آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

حيدرآباد جي قرب وارين ڪچهرين جي ياد

انهيءَ وقت جي ڪچهرين کي ٿو سارجي ته ڄڻ اهو وقت هو ئي ڪچهرين جو ، شايد انهن ڪچهرين جي ڪري به ڀائيچارو قائم هو. گهڻيون نفرتون انهن ڪچهرين جي ڪري جنم وٺڻ سان ئي ختم ٿي وينديون هيون. اکيون چار ٿيون، روبرو ويهي ڏک ڏوراپا هڪ ٻئي کي ڏنا ته ڄڻ دل جي قدورت ختم ٿي ويندي هئي، هاڻ جو گڏ ويهجي نٿو ته غلط فهميون ۽ دوريون به وڌي ويون آهن. ڪاش وري گڏجي ويهڻ جي حڪمت مان فائدو وٺي سگهون. ڪچهريون سڄي شهر ۾ هيون، هر پاڙي ۾ ڪچهري هئي. جيڪي ڪچهريون مون ڏٺيون، تن ۾ صبح جو مير رسول بخش جي بنگلي واري آفيس ۾، سڄي شهر مان سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ايندا هئا. رڳو اڳواڻ ۽ ڪارڪن نه پر، عوام جو به وڏو تعداد هوندو هو جيڪي وڏيرن ۽ ڪامورن جون دانهون کڻي ايندا هئا. مير صاحب هر ماڻهوءَ جي تڪليف ٻڌي پهرين حاڪمن ۽ ڪامورن تي جٺيون ڪندو هو، پوءِ فون به ڪندو ۽ خط به ڏيندو هو. خط کي تعويذ چوندو هو، ”بابا هي تعويذ وڃي ڏينس خدا ڪندو تنهنجو ڪم ٿي ويندو!“ مير صاحب جي فون ۽ خط جو اثر به ٿيندو هو، مير صاحب هو ته حڪومت مخالف رهنما پر سندس عوامي زندگي، جدوجهد، همت ۽ اصول پرستيءَ سبب هر طبقي ۾ قابل احترام هو. سياسي ماڻهو عزت ڪندا ۽ ڪامورا ڊڄندا هئس. رات جو مير صاحب جي باغ ڦليلي تي به وڏي ڪچهري ٿيندي هئي، انهن ڏينهن سڄي شهر مان ڪهي رات جي وقت ڦليليءَ تي ڪچهريءَ لاءِ اچڻ ايڏو آسان ڪو نه هو، شهري لحاظ کان اهو وڏو سفر هو پر سياسي جدوجهد ۾ اعتبار، اڳواڻن لاءِ محبت ۽ اعتماد جي ڪري ئي ورڪر ۽ اڳواڻ روز رات جو شهر جي هر ڪنڊ کان اچي ڪچهري مچائيندا هئا.
ميمڻ پاڙي ۾ به ڪچهري ٿيندي هئي. پاڙي ۾ چوڌاري جايون سندن هيون. ميمڻن اڃا ڀانڊا مسواڙ تي ڪو نه ڏنا هئا، چوڪ ۾ گند ڪچرو ڪو نه هو، ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏي ميمڻن جي ئي بيٺل هوندي هئي. شام جي شروعات سان ئي مسجد اڳيان ڇٽڪارون ٿي وينديون هيون. صندل، بئنچ، ڪرسيون پئجي وينديون هيون. هلڪي اوندهه ٿي ته آهستي آهستي سڀ گهرن مان نڪري اچي ڪچهري مچائيندا هئا. ڊپ ڊاءُ ڪو به ڪو نه هو، بي اونا ٿيا دير تائين ويٺا هوندا هئا. سڀئي پاڻ ۾ هوندا هئا، ورلي ڪو ٻاهريون دوست سندن ڪچهري ۾ هوندو هو. محرم توڙي رمضان جو آڌرڀاءُ وڏي سڪ مان ڪندا هئا. مومنن ۽ تراويحون پڙهڻ وارن جي تواضع ڪئي ويندي هئي. نوجوان وڏي چاهه ۽ محبت سان مسجد سينگاريندا هئا. بزرگ پنهنجي سر ويهي نيازن جو اهتمام ڪندا هئا. ميمڻ پاڙي جا سڀئي ميمڻ پ پ جا پرجوش حمايتي هئا. سڄي پاڙي ۾ هڪڙو گهر ۽ شايد گهر ۾ هڪڙو فرد محترم غلام نبي ميمڻ شروعات کان ئي ڀٽي صاحب جو مخالف هو. غلام نبي ميمڻ، گورنر مغربي پاڪستان نواب ڪالاباغ جي ساڄي ٻانهن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وري ايوب خان جو دادلو، ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪو نه پئي. ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڀٽي صاحب جي خلاف ”ٽريڪٽر ڪيس“ به غلام نبي ميمڻ ٺاهيو هو. جهونا چوندا هئا ته ايوب سرڪار جي چوڻ تي، خيال پير علي محمد راشدي ڏيندو هو ۽ تن کي قانوني ڪپڙا، غلام نبي ميمڻ پارائيندو هو. ميمڻ صاحب وڏي دٻدٻي وارو وزير هو. سندس پٽن جي شادي ٿي ته سڄو لاهور هو حيدرآباد ۾. نامور اداڪار، اداڪارائون ۽ رقاصائون شريڪ ٿيون هيون شادي ۾، شادي ڪو نه هئي ڄڻ جشن هو. ميمڻ پاڙي ۾ هاڻي اڳوڻي رونق ڪونهي. نفسا نفسي جي واءُ ميمڻن کي به ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي.
ڪچهري، سنڌي پاڙن جي ثقافت هئي. هر پاڙي ۾ چوڪ ۽ هوٽل تي هوندي هئي. الله داد چنڊ جي ڳوٺ، ذولف ۽ شبير لاڙڪ سان ملڻ ويندو هوس ته اتي به موڪل واري ڏينهن ۽ رات جو روزانو يارن جو ميڙو متل هوندو هو، سائين حيدرشاهه، سندس ڀائر، پاڙي وارا پڙهيل لکيل ڪچهري ۾ هوندا هئا. انهيءَ ڪچهري جو روح روان ماما عبدالله بلوچ هوندو هو، ماما عبدالله ذلف جو والد، پ پ جو بنيادي ڪارڪن آهي. ڪچهريون مچائيندي ۽ سنگت جي تواضع ڪندي لطف پيو ايندو اٿس، واجا احمد علي بلوچ جا ٽهڪ به انهيءَ ڪچهري جي سونهن هئا. بلوچ صاحب، لعل صاحب جو گهاٽو يار ۽ مير رسول بخش خان جي ٽيم جو اهم رڪن هو. لعل صاحب ۽ احمد علي بلوچ مير صاحب جي حڪمن ۽ حڪمت عملين تي عملدرآمد ڪندڙ ٽيم هئي.
ٽنڊي آغا ۾ خدا بخش ڏاهري، اشرف ابڙو، لياقت، ظفر مرزا، عبدالرزاق شيخ ۽ خادم ڏاهري سان سنگت هئي. ڊاڪٽر خدا بخش ۽ اشرف ته پارٽيءَ ۾ به سرگرم هئا. هر جلسي ۽ جلوس ۾ گڏ هوندا هئاسين. ٽنڊي آغا جي ڪچهري ۾ بزرگ مرزا عنايت علي به هوندو هو. سڀئي ڄڻا گڏجي مير صاحب جي صبح توڙي شام واري ڪچهريءَ ۾ به ويندا هئاسين. ٽنڊي آغا وارن دوستن سان ته محرم ۾ به ڪچهري ٿيندي هئي. محرم ۾ اشرف ابڙو، ظفر مرزا، اختر مرزا، محترم ممتاز مرزا، سائين اسماعيل شيخ، رزاق ۽ ٻيا نوجوان به هوندا هئا. ڪنهن نه ڪنهن کي هٿ ۾ جهنڊو هوندو هو. اهو جهنڊو محرم جي نشاني سان گڏوگڏ پڙن ۽ جلوسن ۾ هڪ ٻئي کي ڳولڻ ۾ به مدد ڏيندو هو، محرم ۾ ٽنڊي مير محمد، ٽنڊي ٺوڙهو، ٽنڊي غلام حسين، ٽنڊي نور محمد ۽ ٽنڊي جهانيان وارا به ٽولي ڪري هلندا هئا.
پاڙن ۾ ته ڪچهريون ٿينديون هيون پر شهر جون ڪي هوٽلون به يارن جي رهاڻين جو مرڪز هيون. ڪراچي هوٽل دانشورن، شاعرن، اديبن، فنڪارن جو مرڪز هئي. ڪيفي حيات صدر، سلطان هوٽل گاڏي کاتو، ڪيفي شيرازين نور محمد هائي اسڪول روڊ، پوليس لائين سامهون ڪيفي جارج به پڙهيل لکيل ماڻهن جي وقت گذارڻ جا مرڪز هئا. جيل روڊ جي مارڪيٽ واري ڇيڙي تي اي ون هوٽل به سياسي نيم سياسي دانشورن ۽ آفيسرن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. مهربان ايراني جي هوٽل تي سڄو ڏينهن اسپيشل چانهه ۽ سياسي ۽ ادبي ڪچهري پئي هلندي هئي. لعل صاحب وارا ان هوٽل تي ويهندا هئا. پورهيت گهڻو ڪري سلاوٽ پاڙي جي سلطان هوٽل، کدڙا گهٽيءَ واري هوٽل، مياڻي روڊ واري ڪيفي بشير، شهاب سينيما سامهون ميمڻ جي هوٽل ۽ ڊومڻ واهه روڊ تي گلشن هوٽل تي ساهه پٽيندا هئا. گلشن هوٽل تي رڪارڊنگ واهه جي ٿيندي هئي. ذات عاشق، معشوق ۽ درد جدائي جو ماريل اتي ويٺو ڪنڌ هڻندو هو. رات دير تائين گانن جي فرمائش ۽ چانهه پيئي هلندي هئي. ٺيٺ عاشق وري شيش محل هوٽل ۽ ان جي سامهون فرنٽيئر هوٽل تي هوندا هئا. کائيندا پيئندا به پيا هئا ته ديدار به پيا ڪندا هئا.
