇا ٿي پيو، اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ تي منهنجو به ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن گاڏيءَ واري ميمبر جو“ ڪافي گوڙ ٿيو ۽ سومرو صاحب موٽي ويو ۽ گڏهه گاڏي تي چڙهي آيو ۽ گڏهه گاڏي سوڌو وڏي شان سان اسيمبلي بلڊنگ ۾ آيو ۽ گڏهه گاڏيءَ کي ڪارن موٽرن جي ڀر ۾ اچي بيهاريو. سومرو صاحب سڄي خاندان سميت پارٽي ۾ سرگرم آهي.
شام جو خبر پئي ته عبدالحسين پنهور جي رهائي جو آرڊر آيو آهي ۽ تيار ٿي ماڙي ڏي وڃن پيا، کانئن موڪلائڻ ويس عبدالحسين سان گڏ هوسڙيءَ جي ٻين دوستن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن ۾ عبدالحسين جو ڀاءُ عبدالجبار، چاچو محمد رحيم پنهور، جمشيد پنهور، علي شير سولنگي، گلشن ڪڇي ۽ ٻيا شامل آهن. دوستن ٻڌايو ته هنن دوستن تحريڪ دوران هوسڙي ۾ وڏي همت جو مظاهرو ڪيو ۽ گرفتار ڪيا ويا ۽ کين گرفتاريءَ کان پوءِ رها ڪيو ويو پر هي جوشيلا ڪارڪن وري گڏ ٿيا، نعرا هڻندا حيدرآباد آيا ۽ اچي گرفتاري ڏنائون، کين شاباس هجي نه ته هوسڙيءَ ۾ پارٽيءَ جي دعويدارن ۽ ڪنڌارن جي ڪمي ڪو نه هئي. هي دوست جيل ۾ وڏي همت ۽ صبر سان رهيا. عبدالحسين سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي جو سرگرم دوست ۽ اسٽڊي سرڪل جو پابند ساٿي هو.