آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

اسپتال مان بيزار ٿي واپس جيل پھتس سپاهي وڇڙيل يارن وانگي مليا

(12- جون 1984ع)
ڏهين جون تي صبح جو ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ صاحب رائونڊ تي آيو. کيس راتوڪي تڪليف جو ٻڌايم. ڊاڪٽر صاحب وارڊ جي ڊاڪٽرن کان به پڇيو. ڊاڪٽرن چيو ته رات هن کي ڪافي تڪليف هئي پر ڪري ڪجهه به نٿي سگهياسين. مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته تقريباً هڪ مهينو ٿيڻ وارو آهي، اڃا تائين اوهان کي خبر ڪو نه ٿي پوي ته منهنجي شگر گهٽ ڇو ٿي ٿئي؟ جڏهن اوهان ڪو خاطر جواب نٿا ڏيو ته وارڊ وارن ڊاڪٽرن جي آسري ڪيترو ويٺو هجان؟ وارڊ ته پروفيسر عالماڻي صاحب جو آهي پر پاڻ سدائين خير سان ڪو نه هوندو آهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ تڏهن اچڻ شروع ڪيو هئائين جڏهن محترم قادربخش انصاري ايم ايس ٿي آيو هو. انصاري صاحب کان پوءِ پروفيسر به ايندا هئا ته مريضن جو به خيال وڌيڪ ڪيو ويندو هو پر ڊاڪٽر مافيا کي انصاري صاحب ڪو نه وڻيو ۽ انصاري صاحب موڪلاڻي ڪري ويو منهنجي ڳالهه تي ڊاڪٽر خوش مزاجي ۽ همدرديءَ واري لهجي ۾ چيو ”ٻروچ! پريشان نه ٿي، ٺيڪ ٿي ويندين، بس ماني ۽ کنڊ کائيندو وڃ.“ وارڊ جي ڊاڪٽرن کي به هدايت ڪيائين ته شگر گهٽ ٿيڻ مهل منهنجي شگر ٽيسٽ ڪئي وڃي ۽ بلڊ پريشر به چيڪ ڪيو وڃي.
يارهين وڳي نسرين آئي، ساڻس ننڍڙي سميرا ۽ عمير گڏ هئا. کيس ٻڌايم ته اسپتال مان بيزار ٿي پيو آهيان، اسپتال ۾ وقت به الاهي ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر سمجهندا هوندا ته هي به جيل کان ٿڪو آهي تنهن ڪري اسپتال ۾ ترسيو پيو آهي، جي کنڊ ۽ ماني ئي کائڻي آهي ته جيل ۾ به وڃي کائي سگهجي ٿي. صلاح بيٺي ته جيل واپس وڃجي. گهر وارا واپس ويا. مون ڊاڪٽر خدابخش ڏاهري ۽ ڊاڪٽر جليل بچاڻي صاحب کان جيل وڃڻ جي موڪل گهري. ٻئي ڊاڪٽر وارڊ ۾ ڏاڍا محنتي ۽ پيارا ڊاڪٽر آهن. ٻنهي مون کي منع ڪئي ته ٽيسٽون وغيره ڪرايون ٿا، تون اڃان نه وڃ پر مون زوري کانئن موڪلائي اسپتال ڇڏڻ جي پرچي ٺهرائي.
ٽين وڳي جيل پهتس. دروازي وٽ سپاهي وڇڙيل يارن وانگر مليا. جيل ۾ اندر داخل ٿيس، چئني پاسي چُپ هئي. گرمي به ڏاڍي هئي. وارڊ ۾ آيس ته منير وارا پراڻي ڪمري بجاءِ نمبر1- ڪمري ۾ شفٽ ٿي ويا هئا. اتي ويس ته سليم، منير ۽ سائين حسين شاهه سُتا پيا هئا. سنگت سان ملڻ ٿيو. خبر پئي ته سائين ۽ منير کي روزو آهي. حسين شاهه ٻڌايو ته ”منير جي رهائيءَ جي تاريخ ويجهي ايندي وڃي ۽ منير جو نماز ۽ تلاوت سان پيار وڌندو وڃي. ٻنپهرن جو گهڻو وقت تلاوت ۾ گذاريندو آهي.“
شام جو روزي کان پوءِ عالم شاهه سان ملڻ وارڊ ڏي وياسين. اتان ٻئي گڏجي اسان جي وارڊ آياسين. ڪچهري ٿي. هاڻي ساڍي نائين وڳي بند ڪندا آهن، بند ٿياسين. منير ٻڌايو ته صبح جو چئين وڳي جيل وارا جاڳائيندا آهن. سڄي جيل کي سيخن مان ماني ڏئي ويندا آهن. اسان کي فجر جو کوليندا آهن ۽ ٻانگ مهل بند ڪندا آهن، ڏينهن جي ماني ڪو نه ڏيندا آهن.