کوکر پاڙي جي گهٽين ۽ پڙن تي به ڪچهريون ٿينديون هيون. کوکر پاڙي جي ننڍڙي هوٽل ۾ محترم منظور چانگ سان ڪچهري ٿي هئي. منظور چانگ به پارٽيءَ جي پهرين ڪارڪنن مان هو، عمر جو وڏو ۽ گفتگو دانشوراڻي ڪندو هو. هڪڙي ڪچهريءَ ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌايائين ته ”هو پاڻ به ترقي اردو بورڊ جو ميمبر هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا نامور ماڻهو ترقي اردو بورڊ جا ميمبر هوندا هئا. اردو زبان کي برصغير جي سمورن مسلمانن جي زبان سمجهيو ويندو هو. هڪڙي ڪچهريءَ ۾ مولوي عبدالحق باباءِ اردو، برصغير جي ڪافي ٻولين جا ٿورا پئي مڃيا ته انهن ٻولين اردو جي بنياد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چانگ صاحب چيو ته مون پڇيومانس ته سنڌي ٻوليءَ جو ٿورو ڇو نه مڃيو ويو آهي، جڏهن ته اردوءَ ۾ ڪافي لفظ سنڌي زبان جا به موجود آهن؟ مولوي عبدالحق، چانگ صاحب کي اهڙا لفظ ٻڌائڻ لاءِ چيو ته، چانگ صاحب، مولوي صاحب کي سندس لقب ”باباءِ اردو“ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ”بابا مان مراد پيءُ فقط سنڌي زبان ۾ آهي. مولوي صاحب ٻيا به لفظ دريافت ڪيا ۽ چانگ صاحب چيو ته اردوءَ ۾ کيري جو گوشت دودهي جو گوشت هئڻ کپي پر ٿڻن واري گوشت کي کيري جو گوشت چوڻ سنڌي آهي. اهڙي طرح شاديءَ ۾ رسم آرسي چوڻ به سنڌي آهي، ڇاڪاڻ ته انهي رسم ۾ آرسيءَ کي اردو ۾ آئينه چوڻ بجاءِ آرسي چوڻ سنڌي لفظ جو استعمال ڪرڻ آهي. اهڙي طرح کير مان ٺاهيل کيرڻي کي اردو ۾ کير چوڻ به سنڌي آهي. چانگ صاحب ٻڌايو ته هن ڪافي لفظ ٻڌايا مولوي صاحب کي ۽ مولوي صاحب اها ڳالهه تسليم ڪندي چيو ته ڪنهن موقعي تي سنڌي زبان جي لاءِ اها ڳالهه ضرور ڪندس ته هن به اردو جي بنياد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“
شهر جا نوجوان، فردوس سئينيما جي سامهون ڊي لڪس هوٽل ڇوٽڪي گهٽي ۾ دي پئرس هوٽل، راحت سئنيما جي سامهون مشرق هوٽل، سري گهاٽ تي المشرق، فوڪس فوٽو جي ڀر ۾ جام جم هوٽل ۽ ٻين هوٽلن تي گڏ ٿيندا هئا پر ڪيفي جبيس، شهر جي پڙهيل لکيل خاص ڪري سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن جو وڏو مرڪز هئي. پهرين تلڪ چاڙهيءَ تي کولي ويئي، پوءِ مٿان واري جاءِ وٺي جبيس کي وڌايو ويو، مٿين جاءِ ۾ ئي شايد محترم ابراهيم جويو ڪنهن زماني ۾ رهندو هو. اها جاءِ به واڻين جي شوق مان ٺاهيل ٻين جاين وانگر سهڻي هئي. ٻه ڪمرا، سهڻي ڇت، نازڪ هٿين ۽ رنگين شيشن جي درن سان شيشم جا ڪٻٽ، ننڍڙو گول ٿنين سان ورانڊو ۽ مختصر اڱڻ، گراهڪ وڌي ويا ته باٿ روم، ڪچن ۽ اسٽور روم جي ڇتين تي به ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو. وقت جي ڪامياب هوٽل هئي. صبح شام رش هئي. قرب واريون ڪچهريون به ٿينديون هيون ته سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري صلاح مشورا به ٿيندا هئا. سپاف جي قيام جو اعلان به هوٽل جبيس ۾ ئي ڪيو ويو هو. جيڪي به جبيس تي ويندا هئا تن کي ڄڻ جبيس جو نشو ٿي ويندو هو، جبيس تان ڏينهن ۾ ڀيرو ضرور ڀربو هو. مختيار، ڊاڪٽر اشرف، نجيب قاضي، غازي صلاح الدين، ڊاڪٽر شمس وارن سان ته ويندو هئس پر موليڏنو راڄپر، امتياز مهيسر، فاروق ٻگهيو، سليم شاهه راهوڪي، ڪڏهن ڪڏهن قاسم شاهه عرف منو شاهه ٽنڊو محمد خان وارن سان ته روز جبيس تي وڃڻ ٿيندو هو. ڪاليج مان نڪري شام جو جبيس تي نه وياسين ته ڄڻ ڏينهن سٺو گذريو ئي ڪو نه. اهو دوستن، ساٿين ۽ شهر جو سهڻو زمانو هو.
جڏهن پوي ياد، صحبت سپيرين جي،
فريادون فرياد، ناگھ وڃن نڱيو.
جبيس گهڻي پراڻي ٿي وقت جي ور ڪو نه چڙهي ويئي پر هِن کي نفرتن جي واچوڙن جوڀن ۾ ئي لٽي ڇڏيو. شهر ۾ پاڪستان کان پوءِ آيلن ۽ اصل ويٺلن ۾ ويڇا ڪو نه وڌيا هئا. اڃا هڪ ٻئي جي پاڙن ۾ به اچڻ وڃڻ هو، هڪ ٻئي سان سنگتون به هيون، پارٽين ۾ به گڏ ويهندا هئا پوءِ به الائي ڇو شهر جي ماڻهن جو جيڪو به جلوس نڪرندو هو تنهن جي سنگ باري جو نشانو، اصل رهاڪن جون ملڪيتون ئي هونديون هيون. احتجاجن باهه ڏيڻي هوندي هئي ته سرڪاري بس، گاڏيءَ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن سنڌي دڪان، هوٽل کي باهه ڏبي يا ڀڃبو ضرور هو. شهر جي سنڌين جا عاليشان ڌوٻين جا دڪان، پر رونق حجامن جا دڪان (حيدرآباد جا مور حجام ۽ اُستي قاسم حجام جو دڪان ته سڄي سنڌ ۾ مشهور هو). نشاط هوٽل کان جبيس هوٽل، پئٽرول پمپ، هلڪيون ڦلڪيون ڪئبنون سڀ آهستي آهستي ويراني ڏانهن وڌنديون ويون جو هر دفعي شهر جي جلسن جلوسن ۾ ايندڙن جي ڏمر جو نشانو اهي ئي هيون. شهر جي اصل ماڻهن جي وڻج واپار جا اهي مرڪز رڳو ڪاروباري جايون ڪو نه هيون، اُتي اکين وارن جون اکيون چار به ٿينديون هيون، صوفي روحن وارا محبتون به ويهي ونڊيندا هئا. پيار جي انهن پڙن جي ڦٽڻ وارو دور ئي شهر جي ويران ۽ ويڳاڻي ٿيڻ جو آغاز هو، رڳو اهي هوٽلون پررونق ڪو نه هيون پر شهر جون رهائشي هوٽلون به ڪامياب ڪاروبار هو. اهي رهائشي هوٽلون گهڻو ڪري اسٽيشن جي آس پاس واري علائقي ۾ هيون. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا مارڪيٽ ۾ هئي باقي وڏيون ۽ ڪامياب هوٽلون قلعي جي پوئين ديوار سان اسٽيشن جي ويجهو هيون. زميندار هوٽل، حبيب هوٽل، يثرب هوٽل، فارول، گرانڊ هوٽل، شيزان هوٽل، نظاماڻي هوٽل، فردوس هوٽل جي ٻاهران گاڏين جي رش ۽ هوٽلن ۾ ماڻهن جي وڏي اچ وڃ ڏسبي هئي. مارڪيٽ ۾ نگاهه ڪريمي جي سنگاپوري چانهه ۽ سمبوسا، اسڪول ۽ ڪاليج واري زماني ۾ سڀني شاگردن کي پاڻ ڏي ڇڪيندا هئا. رهائشي لحاظ کان مارڪيٽ ۾ تاج محل هوٽل ڪامياب هوٽل هئي. مارڪيٽ جي ايريا ۾ سيٺ ڪدو ميمڻ شاني هوٽل ٺهرائي پر جهڙي شوق مان ٺهرايائين ايڏي هلي ڪو نه. منهنجي خيال ۾ ته ڪَدو سيٺ جي هوٽل ڪو نه هلي ته ٻين هوٽلن جون به پٽي پاڙون پٽيئين. آهستي آهستي رهائشي هوٽلن تان به رش لهي ويئي. ان جو سبب ٻين ڳالهين سان گڏ، وقت جي تيز رفتاري هو. رستن جو سفر آسان ۽ تيز ٿيو ته ماڻهن ويجهن علائقن لاءِ ريلن ۾ چڙهڻ ڇڏي ڏنو ته وقت ۽ حالتن به ماڻهن کي شهر ۾ هروڀرو رهڻ لاءِ مجبور ڪو نه ٿي ڪيو.
مارڪيٽ واري تاج محل هوٽل ۾ منهنجو وڃڻ گهڻو ٿيندو هو، جو اتي سائين صالح شاهه ڪراچي وارو اچي رهندو هو. سائين صالح شاهه بابا وارن جو به دوست هو ۽ لعل صاحب وارن جو به تحريڪي ساٿي ۽ دوست هو. سائين صالح شاهه پنهنجا ٻه پٽ شير علي شاهه ۽ فتح علي شاهه نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايا هئا ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجن دوستن کي سندن پارت ڪري ويو هو. مون کي انهن وٽ خبرچار لاءِ وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ انهن سان گهاٽي سنگت ٿي ويئي. اهي نور محمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا، موڪل جي ڏينهن مون سان هوندا هئا اسان جي گهر به اچي وقت گذاريندا هئا.
سائين صالح شاهه، مزاجاً قلندر ۽ سخي انسان هو. سائين پاڻ ٻڌائيندو هو ته ننڍي هوندي، مرحوم نور محمد (نور محمد هاءِ اسڪول جو باني) کيس ڪراچيءَ مان پنهنجي اسڪول حيدرآباد وٺي آيو جو سائين صالح شاهه، هوشيار شاگرد ۽ والي بال ۽ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو. سائين ٻڌايو ته جوانيءَ ۾ خاڪسار ٿيو، خاڪسار تحريڪ جي ڪافي جلسن جلوسن ۾ شريڪ رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ هندستان ۾ گرفتار ٿي جيل به ڪاٽي آيو. سائين صالح شاهه ٻڌايو ته سندس چاچو اميد علي شاهه خاڪسارن جو مخالف هو، انهيءَ ڪري جلدي خاڪسار تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. سائين شروعات ۾ تمام غريب ماڻهو هو، مشڪلن ۾ وقت گذاريندو هو. انگريزن سندس چاچي کي شير شاهه ڪالوني واري جاگير عطا ڪئي. پاڪستان ٺهيو ته ان زمين جي وڏي قيمت ٿي ويئي، سائين وڏي پئسي وارو ٿي ويو. مون انهيءَ دور ۾ ڏٺو، سندس ڪراچي واري گهر جي اڳيان آفيس هئس، ان تي بورڊ لڳل هوندو هو ”آفيس آف دي سيد صالح محمد شاهه اونر آف شير شاهه اسٽيٽ“
سائين صالح شاهه کي گهڻو ڪري ٻارهن مهينا ئي ڪوٽ پتلون پئي هوندي هئي، کيسا نوٽن سان ڀريل هوندا هئس، ورهائيندي رت وڌندو هئس. جنهن کي به ڏيندو هو، ڪوٽ يا پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي، مٺ بند ڪري ڏئي ڇڏيندو هو، وٺڻ واري ۽ ڏسڻ واري کي خبر ڪو نه پوندي هئي ته ڇا ڏنو اٿس. هڪ شام ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو ته ڪنهن فقير اچي صدا هنئي. سائين حسب عادت کيسي ۾ هٿ وجهي مٺ بند ڪري فقير کي خيرات ڏني. فقير ويو هليو پر ٿورو پري وڃي فقير وري هڪلون ڪندو آيو ته”سخي ڪربلا جو ڀاڙو ڏيار!“ سائين وري ڪوٽ مان مٺ بند ڪري فقير جي حوالي ڪئي. فقير دعائون ڪندو ويو ۽ وري ڪو نه آيو. سائين صالح شاهه حيدرآباد ايندو هو ته قدم گاهه مولا علي ۽ سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي ضرور هلندو هو. تاج محل هوٽل مان ٽانگي تي چڙهندا هئاسين. تلڪ چاڙهي شروع ٿي ته سائين هلندي ٽانگي مان لهي پوندو ۽ تلڪ چاڙهي جي ٻنهي پاسي ويٺلن فقيرن ۾ نوٽ ورهائيندو، تلڪ چاڙهي جي هيٺيان اچي ٽانگي ۾ چڙهندو. انهن ڏينهن تلڪ چاڙهي تي ڏاڍا فقير رهيا پيا هوندا هئا. قدم گاهه ۽ سخي وهاب شاهه جي درگاهن تي حاضري ڀري قدم گاهه کان نوٽ ورهائيندو قلعي واري پاسي کان ٻاهر نڪرندو هو ۽ اتان اچي وري ٽانگي تي چڙهندو هو. سائين ڀٽ شاهه ۽ قلندر شهباز جو وڏو عقيدت مند هو. ڀٽ شاهه تي به گڏجي وياسين. اتي فقير ته سائينءَ کي سڃاڻي ويا هئا. سائين کي ڏٺئون ته مڙي ويندا هئا سائين جي چوڌاري. مون فقيرن ۽ غريبن کي چوندي ٻڌو ته ”ڪراچي وارو سيد اچي ويو آهي جيڪو نوٽ ورهائيندو آهي.“ واقعي انهيءَ وقت نوٽ ورهائڻ فقيرن ۾ هئي به وڏي ڳالهه، فقيرن لاءِ ماڻهو پايون، پنج پئسيون ۽ ڏهه پئسيون کليون ڪرايو ويٺا هوندا هئا. سائين شاگردن جا خرچ به برداشت ڪندو هو. شير شاهه ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي ٻروچن جي گهرن ۾ ضرورت جو سامان به پيو ڏيندو هو. سائينءَ جي گهر واري به وڏي سخي عورت هئي، خير خيراتون ڪرڻ ۾ مڙس وانگر هئي. روز ٽئي وقت هنڊا ٻوڙن ڀتن جا رڌرائي پاڻ ويهي ورهائيندي هئي، پهرين آسي پاسي جي غريبن ۾، پوءِ گهر وارن ۾. سائين صالح شاهه جي والده به پنهنجو مٽ پاڻ هئي. بروهڪي ڪپڙا پيا هوندا هئس. هر وقت پئي سائين سان وڙهندي هئي ته ” تنهنجي پيءُ جا پئسا آهن، تنهنجي ڏاڏي جا پئسا آهن، تون کپائين پيو مون کي ڪو نه ٿو ڏين.“ سائين جي والده جو سڄو جهيڙو بروهڪي زبان ۾ هوندو هو. سائين جا مهمان سنڌي هوندا هئا، سائين جو ساهراڻو ڪيڙ به سنڌي هو، اسين سنڌي جو اتي ويندا هئاسين ته ڏاڏي ”بيبي جنت“ اسان کي ڏسي چوندي هئي ”سنڌين کي نوٽ پيو کارائين باقي مون کي نٿو ڏين.“ سائين صالح شاهه ڏاڏيءَ جو جهيڙو ٻڌي وٽس اچي وِهندو هو ۽ پوءِ ويٺو ماءُ جا هٿ چمندو، پيرن جون تريون چمندو، پيرن کي اکين تي رکندو، پيرن کي هٿ گهمائي پنهنجي منهن تي پيو لائيندو. انهيءَ مهل ڏاڏي وري ويٺي سائينءَ کي پٺن تي ڌڪ هڻندي هئي. اهي ڌڪ پيار مان هوندا هئا. ڏاڏيءَ جو جهيڙو سچي پچي جو ڪو نه هوندو هو، هوءَ ته بزرگ هئي، اوڙي پاڙي، پنهنجن پراون لاءِ پيار واري. اسان کي به خرچيون پئي ڏيندي هئي. هن جو جهيڙو هوندو هو پئسن لاءِ. پئسا کٽندا هئس ته جهيڙو ڪري وٺندي هئي. پئسا وٺي منگهو پير تي شير شاهه جي درگاهه تي وڃي درگاهه جي خدمت ڪندي ۽ غريب غربا کارائيندي، منگهو پير نه وئي ۽ پئسا به مليس ته پوءِ گهر جي ٻاهران ويهي غريبن ۽ فقيرن جو انتظار ڪندي. فقير آيو ته پئي ان کي غور سان ڏسندي ۽ جي پڪ ٿي ويس ته واقعي مصيبت ۾ آهي ته وس آهر خيرات ڏيندي ۽ پوءِ خيراتون ڪندي پئسا کٽائي وري سائينءَ سان وڙهندي ته ”تنهنجي پيءُ جا پئسا آهن جو مون کي ڪو نه ٿو ڏين!“
سائين صالح شاهه ٻڌايو ته مولانا ڀاشاني ۽ غفار خان جي پارٽين جو اتحاد ٿيو ته ان اجلاس ۾ پاڻ به ويو هو، اهو اجلاس ڍاڪا ۾ ٿيو هو. سائين جي ايم سيد وارن سان گڏ ويو هو. نعپ جي بنيادي رهنمائن مان هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به تعلق هئس. ڪامريڊ جي هاري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو هو. نعپ جي اڳواڻن جا خرچ وغيره به ڀريندو هو، پر پوءِ سائين جي شايد دل ڀرجي ويئي سياست مان. چوندو هو ”اهي سڀ وڏا استاد آهن، ماڻهن جي سورن جي ڳڻتي ڪنهن کي به ڪونهي.“ سائين سدائين انسانن جي بنيادي حقن جي تحريڪ جي ڳالهه ڪندو هو، چوندو هو ته پاڪستان کي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف پاڪستان“ هجڻ گهرجي. دولت جي خلاف پيو ڳالهائيندو هو. خيالن جي لحاظ کان ڪميونسٽ هو. سائينءَ جي وفات کان پوءِ سندس تصويرون ڏسي سندس سياسي سرگرمين جو احساس ٿيو. سندس حياتي ۾ ته هوش به ڪو نه هو جو سندس داستان حيات پڇي اڄ سندس تجربن، اندازن کان ٻين کي به واقف ڪريون ۽ پاڻ فائدو وٺون ها.
پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
سائين رات سڄي ٻاهر ڪچهرين ۾ گذاري اسر ويل اچي سمهندو هو. صبح جو اٺين نائين وڳي جاڳي، اخبارون پڙهندو ۽ چانهه پيئندو هو. اخبارون سڀ گهرائيندو ۽ پڙهندو هو. ڊان، جنگ، مشرق، انجام، حريت، آغاز، عبرت. جتي به هوندو، سڀ اخبارون اينديون. اخبارون پڙهي وري سمهندو، پوءِ وقفي وقفي سان جاڳندو، سمهندو، ٻنپهرن جي ماني کائيندو، پوءِ آهستي آهستي تيار ٿيندو، شام تائين سندس تياري هلندي هئي. رات جو وري گهران نڪري ويندو هو. بغدادي، ڪنڀار واڙو، لي مارڪيٽ سنگتين سان، گهرن توڙي درگاهن تي ڪچهرين ۾ وقت گذاري وري فجر جو پيو موٽندو هو.
آفيس ۾ قسمت سان ويهندو هو، تنهن ڪري آفيس ۾ ويهندڙ سائين کان وڌيڪ امير ٿيندا ويا. سندس هڪڙو مئنيجر لک رپيا هڙپ ڪري گم ٿي ويو. شاديون 3 ڪيون هيائين، ٽين گهر واريءَ جو تعلق بنگلور سان هو، اڳيون مئنيجر پئسا کڻي ڀڄي ويو ته سندس بنگلوري سالو مئنيجر ٿيو، انهيءَ سائين جي حياتي ۾ ئي سائين کان رهڻ ڪهڻ سکيو هو، سائين وفات ڪئي ته اهو به سائينءَ جو ويڙهو ڇڏي ڪنهن سُٺي علائقي ۾ وڃي رهيو. شير شاهه ۾ سائينءَ جي حويلي وڏو ويڙهو هئي جنهن ۾ سندس ٽي گهر، ڀاءُ جو گهر، ڀاڻيجن جا گهر ۽ ٽين گهر واريءَ جي مائٽن جا چار پنج گهر هئا. سائين پنهنجي پڙ ڏاڏي سيد شير شاهه جو منگهي پير ۾، چاچي اميد علي شاهه جو شير شاهه ۾ ميڙو ڌوم ڌام سان لڳرائيندو هو. وڏي شان مان پڙ کڄندا هئا، واڄا ٿيندا هئا، نياز ننگر به جام ٿيندو هو، رات جو راڳ جي محفل به ٿيندي هئي. ٻين راڳيندڙن کان قوال وڌيڪ پئسا کڻي ويندا هئا. اهي قوال مئي ۽ مستيءَ جا ڪلام ٻڌائي سائينءَ کي جهومائيندا هئا ۽ سائين نوٽ گهوري گهوري آخر ۾ نوٽ هوا ۾ اڏائيندو هو.
سائينءَ جي وفات کان پوءِ شير شاهه ۾ ساڳيو ميڙو ڪونهي، اهي رونقون سڀ سائين سان هيون. سندس پٽ شير علي شاهه ۾ جوش ته والد وارا آهن پر کيس والد وارا وسيلا ڪونهن. سائين پنهنجا بخت هڪڙا پاڻ ورهائي ويو ٻيا پاڻ سان کڻي ويو، پونئيرن لاءِ ڇڏڻ جي شايد سوچئين به ڪو نه. پنهنجو گهر ننڍن موٽن سيٺين جهڙو به ڪو نه هو ۽ نه ئي پنهنجي حيثيت مطابق ٺهرايائين. اڄ انهيءَ گهر ۾ سڀئي ماڻهو موجود آهن پر ڏاڏي جنت ڪونهي. سائين صالح شاهه جي سخي گهر واري ڪونهي ۽ صالح شاهه ڪونهي ته ميڙا به ڪونهن. سائين صالح شاهه تعليم واري دور کان ئي ٽنڊي ۾ گهڻو ايندو هو. ٽنڊي ۾ سندس گهاٽي ياري چاچا ماڻڪ سومري سان هئي. سندس پٽ حيدرآباد ۾ پڙهڻ لڳا ته پاڻ به گهڻو ايندو هو. سندس وقت جان محمد هميراڻي سان يا ٽنڊي وارن سان گذرندو هو.
ٽنڊو ڪچهرين جي ڪوڏين جو پاڙو آهي، اڄ به پاڙي وارن جو ڪچهرين ۾ ساهه آهي. نفسا نفسي واري وقت ۾ به ڪٿي نه ڪٿي ٻه ٽي ڄڻا ضرور گڏيا ويٺا هوندا آهن. رات جو دير تائين به ڪي نه ڪي رهاڻين ۾ رڌل ضرور هوندا آهن پر تڏهن ٽنڊو وسندو هو. مارڪيٽ ٿاڻي کان وٺي ڌوٻي گهاٽ تائين ست اَٺ ٻاڪڙا هوٽلون هيون. ڏينهن جو ته ڀريون پيون هونديون هيون پر رات پالي به ٿيندي هئي هوٽلن تي، هڪڙا ڏينهن ۾ سمهن ٻيا رات جو جاڳن، ڏينهن رات چانهه جا دور پيا هلندا هئا. اسپيشل چانهه جو رواج عام ڪو نه هو. ٽنڊي وارين هوٽلن تي سادي چانهه، پتي واري چانهه، ڪٽنگ چانهه، پوڻيا چانهه، لمبا پاڻي ۽ سليماني چانهه جا آرڊر ٻڌبا هئا.
هينئر ٽنڊي ۾ ٽرانسپورٽ ڪمپنين ته جيئڻ جنجال ڪري وڌو آهي. هر گهٽيءَ ۾ آهي پرديسين جي رش، سڀئي پاڙي پتي جي ريتن کان اڻ واقف، تڏهن ٽنڊي ۾ فارورڊنگ ايجنسيون کليل ڪونه هيون (اهي ڪمپنيون به جهڙيون ايسٽ انڊيا ڪمپني. سڄو پاڙو آهي سندن قبضي ۾) پاڙو آزاد هو، شام جو رستن تي ڪچهريون هيون ۽ رات جو ڪيترائي پاڙي وارا گهٽين ۾ گهرن اڳيان کٽون وجهي سمهندا هئا.
پاڙي ۾ زندگيءَ جو آغاز صبح صادق کان ئي ٿي ويندو هو. نوڪرين وارا گهٽ هئا، پورهيت گهڻا هئا. صبح سوير ئي هوٽلن تي اچي نيرانيون چانهيون پي، ٻيڙيءَ جا دونها ڪڍي روزگار تي ويندا هئا. صبح سان ئي حلوائين تي رش به وڏي ٿيندي هئي، گهڻو ڪري غريب غربو ٻارن لاءِ مال پڙا، دال پڪوان، ٽوش، ڊبل روٽيون به ضرور وٺندو هو. صبح سان چاچي قادو ڏوڌي تي به وڏي رش هوندي هئي. ڪي ڏڌ مکڻ وٺي گهر وارن کي سُکيو ڪندا هئا ته ڪي اُتي ئي پپر جي پن ۽ هٿ جي تري تي ئي مکڻ کائي ڏڌ پي لٺ ٿيندا هئا. رش ته چاچي حاجي سيڌي واري ۽ ادا عرس ٻچڙي جي کير جي صندل تي به ڏاڍي ٿيندي هئي پر ”شيدو پالاري“ ۽ ”چاچو شفو پڪوڙائي“ ڀاڳن وارا هئا، مٿن جيئري ميڙو هو.
ادا عرس جون ڍڳيون به پاڙي جي سڃاڻپ هيون. مالوند ته هر گهٽيءَ ۾ هئا پر ادا عرس جون ڍڳيون سڀن کان نراليون هيون. ڪنڌ ۾ رسو سهنديون ئي ڪو نه هيون، رسو ڪنهن وڌن ته مٿان ٿي ڪري پونديون هيون. سڄو ڏينهن کليون پيون هونديون هيون. ڏينهن جو شهر مان بصر، گجر، ڪاڳر ۽ لفافا چري شام جو وٿاڻ تي ورنديون هيون، جهڙيون پاڻ نراليون هيون تهڙو سندن ڌراڙ ”سومار“ سومار هر ڍڳيءَ جي نسل ۽ عادت مان واقف هو، ڍڳين جا نالا رکيل هئس، ”نيلو“ کي سڏيندو ته نيلو سان نيلوءَ جو ڦر به پيو ڍڪون ڪندو ايندو ،”ڳاموري“ کي هڪل ڪندو ته ڳاموري ڦر سوڌي اچي سومار جو پاسو وٺندي. ڪلي تي بيهي کائڻ وارن جانورن جي ڀيٽ ۾ ادا عرس جون ڍڳيون هلندي گهمندي پراوا پنا، ڀاڄيون ۽ ڳڙ کائيندي مواڙ لڳيون پيون هونديون هيون. ڪيترن ئي ساٿين کي ڏسي اسان کي ادا عرس واريون ڍڳيون ياد اچي وينديون هيون. سپاف ۾ انهي زماني ۾ گهڻن دوستن تي ”ادا عرس واري ڍڳي“ نالو رکيل هو.
هوٽلن تي وڏا بحث مباحثا ٿيندا هئا. پڙهيلن ۽ ڪڙهيلن جون عالمانه خبرون به ٿينديون هيون ته موالين وارا ڌڪا به پيا لڳندا هئا. هوٽلن واري ڪچهريءَ ۾ سائين شريف شاهه جي ڪچهري زور ڪچهري هئي. ڪچهري بابا وٽ به ٿيندي هئي. اسان واري گهر واري جاءِ ۾ اڳ ۾ هوٽل هئي. هوٽل کان اڳ ۾ اوطاق هئي. سڄو ڏينهن رهاڻيون هيون اتي. حيدرآباد ۾ ڪُشتين جا مقابلا جام ٿيندا هئا. شهر جا پهلوان به مشهور هئا ته پنجاب جا پهلوان به ايندا هئا. بابا وٽ به جهلم مان خادم پهلوان، ظفر پهلوان ۽ ٻيا پهلوان اچي ترسندا هئا. خادم پهلوان ته ڏاڍو مشهور ۽ ڪامياب ٿيو. بابا جي ڪچهريءَ ۾ مولائي ۽ موالي جام هوندا هئا. عالم ۽ شاعر ۽ ڳائڻا به ايندا هئا. سينگار علي سليم، مٺو ڪڇي، (مٺو ڪڇي جو ڀاءُ الائي ڀائٽيو سکر جيل ۾ قيد هو. سکر جيل جو تن ڏينهن مرزا صاحب سپرنٽنڊنٽ هو ۽ سندس پٽن سان اسان جي دوستي هئي. مٺو ڪڇيءَ کي اسان جي سنگت جي خبر پئي ته پنهنجن قيدي ماڻهن سان اسپيشل ملاقات ۽ سهولت وٺي ڏيڻ لاءِ مون کي وٺي سکر هليو. سکر ويندي رستي ۾ استاد مٺو ڪڇي پئي جهونگاريو ”اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان يار سڄڻ....“ مون چيس چاچا اوهان کي اهو ڪلام وڻي ٿو ڇا؟ چيائين ته ”رونا ليليٰ اها سٽ ڳائي سنڌ جي ڳائڻن کي ملهه وارو ڌڪ ڏئي ويئي آهي.“ خانصاحب، فدا حسين خان، مشهور طبلي نواز فياض علي خان ۽ حضور بخش هزاري ته بابا جا گهاٽا يار هئا پر ٻيا نامور فنڪار به بابا وٽ ايندا هئا. خانصاحب فتح علي خان ننڍي هوندي کان بابا وٽ مون ايندي ڏٺو، اڃا تائين سندس پيار وارو تعلق بابا سان هليو اچي. سنڌ جو مشهور بزرگ صوفي شاعر راضي فقير به بابا وٽ ايندو هو. اوطاق تي ترسندو هو، ننڍي هوندي، راضي فقير مون کان نوٽ بڪ ۾ پنهنجي شاعري لکرائيندو هو. کيس وڏو ڪارو جبو ۽ ٻروچڪي جُتي پيل هوندي هئي. پٽڪو اڌ ڪارو ۽ اڌ سائو هوندو هو، راضي فقير سان ڀٽائيءَ جي ميڙي تي به رهاڻيون ٿينديون هيون. راضي فقير جي شاعري به شاهه سائين جي شاعري جهڙي هئي، سندس هر بيت شاهه جي بيت سان ڏنل هوندو هو.
سنڌ جي مشهور شاعر لعل حسين شاهه سوز جي به بابا سان ياري هئي. سکر مان ايندو هو ته اسان وٽ ئي ترسندو هو، شهر کان ٻاهر مجلسون پڙهڻ ويندو هو ۽ واندو ٿي وري اسان وٽ ئي ايندو هو. پهرين هوٽل واري اوطاق ۾ پوءِ اسان جي گهر واري اوطاق ۾ رهندو هو. سائين لعل شاهه شيعه مڪتبه فڪر جو وڏو عالم ۽ مقرر هو. بهترين شاعر هو، سندس شاعري گهڻي منظر عام تي ڪو نه آئي. صرف چند ڪافيون ۽ غزل مشهور ٿيا. سينگار علي سليم سندس ڪلام کي واهه جو ڳايو آهي ”آيا اڱڻ عجيب، نصيب ڀلا، اهي اڱڻ چمان يا عجيب چُمان“، ”الف ني ميم دا برقعه پاڪي خوب رچايا رنگ ميان“، ”وڌي ويون دل جون پريشانيون“ مولائين، موالين، عالمن ،فنڪارن جي انهيءَ محفل ۾ عجب عجب موضوع به نڪرندا هئا. هڪڙي ڪچهريءَ ۾ بابا، سائين لعل شاهه سان ڪچهري ڪندي ”اچي حاضر حسيني ٿي قلندر لعل مروندي“ واري ڪلام ۾ ”حاضر“ لفظ تي اعتراض ڪيو (اهو ڪلام محمد يوسف جو ڳايل آهي) بابا جو چوڻ هو ته شاعر قلندر يعني پنهنجي مرشد کي مشڪل آسان ڪرڻ لاءِ سڏ ٿو ڪري، جڏهن ته حاضر ٿيڻ لاءِ مرشد کي نه پر پاڻ کان هيڻي يا جوابدار کي حڪم ڪبو آهي. سائين لعل شاهه چيو ” ڳالهه ته لالا اوهان جي صحيح آهي (بابا کي دوست ڀائو ۽ لالا چوندا آهن) پر اتي حاضر جي جاءِ تي ڇا هجڻ گهرجي ها؟ بابا چيو اها سٽ هجڻ گهرجي ها ته ”اچي حامي حسيني ٿي قلندر لعل مروندي.“ اهڙي ڪچهري ۾ بابا، سينگار علي سليم جي ڳايل ڪلام ”آيا ڪين مارو وساريئون وطن کي“ ۾ ”پاڙيئون نه سخن کي“ واري لفظ تي پڻ اعتراض ڪيو. اهو ڪلام مرثيه طور به ڳايو ويندو آهي ۽ سڀني جو اهو ئي چوڻ آهي ته اهو ڪلام آهي ئي مرثيو، تنهن ڪري بابا کي عقيدي جي لحاظ کان امام عالي مقام لاءِ واعدو نه پاڙڻ واري ڳالهه تي اعتراض هو. سائين لعل شاهه سان ڪچهري ڪندي بابا، سائينءَ سان ڳالهه ڪئي ته مير حسن علي خان پنهنجي مرثيه جا ڪيئي بند بنا نقطي چيا آهن. سائين انهيءَ مهل ڪاغذ گهرائي ٿوري دير ۾ ئي چار پنج شعر بنا نقطي لکي ڏنا. سائين لعل شاهه ملتان ويو ته اهي ڪچهريون وڌيڪ ٻڌڻ کان رهجي ويون. سائين اتان، اڃا تائين محبت ڀريا خط موڪليندو رهندو آهي.
بابا جي ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي نامور فنڪارن کي ٻڌم. فنڪارن کي ٻڌڻ جو گهڻو موقعو ”بابا حيات فقير“ وٽ ئي ملندو هو، اتي خورشيد علي خان کي ٻڌم. سندس هڪڙو ڳايل ڪلام اڃا به ياد اٿم ته ”تيرون ڪي مصلي پر وه سجده شڪرانه“ اتي مهدي حسن، سائين اختر حسين، منظور علي خان ۽ ٻيا وڏا وڏا سنڌ پنجاب جا گويا به ٻڌا ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور جون رقاصائون به رقص ڪندي ڏٺم. حيات فقير وٽ ڪنهن مزار تي ميڙو نه هو پر جيئري فقير جي صحبت لاءِ سڄي شهر مان عالم، اديب، شاعر، قوال، فنڪار، آفيسر ۽ مولائي اچي مڙندا هئا. حيات فقير لانگوٽي وارو فقير هو، وڏا وار ۽ ڪارو کٿو بت تي. وڏا ننهن، ٻانهن ۾ لوهي ڪنگڻ، ڪنڌ ۾ مالها. ڳوڻ جي ننڍي پاٿاري تي ويٺو هوندو هو، دل چيس ته سردي، گرمي، اُس مينهن ۾ ٿلهي تي ويٺو هوندو هو. وري جي پور پيس ته لانڍي ۾ مچ تي اچي ويهندو هو. ڀٽو صاحب وزير خارجه جي حيثيت ۾ پٺاڻ ڪالوني ۾ به آيو هو، حيات فقير جي ٿلهي تي ماڻهن سان مخاطب ٿيو. پري کان لانڍي ۾ دونهين تي ويٺل فقير کي ڏسي ان بابت پڇائين، کيس ٻڌايو ويو ته ”اهو فقير قلندر ئي پٺاڻ ڪالوني کي وسائڻ وارو آهي.“ ڀٽي صاحب سندس تعريف ٻڌي. وڃڻ مهل فقير صاحب وٽ ويو، فقير صاحب هر جاهه جلال کان بي نياز هو، سو بي نيازيءَ مان ئي ڀٽي صاحب سان مليو. فقير صاحب جي صبر ۽ فقر جا ڪيئي قصا مشهور آهن. فقير صاحب پنڌ حج ڪيو هو، فقير صاحب پنهنجي جسم کي وڏي تڪليف ڏني آهي. فقير صاحب وارن جو ملامتي فرقي وارو طريقيڪار آهي. فقير صاحب جي سلسلي ۾ پهرين سڄي بت جا وار ڀروَن سوڌا ڪوڙڻا پوندا آهن .لانگوٽي پائي، ڇار مکي ويهڻو پوندو آهي. فقير صاحب جي سلسلي ۾ نفس جي رياض لاءِ مختلف ڳالهين جا روزا رکيا ويندا آهن. فقير حيات علي به ڪيئي روزا رکيا. بابا به سندس خاص خليفن مان آهي. بابا فقير سان پنجاب جو سفر به ڪيو، بابا ٻڌايو ته فقير صاحب جي مرشد جي درگاهه تي ڪيئي فقير ويٺا هئا، تن جا مختلف ڳالهين جا سالن جا روزا، ان نه کائڻ جا روزا، نه ڳالهائڻ جا روزا به هئا.
فقير صاحب جي مرشد جي درگاهه ضلعي شيخوپوره ۽ مڙه بلوچان ويجهو آهي. درگاهه مالهڻ شاهه قلندر جي سڏبي آهي. فقير صاحب جي مرشد جي پوٽي غلام عباس مون سان ڳالهه ڪئي ته مالهڻ شاهه قلندر لاهور جي گلبرگ (شايد) جي قبرستان ۾ ويٺل هو ته ڊاڪٽر علامه اقبال وڃي بزرگ سان ڪچهري ڪئي ۽ مختلف سوال پڇيا. غلام عباس اهي سوال مون کي به ٻڌايا هئا پر صرف ٻه سوال ياد آهن. ڊاڪٽر اقبال، فقير کان پڇيو ته ”اوهان جا وڏا ننهن، بُت جا وار غير شرعي آهن، اوهان شريعت جي خلاف اهي ڇو رکيا آهن؟“ فقير صاحب چيو ته ”انهن شين جي صفائي جو حڪم آهي جيڪي استعمال ٿينديون آهن، ٿانو اهي ڌوئبا آهن جن ۾ کائبو آهي، جي ٿانَو استعمال ئي نٿا ٿين سي ڌوئجن ته ڇا، جي نه ڌوئجن ته ڇا؟“ علامه صاحب فقير کان قبرستان ۾ ويهڻ جو سبب پڇيو ته فقير صاحب چيو ته ”سڀاڻي جتي مون کي ڪلهن تي کڻي ايندا، اُتي آءٌ پاڻ ئي پنڌ ڪري اچي ويٺو آهيان. پنهنجي منزل تي اڳ ۾ اچي ويهڻ ڪا غير شرعي ڳالهه ڪونهي.“ غلام عباس ٻڌايو ته علامه صاحب اڪثر فقير وٽ ايندو هو ۽ فقير متعلق پنهنجي شاعريءَ ۾ به ذڪر ڪيو اٿس.
حيات فقير وڏي همت ۽ تڪليف سان جبل کوٽي، کوهه کنيو هو، انهيءَ کوهه مان ئي پٺاڻ ڪالوني جون گهڻيون جايون ٺهيون. انهيءَ کوهه جي پاڻيءَ مان ئي پٺاڻ ڪالوني ۾ درگاهه واري مسجد تعمير ٿي، انهيءَ مسجد جي تعمير ۾ رازا ۽ مزدور فقير حيات جا معتقد ئي هئا. فقير صاحب پاڻ به مزدوري ڪندو هو، بابا به انهيءَ مسجد جي تعمير ۾ تغاريون کڻندو ۽ سرون ڍوئيندو هو.
فقير صاحب جو آرام سڪون مختصر هو. کائيندو پيئندو گهٽ هو، سڄو ڏينهن سندس لنگر هوندو هو، طرحين طرحين جا طعام پچندا هئا، ويٺل کائيندا هئا. هو پاڻ بنهه سادو کائيندو هو. حيات فقير ۾ معتقدن جو وڏو عقيدو هو، سندس ڪرامتن جو ذڪر به ڪندا آهن، منهنجي خيال ۾ ته سندس روپ رنگ، دنيا ۽ دولت کان لاتعلقي، منصبي جاهه و جلال کان بي نيازي پاڻ ئي وڏي ڪرامت آهي. حيات فقير جو ننڊ، ماني ۽ نفسياتي ضرورتن کان بيپراوهه ٿيڻ ئي صاحب ڪرامت هئڻ جو ثبوت هو.
نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي.
ڪبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳهه جي
حيات فقير وٽ روز ڪچهري هئي. روز ڪو نه ڪو فنڪار به هوندو هو. وڏن فنڪارن جون راڳڻيون ته ڪو نه سمجهندو هئس پر سينگار علي سليم ۽ حضور بخش هزاري کي سمجهي ويندو هئس. حضور بخش جي ڳايل ”جوڳي والي ويس مين، ڪوئي راهه مسافر آيا“ ڏاڍو وڻندو هئم. ڪو فنڪار نه آيو ته چاچا رانجهو مشوري، چاچا نبي بخش ۽ بابا يڪتارو ۽ هٿن ۾ ڇير کڻي ويهي صوفياڻو ڪلام جهونگاريندا هئا.
بابا وارا ته گهڻو ويندا هئا. حيات فقير وٽ، پر ٽنڊي وارا گهڻا ماڻهو ٻين درگاهن تي به حاضريون ڀريندا هئا ته ميڙن ملاکڙن جا به شوقين هئا. ٽنڊي ولي محمد جا اصل ماڻهو درگاهه ڇٽن شاهه بخاري جا معتقد آهن، درگاهه جي گادي نشين سيد گاجن شاهه جو سڄي شهر جي سنڌي پاڙن وانگر هن پاڙي ۾ وڏو احترام ڪيو ويندو آهي. پاڙي جا ڪافي ماڻهو سخي جي درگاهه تي به پابندي سان ويندا آهن، سخي جو ميڙو به وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو هو، ميلي جو ملاکڙو مال پڙي جي ميدان تي ٿيندو هو. سڄي سنڌ مان پهلوان ايندا هئا. ٽنڊي ۾ مهر شاهه جو ميڙو به لڳندو آهي. انهي درگاهه جو متولي صوفي بصير الدين هو. صوفي صاحب ڪڏهن گيڙو، ڪڏهن ساوا ته ڪڏهن ڪارا ڪپڙا پيو پائيندو هو، ڪڏهن پاڻ پيو نغارا وڄائيندو هو ته ڪڏهن پڙن کي درگاهه جي انگاس تي اچڻ ڪو نه ڏيندو هو. صوفي صاحب جنهن ڪچهري ۾ هوندو هو اتي ٻائتال وارو بحث مباحثو هوندو هو. ٽنڊي ولي محمد جي گهڻن گهرن مان درگاهه غلام شاهه ڪلهوڙي تي مڇي ماني به ويندي هئي.
پاڙي جا ڪافي گهر درگاهه جهانيان جا مريد آهن. پوڙهن کان ٻڌو اٿم ته ٽنڊو ولي محمد پهرين، درگاهه جهانيان ويجهو مائي مهان جي ٽنڊي وٽ هو. اهي ميراڻا ماڻهو هئا، پوءِ شايد ٻوڏ جي ڪري نواب ولي محمد لغاري وزيراعظم سنڌ لڏرائي موجوده ٽنڊي ولي محمد واري جاءِ کي آباد ڪرايو.
ٽنڊي وارا راڳ رنگ جا شوقين، شادين، طهرن تي وس سارو رس ضرور ڪندا. مرد ڳائڻا به ايندا ته ڪڃريون به نچنديون، راڳ ٻڌڻ به ويندا ته پاڻ به پيا جهونگاريندا. شهمير چانڊيو ۽ امداد علي چانڊيو به پاڙي جا يگانا فنڪار هئا. بانسري به وڄائيندا هئا ته باجي تي ڳائيندا به هئا. جهڙ ڪار ڪئي يا مينهن وٺو ته ٻئي نڪري ايندا ميدان تي. وسندي مينهن به ڪنهن نه ڪنهن اوٽ ۾ ساز آواز جو مظاهرو ضرور ڪندا هئا. ٽنڊي وارا ذات پير فقير جا معتقد. سخت سنين ۾ به هاڻ واڌ آئي آهي ته ڪٽر شيعا به هاڻ وڌيا آهن، اڳي سڀ سنڌي مومن مسلمان. نج پج شيعن جا گهر ٻه ٽي هئا، تن ۾ محترم لعل محمد چنا ۽ جڳ مشهور باڊي بلڊر ماما فدا پٺاڻ وارن جو گهر اهم هو، باقي سڀ سُني پر مولائي سني. رسول سرڪار جي اصحابن جي عزت ۽ احترام به واجب ته عليءَ جي اولاد سان عشق به عقيدو، محرم آيو ته سڀ لطيف سائينءَ جي صلاح تي عمل ڪندا ته ”ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي...“ سڄي پاڙي کي هوندا ڪارا ڪيل. ڪافي نوجوان ۽ بزرگ ته جلوسن ۾ پيرين اگهاڙا پيا هلندا. ذوالجناح جا جلوس به ڏهه ئي ڏينهن نڪرندا. پڙ به جام، ساٽين جو پڙ، روشن جو پڙ، نجي منشي جو پڙ، ڪنڀر جو پڙ، مائي ساران جو پڙ، مهر شاهه جو پڙ، بڙدين جو پڙ، جلال چانڊيي جو پڙ، سيالن جو پڙ، ڪاسائين جو پڙ، شيدين جو پڙ. جلوس ۽ پڙ به گهڻو ڪري سنين جا ئي هوندا هئا. ٽنڊي وارا به سڄي سنڌ جيان مذهبي فرق ۽ فرقي جي فتني کان پري. يارهيون به پيا ڪندا ته، عرس ۽ نياز به سڀني گهرن ۾ هوندو. قلندر جي ميندي به وڏي جوش سان ڪڍندا. ”ميندي“ ته ڪافي گهرن ۾ ٿيندي هئي پر ساٽين واري مينديءَ جو وڏو رنگ هو. انهي مينديءَ ۾ واڄو ٿيندو، مغرمانن تي شيدين جو ناچ به ٿيندو ته رات جو ساٽين جي وڏي گهر ۾ زائفاڻو راڳ سڄي رات هلندو. ماتلي مان حاجاڻي سمي ۽ ٻيون ڳائڻيون اينديون هيون. وڏي گهر جي وچ ۾ وڏو ميدان ۽ چؤطرف گهر هوندا هئا. ميدان تي مجلسون ۽ محفلون ٿينديون هيون.
ٽنڊي ۾ ڪڪڙن جا شوقين به وڏا هئا. سڄو اونهارو پيون ڪڪڙن جو خدمتون ٿينديون هيون، دنيا ۾ جو به ساهه وارو کائيندو سو ڀريندو ته ضرور، سو سيارو آيو ته ڪڪڙن کي خدمت جو عيوضو ڏيڻو پوندو. آچر جي ڏينهن شوقين تياري ڪندا هئا ميل جي، ڌوتل ڪپڙا، پٽڪن، ٽوپين سان، سينگاريل ٽانگن ۽ وڏين گاڏين ۾، ٽوئنرن وارين ڀونئر ڪلين سان ڪڪڙ ڪڇن ۾، وڃي مڙندا هئا گدوءَ ۾ درياهه شاهه جي ڪپ تي اتي شهر جو وڏو ميل ٿيندو هو. جنهن ڪڪڙ کٽيو تنهن جي ساراهه سڄو سال پئي هلندي، جنهن ڪڪڙ هارايو سو ڌڻين جي پيٽ ۾، پر ڀلو ڪڪڙ ڪُسندو ڪو نه هو. ڀلي مان آسرو ڪو نه لاهبو هو، وري خدمتون ٿينديون هيون وري ايندڙ ميل ۾ لاهبو هو.
مئڪسم گورڪيءَ جي ناول ”ماءُ“ ته چريو ڪري ڇڏيو (سچ پچ ته اڃا هوش ۾ ڪو نه آهيون) پر سندس ٻيا ڪتاب به گهٽ ڪو نه هئا، سندس ”بچپن“ پڙهيم ته لڳو گورڪي، ٽنڊي ۾ وڏو ٿيو آهي. ٽنڊي ۾ روز شام جي آغاز سان ٻه ٽي ڄڻا لڏندي جهومندي ۽ ڪرندي نظر ضرور ايندا هئا. هينئر هيروئن مڙسن کي ماري، کاري ناس ڪري ڇڏيو آهي، نه رشتن جي سڃاڻپ آهي نه پنهنجي حياتيءَ جو هوش. پاڻ به ڪِنُ ته آستانو به ڍونڍ تي. هيروئن جي هاڃيڪارين کان اڳ به موالي گهٽ ڪو نه هئا.
پاڙي ۾ موکيءَ جا مٽ جام هئا، پر اڇا، اجرا، وهنجي سهنجي پيا جهومندا هئا. پر ڪنڊن ۾ ويهي موت سان مڻ مڻ ڪو نه ڪندا هئا پر زندگيءَ جا اعلان ڪندا وتندا هئا. مئي جي مستيءَ ۾ هڪلون، جهونگارون، دشمن کي گاريون به جام ۽ وڏي واڪي پر دشمن جو نالو ڪو نه وٺندا، سمجهڻ وارا پيا سمجهندا ته ڪنهن تي موالي پيو باهه ڇنڊي. هلڪا ڦلڪا ڦڏا ته روز ٿيندا، وڏا جهيڙا ورلي ٿيندا هئا. جهيڙي ۾ مُڪون، چنبا، جهيڙو وڌيو ته لٺيون، هاڪيون. ڪي ڪي اداڪار جهيڙي ۾ سوڍا جون بوتلون به هلائيندا هئا. وڏي جهيڙي ۾ ڪلپ، خردم ۽ چاقو هلندو هو. ڪلاشنڪوف ۽ ٽي ٽي ڪو نه هئي. سڀ کان وڏو خطرناڪ هٿيار ستن ٺڪاون وارو چاقو هو. مرحوم روشن پهريون دفعو اسٽين گن پاڙي ۾ آندي ۽ پوءِ هٿيارن ڏيکارڻ جو رواج پيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙي رات ۾ پنج خون ٿيا. روشن جي پنهنجي گهر مان ٽي لاشا نڪتا.
موت سستو هاڻ ٿيو آهي. تڏهن ڪنهن جي قتل ۽ موت جو ٻڌبو هو ته ڪي ڏينهن ماڻهن مان حراس ڪو نه ويندو هو. جهيڙا به جام ٿيندا هئا ته هڪ ٻئي سان وير به هوندا هئا پر ڪو به ڪنهن جي سر ۽ عزت جو گهورو ڪو نه هو. ٽنڊي کي ڪيڏي مهل ڪراچيءَ وارو ڪلاڪوٽ ته ڪڏهن آمريڪا وارو ٽيڪساس سڏبو هو. سڀئي عيب ثواب هئا ٽنڊي ۾، پر هڪ ٻئي جو حيا شرم به هو، لحاظ مروت ماڻهن مان وئي ڪو نه هئي. وڏو ڪنهن به برادري جو هجي، سڄي پاڙي لاءِ وڏو هو. ٽنڊي جا رهواسي سيال هجن يا چانڊيا، ساٽي هجن يا مڱريا، مشوري، ٻچڙا، سما، ڪنڀر، چنا، ڪاسائي، سومرا، ڀٽي، سراز، قريشي، بڙدي ۽ سيد سڀ پاڻ ۾ مائٽن وانگر هئا. شادين ۾ ڀل رٺل هجن، پر قضين ۽ تڪليفن ۾ سڀ گڏ.
ٽنڊي ولي محمد جي ڪچهرين واري ميڙي ۾ هڪڙي ننڍڙي ڪچهري لعل صاحب واري ”مرڪز“ جي پوئين گهٽيءَ ۾ حبيب اوينيو جي هڪڙي ڀانڊي اڳيان ٿيندي هئي. حبيب اوينيو جو اهو ڀانڊو روزاني مهراڻ جي ايڊيٽر جي آفيس هئي. (مهراڻ اخبار حبيب اوينيو جي هيٺين حصي مان شايع ٿيندي هئي.) انهيءَ گدام ۾ اخبار کان اڳ ۾ گهاڻو هوندو هو، ٻارن لاءِ گهاڻو به وڏو رونشو هو، پاڙي ۾ ٽي چار گهاڻا هئا. ڍڳن جون اکيون ٻڌيون پيون هونديون هيون، چاڪياڻي ڳاڙهي گگهري سان، هلڪيون هڪلون ڪيو پئي هڪليندي هئن. مهراڻ جي آفيس اڳيان گهڻو ڪري چار، ڪڏهن ڪڏهن پنج ڄڻا گڏ ٿيندا هئا. اسحاق وڪيل ۽ مظفر جوش شاعر پابنديءَ سان ڏسبا هئا. مهراڻ اخبار ڀٽي صاحب، پ پ ۽ قوم پرست اڳواڻن خلاف تمام گهڻو لکندي هئي. ”پيپلا“ لفظ انهيءَ اخبار ايجاد ۽ مشهور ڪيو، انهيءَ اخبار جو مستقل ڪالم ”ڀير تي ڏؤنڪو“ پنهنجي مخالفن لاءِ وڏو گند پکيڙيندو هو. اها ڪچهري انهيءَ حلقي جو حصو هئي جيڪو سنڌ سطح تي ترقي پسند اڳواڻن ۽ دانشورن، اديبن، شاعرن خلاف سازش ۾ مصروف هو. انهيءَ حلقي طرفان سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن خلاف”سنهان ڀانءِ م سپ“ نالي ڪتاب شايع ڪيو ويو، انهيءَ ڪتاب ۾ ڀٽي صاحب ۽ جي ايم سيد خلاف زهريلي زبان استعمال ڪئي ويئي. سنڌ جي مرد قلندر عثمان ڏيپلائي، انهي ڪتاب جو جواب ”شيخ المشائخ“ نالي ڪتاب سان ڏنو. انهيءَ جواب جي سزا به ڏيپلائي صاحب کي ملي ۽ ڏيپلائي صاحب کي وزيرا عليٰ جتوئي صاحب گرفتار ڪرايو.
انهيءَ ڪچهريءَ جي صفا ڪڇ ۾، جنهن گهٽيءَ جي ڪنڊ تي مهراڻ جي آفيس هئي، تنهن جي ساڳي ڇيڙي جي ٻي ڪنڊ تي سيٺ امي خواجي جي ڪُتر جي مشين هئي. انهي ڪُتر جي ڪارخاني ۾ روز رات جو چند نوجوانن جي رهاڻ مچندي هئي. اها رهاڻ، مهراڻ واري ڪچهريءَ جو ضد هئي. مهراڻ وارا همراهه جن جون گلائون ڪندا هئا تن جون هن رهاڻ ۾ ثنائون ٿينديون هيون. مهراڻ وارو حلقو شيخ اياز جو ڪَٽر دشمن هو ۽ هتي نوجوان اياز جي آواز کي الهامي آواز سمجهندا هئا. ڪُتر جي ڪارخاني واري رهاڻ جا روح روان گلان (غلام علي خواجه) ۽ نور محمد خواجه هئا. ٻيا به نوجوان هوندا هئا پر گهڻو ڪري سڀ اسماعيلي نوجوان هئا. آءٌ به ڪڏهن ڪڏهن ويندو هئس ۽ اياز جون نيون نيون خبرون ۽ عجب عجب تفسيرون ٻڌي ايندو هئس.
پاڙي جون ڪچهريون رونق به هيون ته صلح سلامتيءَ جو سبب به. سو پاڙي ۾ ڪچهريون ته هر هنڌ هيون پر لعل صاحب واري ڪچهري خالص لکيل پڙهيل، سياسي ڪچهري هوندي هئي. پ پ جي آفيس شهر جي مرڪز ۾ آئي ته پارٽيءَ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن سڄي شهر مان ايندا هئا. اهو وقت حيدرآباد ۾ پ پ جو تنظيمي لحاظ کان سونهري دور هو. سڄي شهر ۾ پ پ جون فعال برانچون هيون پر پ پ جا ڳڙهه سنڌي پاڙا هئا. الاهي بخش قائمخاني، حڪيم عبداللطيف، يامين قريشي، مسيتو خان، ايس ايم اظهر ته پارٽيءَ جا بنيادي ڪارڪن هئا پر پوءِ به ڪافي اردو ڳالهائيندڙ پ پ ۾ شامل ٿيا جن پارٽيءَ سان تڪليف ۾ نڀايو ۽ پارٽيءَ جي کاتي ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون جن ۾ ابرار قريشي، ضياءَ الله خان، ملڪ منشي، ايس ايم اظهر ۽ ٻيا ڪارڪن به هئا پر شهر جا اڪثريتي اردو ڳالهائيندڙ علائقا پارٽي جا سخت مخالف رهيا.
الاهي بخش خان تڏهن مون کي منجهائي وجهندو آهي، جڏهن چوندو آهي ته ”حيدرآباد جا شهري پ پ جي غلط پاليسين جي ڪري ڀٽي صاحب جا مخالف ٿيا“ يا ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهي ته ”حڪومت ۾ شامل غلط ماڻهن جي ڪري شهري ماڻهو پ پ جا دشمن بڻجي ويا.“ خانصاحب واري ڳالهه ڪافي دوست ڪندا آهن پر آءٌ انهيءَ کي حقيقتن کان انڪار سمجهندو آهيان.
ڀٽي صاحب يا پ پ جي غلط پاليسي يا حڪومتي ماڻهن جو نامناسب رويو ته، پ پ حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيو هوندو، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ ته پ پ جي آغاز کان ئي پارٽي جا مخالف ٿي ويا. پ پ سان شهري آبادي طرفان شديد نفرت جو اظهار ته 1977ع ۾ ڪيو ويو، شهري سنگتين پ پ توڙي مقامي ماڻهن ۽ سندن مقصدن ۽ مطالبن کان نفرت ۽ عليحدگي جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ ڪو نه ڏنو آهي. جڏهن اتحاد جو ظاهري موقعو آيو، شهري ماڻهو، اصل ويٺلن کان ڌار ٿي بيٺا. ون يونٽ تحريڪ، سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون، سنڌ جي زمين جي نيلامي خلاف تحريڪ، بهاري مسئلو، اهي سڀ اهڙا مواقعا هئا جن تي اردو ڳالهائيندڙ، سنڌي ڳالهائڻ وارن سان پنهنجي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهيا ٿي. ايوب خلاف تحريڪ به خالص جمهوري تحريڪ هئي. سڄو پاڪستان ان تحريڪ ۾ شامل هو پر جيئن ته سنڌ ۾ ان تحريڪ جي اڳواڻي سنڌ جي اصل باشندن وٽ هئي ته شهري ماڻهو ان تحريڪ کان لاتعلق ٿي ويا. چونڊون گروهن ۽ قومن جي اظهار جو بهتر ذريعو هونديون آهن. سنڌ ۾ چونڊ حلقي جي هجي يا صوبائي توڙي قومي، اردو وارن سدائين فيصلو اصل رهاڪن جي خلاف ئي ڏنو. جيئرن جي مقابلي ۾ مئا کٽائيندا. مير رسول بخش خان ۽ حافظ مبارڪ علي شاهه جو مقابلو ٿيو. شاهه صاحب اکين کان حافظ هو. مير صاحب هارايو ۽ حافظ صاحب کٽيو. مير صاحب هارائڻ کان پوءِ ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪچهري ڪندي ٽهڪ ڏئي چيو” بادشاهه، انڌي سڄي جا ڪم لاهي ڇڏيا.“ لعل صاحب سڄي عمر شهر وارن سان سنگتون نڀايون، بي تعصبي سياست ڪئي پر ووٽ ڏيڻ جو وقت آيو ته سندس پيارن پاڙيسري يارن به ووٽ ڪو نه ڏنا. لعل صاحب جي مقابلي ان وقت جو ڇوڪرو عثمان ڪنيڊي چونڊ کٽي ويو.
انهيءَ حقيقت کان انڪار ڪونهي ته چند سنڌي ڳالهائيندڙ غيرمؤثر سياسي اڳواڻن جي غلط عملن به سنڌي- اردو اتحاد کي نقصان رسايو پر جيستائين عوام جو تعلق آهي، سنڌي عوام هميشه محبت، امن ۽ اتحاد واري روش ئي اختيار ڪئي. حيدرآباد جا شهري گڏ هوندي سوندي به ڌار هئا. انهيءَ ۾ اردو جو ڏهه ڪونهي پرديسي ذهنيت سڄي دنيا ۾ هڪ جهڙي آهي. پرديسي، مقامين سان گڏجڻ ۾ صديون لڳائيندا آهن ۽ شايد صدين گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي عليحدگيءَ جون نشانيون سانڍي رکندا آهن.
ڳالهه هئي حيدرآباد پ پ جي. حيدرآباد جا جيڪي به اردو ڳالهائيندڙ شروع ۾ شامل ٿيا سي اڄ به پارٽي سان بيٺا آهن، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، جيڪي مير رسول بخش خان سان پارٽي ڇڏي ويا. مير صاحب جي گورنري جي آغاز ۾ ئي مير علي احمد خان ٽالپر جا ڀٽي صاحب سان اختلاف ٿي پيا هئا. مير علي احمد خان انگلينڊ ويو هليو ۽ اتان به ڀٽي صاحب خلاف جدوجهد جاري رکيو آيو. لنڊن مان دوستن ۽ ميمبرن کي خط لکي مير صاحب، قائد عوام خلاف بغاوت ڪرڻ جي اپيل ڪئي. مير صاحب جا سخت تنقيدي بيان هر روز پيا شايع ٿيندا هئا. ان زماني ۾ ئي عراقي سفارتخاني مان غيرقانوني اسلحو هٿ ڪيو ويو. سرڪار طرفان اعلان ڪيو ويو ته اهي هٿيار جمهوري حڪومت خلاف بغاوت لاءِ آندا ويا هئا ۽ انهيءَ سازش ۾ مير علي احمد خان شريڪ آهي.“ مير رسول بخش خان گورنر هو. تنهن انهيءَ خبر تي احتجاج ڪندي، گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته علي احمد خان منهنجي پيءُ جي برابر آهي.... آءٌ هن ڪوفي ۾ وڌيڪ نه ٿو ترسي سگهان.“ مير صاحب استعيفيٰ ڏئي ڪوفو (گورنر هائوس) ڇڏيو.
مير صاحب جي پارٽي ڇڏڻ واري زماني ۾ ئي پنجاب جي رهنما غلام مصطفيٰ کر به پارٽي کان عليحدگي اختيار ڪري ڀٽي صاحب خلاف تحريڪ جو آغاز ڪيو. مير صاحب، کر سان ملڻ ويو ته، پ پ مير صاحب خلاف سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. الائي ڪنهن صلاح ڏني پارٽي کي، يا ”توڏن“ کي پنهنجي لئه ڪرائڻي هئي. فيصلو ڪيو ويو ته مير صاحب، کر کان ملاقات ڪري موٽي حيدرآباد اچي ته سندس ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪيو وڃي. مير صاحب آيو پر پارٽي جي هدايتن تي ڪو خاطر خواهه عمل ڪو نه ٿيو. سنڌ جي پارٽي صدر ڪٽپر صاحب جو اجايو فيصلو هو ته مير صاحب خلاف احتجاج ڪيو وڃي. مير صاحب کر سان ملڻ ويو ته خود مير صاحب جا ويجها ڪارڪن به مير صاحب جي فيصلي جي خلاف هئا. مير صاحب جا ساٿي، ڀٽي صاحب کي دلي طور پنهنجو قائد تسليم ڪندا هئا. اهي ڀٽي صاحب خلاف ڪنهن به تحريڪ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا، تنهن ڪري مير صاحب پنهنجي فيصلي ۾ اڪيلو هو پر سنڌ پ پ جي غلط طريقي ڪار مير صاحب ۽ ڀٽي صاحب جي اختلافن کي به وڌائي ڇڏيو ته مير صاحب جي دوستن کي وري به مير صاحب سان ملائي ڇڏيو. مير صاحب پنهنجي دوستن جو ڪنوينشن ڪوٺايو، ڪنوينشن جي رات ڪٽپر صاحب فون ڪري لعل صاحب کي چيو ”لالا، هڪڙي پاسي ٿي بيهه.“
ڪٽپر صاحب جو فون غير ضروري هو، پر ڪٽپر صاحب کي ڪير سمجهائي. ان وقت ڪٽپر صاحب، پاڻ کي ڀٽي صاحب کان پوءِ ٻيو نمبر پيپلو سمجهندو هو، سندس نظر ۾ ٻيا سڀ غدار هئا. ڪٽپر صاحب کي الائي ڪنهن چيو ته لعل صاحب کي هڪڙي پاسي ڪري. لعل صاحب هڪڙي پاسي هو، پ پ جو پهريون صدر هو، ايوبي آمريت خلاف جدوجهد کي حيدرآباد ۾ منظم ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. کيس صدارت تان هٽائي حيدرآباد جي وڪيل بديع الحسن زيدي کي صدر ڪيو ويو ۽ کيس سيڪريٽري ڪيو ويو، تڏهن به پ پ کي ڪونه ڇڏيائين. زيدي صاحب جي جاءِ تي سيد علي نواز شاهه کي صدر ڪيو ويو ته به لعل صاحب احتجاج ڪرڻ بجاءِ پارٽي جو ڪم وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪيو. سائين علي نواز شاهه جو رويو به لعل صاحب سان سٺو هو. سائين علي نواز شاهه جي زماني ۾ ذري گهٽ سڄو شهر پ پ جو هو، انهيءَ جو سبب هڪڙي حڪومت، ٻيو سائين علي نواز شاهه .سائين علي نواز شاهه کي وقت تي دوستن کي سڏ ڏيڻ، دوستن پاران لٺ کڻڻ واري اصول وڏي طاقت بخشي، سندس وڏو حلقو پارٽيءَ ۾ سرگرم ٿيو. سائين جي زماني ۾ پارٽي گهٽ، سائين پاڻ وڌيڪ مضبوط هو. اهو ئي سبب هو جو حڪومت ويئي ته سائين ۽ سندس اصل دوست ته پارٽي سان مشڪل ۾ بيٺا، باقي ٻيو سڄو شهر پارٽي ڇڏي ويو.
پارٽيءَ جي مفاد پرستن جي سمورين سازشن جي باوجود به لعل صاحب پ پ کي نه ڇڏيو، نه قيادت سان دغا ڪئي. لعل صاحب پنهنجي اصولن تي قائم رهيو، پر انسان هو ڪيسين صبر ڪري ها. ڪٽپر صاحب جي ٽرڙائپ، لعل صاحب جي صبر کي ٽوڙي ڇڏيو. ڪٽپر صاحب فون تي چيو ته ”لالا هڪڙي پاسي ٿي بيهه.“ ته لعل صاحب جواب ڏنو ”ڪٽپر صاحب آءُ ته هڪڙي پاسي بيٺو هوس پر اوهان کي شڪ آهي ته پوءِ سڀاڻي يڪو هڪڙي پاسي ٿي بيهبو.“ ٻئي ڏينهن مير صاحب جو ڪنوينشن هو ۽ لعل صاحب وڃي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيو، ايئن پ پ جي هڪ ايماندار، اصول پرست اڳواڻ کي سازشن ذريعي زوري پارٽي کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو.
لعل صاحب پارٽي کان عليحدگي اختيار ڪري ڄڻ سياست کان ئي جدائي ڪئي. وري نه ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن پ پ مخالف سرگرمي ۾ حصو ورتو. مير صاحبان مارشلائي حڪومت ۾ شامل ٿيا ته لعل صاحب ميرن سان سخت اختلاف ڪيو. خاص ڪري مير علي احمد خان جي بيان تي سائين سخت ناراض ٿيندو آهي. مير علي احمد خان هڪڙي موقعي تي سائينءَ کان پڇيو ته ”ماڻهو پاڻ لاءِ ڇا ٿا چون؟“ ته سائين جواب ڏنو ”مير سائين ماڻهو قتل حسين جي سلسلي ۾ پاڻ کي يزيد سان ٿا سمجهن.“ لعل صاحب جو جواب سندس سچائي، خلوص ۽ اصول پرستيءَ جو مظهر هو پر ساڳي وقت لعل صاحب جو جواب، مير صاحبن جي اخلاقي جرئت، پنهنجي ساٿين جي تنقيد ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جو به ثبوت هو.
لعل صاحب موقعي ۽ مهل سان ڏاڍا سٺا شعر پڙهندو آهي، سوين اردو شعر ياد اٿس. مير علي احمد خان کي هڪڙي خط ۾ لکيائين ته:
کسی کی ایک طرح سے بسر ہوئی نہ انیس،
عروج مہر بھی دیکھا تو دوپہر دیکھا۔
شعر ته الائي ڪنهن جو آهي پر هي شعر سائين ڪڏهن ڪڏهن دهرائيندو آهي ته:
جانا کسی کے پاس کسی آرزو کے ساتھ،
واللہ دشمنی ہے بڑی آبرو کے ساتھ۔
لعل صاحب اڄ ڪلهه سياسي دنيا کي تياڳ ڏيو، سيني ۾ سياست ۽ دوستيءَ جا ڪئين طوفان سانڍيو، خاموش زندگي پيو گذاري.
رهيا اٿئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لنئون لنئون منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳين ذات، ٻيئي ڀيري ڀاڳ مڙي.
***
شام جو فدا حسين ڏيري طرفان دوستن جي مان ۾ دعوت هئي. وارڊ جي ميدان ۾ هڪ پاسي ڪرسين تي دوستن جي ويهڻ جو انتظام هو ته ٻئي پاسي ٽيبلون هڻي مٿن اهتمام سان ماني رکي ويئي. کاڌي جا ٻه، ٽي ڊش هئا. سلاد سان گڏ رائتي جو به بندوبست هو. ماني مٿان بلب هڻي روشنيءَ جو اضافي بندوبست ڪيو ويو هو. 30 کن دوست، دعوت ۾ شريڪ ٿيا. دعوت ڏسي حسين شاهه چيو ”جهڙو وليمي جي دعوت ۾ آيا آهيون.“ مانيءَ کان پوءِ سنگت جي شربت سان تواضع ڪئي ويئي. ماني کائي سنگت موڪلايو. حسين شاهه، عالم شاهه، محب شاهه، صالح ڪاتيار ۽ بدين جا دوست منير، سليم، خالد گهلو، ظهور عالم بلوچ ۽ فدا حسين ڪچهري ڪرڻ ويهي رهياسين. ڪچهريءَ ۾ جيل جي هاڻوڪي ماحول تي دوستن پئي ڳالهايو ته اهڙو ماحول جيلن ۾ اڳي ڪو نه هو.
حيدرآباد جيل جو ماحول واقعي ٻين جيلن کان مختلف ٿي ويو آهي. ان جو سبب سياسي دوستن جي گهڻائي آهي ۽ جيل جي انتظام خاطر ڄاڻي ٻجهي ڪافي ڳالهين جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. باقي جتي به سياسي دوست گهٽ آهن، اتي جيل انتظاميه جا ساڳيا پراڻا داٻا آهن. ڪن آفيسرن، وقت ۽ حالتن مطابق تبديلي آندي به آهي پر ڪافي آفيسر اڄ به جاهه و جلال جو مظاهرو ضرور ڪندا آهن. غفور نظاماڻي (بدين) ۽ منير ميمڻ وارا ڊسٽرڪٽ جيل سکر ويا ته اتي جي سپرنٽنڊنٽ دراني مٿن ڏاڍو تشدد ڪيو هو. کانئن وڏا وڏا مٽ پاڻيءَ جا کڻايا ويندا هئا. فرش تي ليپو ڪرائيندا هئا. سکر جيل مان بدلي ٿي نارا جيل آيا ته منير ۽ غفور جي جسم تي ڌڪن جا نشان هئا. هينئر به سکر جيل ۾ سپرنٽنڊنٽ ڪافي سختي ڪئي هئي (شايد اتي به ساڳيو دراني ئي آهي.) فتحياب علي خان، آفتاب شعبان ميراڻي، صديق کرل وارن کي پڪا ڪپڙا پارايا ويا هئا. سياسي قيدين کان ڪم به ورتو ويندو هو، پوءِ جو هتان ڊاڪٽر اسماعيل، شريف قريشي ۽ عبدالرحمان ڀٽي وارا ويا، تن وڏو مقابلو ڪري سياسي قيدين جي عذاب مان جند آزاد ڪرائي.
ڪچهريءَ ۾ بدين جي سياسي صورتحال تي به بحث ٿيو، جو ٽيون ڏينهن اخبار ۾ آيو هو ته بدين جي اڳواڻن نجم الدين سريوال ۽ عبدالله هاليپوٽي گورنر جهانداد خان سان ملاقات ڪئي آهي. انهن اڳواڻن جي ملاقاتن سان ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي جو اها قيادت پنهنجو مدو پورو ڪري چُڪي آهي. نئين زماني ۽ حالتن ۾ نوان اڳواڻ ۽ ورڪر نروار ٿي بيٺا آهن، موجوده تحريڪ ۾ بدين ضلعي جي عوام توڙي ڪارڪنن وڏي همت جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو آهي. محترم فاضل راهو، بشير لغاري ۽ ڊاڪٽر اسماعيل ته اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر هن جي سموري سنگت ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ ۽ تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. بدين ضلعي ۾ عوامي تحريڪ جا دوست به ڪافي سرگرم آهن پر حقيقت ۾ بدين ضلعو به دادو، ٺٽي جيان پ پ جو قلعو آهي.
بدين ضلعي ۾ ايم آر ڊي کي زور وٺرائڻ ۽ گرفتار ٿيندڙن ۾ محترم فاضل راهو، بشير لغاري (83-8-15) سليم گاکڙو (83-7-12) ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجو )83-7-17 (غلام مرتضيٰ ميمڻ )83-8-13( يار محمد خاصخيلي )83-8-15( محمد عثمان قريشي )83-8-13(، علي محمد شاهه (22-8-83)، سڪندر علي چانڊيو (20-8-83)، سجاد گاکڙو (15-8-83)، محمد عرس خاصخيلي (14-8-83)، انور ڪنڀار (14-8-83)، الله جڙيو خان پتافي (17-8-83)، حاجي غلام حيدر نظاماڻي (17-8-83)، محمد سومار لنڊ )83-8-22 (، نبي بخش ڀرڳڙي (21-8-83)، پير علي بهادر )83-8-21(، گل حسن ڪنڀار (22-9-83)، بادل خان چانڊيو (گولاڙچي)، حضور بخش خاصخيلي (گولاڙچي)، احمد ڪنڀار بدين، عيدن مغل (گولاڙچي)، احمد ڀان (ٽنڊوباگو)، حاجي هاليپوٽو (ٽنڊوباگو)، طاهر هاليپوٽو (ٽنڊوباگو)، مولابخش سومرو (ماتلي)، زمان سومرو (ماتلي)، حميد نظاماڻي (ماتلي)، ڊاڪٽر لياقت قمبراڻي (ماتلي)، منير ڀرڳڙي (ٽنڊوباگو)، عبدالله ملاح (بدين)، حاجي انور ڀرڳڙي (ماتلي)، هاشم شيدي (ماتلي)، زاهد خواجه (بدين)، نادر خواجه (بدين)، وڪيو خاصخيلي (بدين)، اقبال ساريجو (بدين)، عبدالغفور نظاماڻي (بدين)، عبدالغفور ميمڻ (بدين)، علي اڪبر چانڊيو، حسن لوهار (گولاڙچي)، ميوو عالماڻي (گولاڙچي)، اسماعيل ملاح (باغي) (بدين)، مصطفيٰ ٽالپر (بدين)، بابو سومرو (بدين)، عمر سومرو (بدين)، علي احمد جوکيو (بدين)، وشنو مل (گولاڙچي)، علي محمد نظاماڻي (گولاڙچي)، اسماعيل اداسي (گولاڙچي)، منظور ترڪ (گولاڙچي)، عبدالله پنهور (بدين)، ستار ميمڻ (بدين)، نواز جتوئي (تلهار)، شڪور گوپانگ (بدين)، فياض شيدي (ماتلي)، حاجي رمضان چانڊيو (ٽنڊو غلام علي)، مظهر ميمڻ (ٽنڊو غلام علي)، ڊاڪٽر حسين بخش (ٽنڊو غلام علي)، مظهر ميمڻ (ٽنڊو غلام علي)، خليل ڀرڳڙي (ٽنڊوباگو)، علي احمد سمون (ٽنڊوباگو)، عظيم جوڻيجو (ٽنڊوباگو)، امير بخش جمالي (ٽنڊوباگو)، ڊاڪٽر مصري راهمون (ٽنڊوباگو)، ڊاڪٽر عرس نظاماڻي (ماتلي)، عيسيٰ ميمڻ (بدين)، عبدالحق ميمڻ (بدين)، اسماعيل منڌرو (بدين)، مير ملاح (بدين)، حسن سومرو (بدين)، اڪبر ساريجو (بدين)، الطاف ڪورائي (بدين)، عبدالستار نظاماڻي (گولاڙچي)، گل حسن خاصخيلي (گولاڙچي)، بچايو شڪاري (گولاڙچي)، عطا دل (بدين)، غلام حسين حيدر مڱڻهار (بدين)، امان الله ڪورائي (بدين)، احمد خان جمالي (بدين)، بخشو چانڊيو (بدين)، خادم شيدي (بدين)، جبار ڀرڳڙي (بدين)، مٺو ميمڻ (بدين)، مير علي بخش ٽالپر، اصغر ٽالپر، حاجي نورو ملاح، ڪانٽو ملاح، اڪڙ شيدي، ابو ملاح (بدين)، سميت ٻيا به ڪيئي، پ پ ۽ عوامي تحريڪ جا دوست شامل آهن.
اڄ عالم شاهه ۽ سائين حسين شاهه، بئرڪ مان اسپتال جي مٿين وارڊ ۾ منتقل ٿيا آهن، تن کي اسپتال ڇڏي اٽڪل پوڻي ڏهين وڳي ڌاري اچي بند ٿياسين.