سردار خان جي رهائي
صبح جو تيار ٿي ويٺس ته يارهين وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو، گهر وارا ملاقات تي آيا هئا. گهڻو ڪري گهر وارا پروگرام سان ايندا هئا پر اڄ اوچتي ملاقات هئي. نسرين ڪافي پريشان هئي. ٻئي ٻار، سميرا ۽ ننڍڙو عمير گڏ هئس. ٻار ڪافي ڪمزور هئا، نسرين چيو ته ”پريشانيون وڌي ويون آهن، ڪيئن به ڪري ٻاهر اچ، ٻارن جي صحت ٺيڪ ڪونهي، توکي ڪيئن ٻڌايان ته ڪيتري پريشان آهيان.“ مون سندس پريشاني محسوس ڪئي پئي پر پوءِ به کيس دلاسو ڏنم، ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، الله تي رک. پريشان ٿيڻ بجاءِ همت کان ڪم وٺڻ کپي.“ ٿوري دير ملاقات ٿي.
گهر وارا ويا. خبر پئي ته ٻاهر عبدالله ڪورائي، قادري ملاقات تي آيا آهن سڏ ڪرايم، سيخن واري ڪمري ۾ ملاقات لاءِ آيا. ساڻن مسعود نوراني کي ڏسي ڏاڍي حيراني ٿي.
ڪوشش ڪيم ته ملاقات اندر ٿئي پر جيل وارن چيو ته اسپيشل ملاقات گهر وارا ڪري ويا آهن، هاڻ اسپيشل ملاقات نه ٿي سگهندي. ايتري ۾ شڪيل پٺاڻ جو والد ملاقات تي اچي نڪتو، سندس اسپيشل ملاقات هئي. هن سان گڏ مون وارا دوست به اندر اچي ويا ۽ ويجهو ويهي ڪچهري ڪئي سون، سيخن واري ڪمري ۾ به ته رڳو ملاقاتي ڏسبا آهن. حال احوال ٻڌي ڪو نه سگهبا آهن.
مسعود نوراني 1967ع واري سياسي هلچل جي اهم شاگرد اڳواڻن مان هو. مسعود واري زماني ۾ يوسف لغاري، لالا قادر، يوسف ٽالپر، اقبال ترين، ڄام ساقي به اهم اڳواڻ هئا. مسعود نوراني سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن، ايس ايس ڪو جو سربراهه هو. مسعود سٺو مقرر هو، ذهين به ليکيو ويندو هو. سندس آواز به ڏاڍو سٺو هو، تڏهن جلوسن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت هوندي هئي. اجرڪن، سنڌي ٽوپين، کاڌي جي ڪپڙن جو رواج هو. پرجوش رنگ برنگي جلوس جي اڳيان مسعود نوراني ڳائيندو هلندو هو. نعرن جي گونج ۾ مسعود شيخ اياز جو ڪلام ڳائيندو هو:
هڙڪ هلو ڌيما هلو
.........
مڻهيار آيو مڻهيار ڙي
1970ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي مهم ۾ شريڪ هو. حڪومت قائم ٿي ته ممتاز ڀٽي جو ايڊيشنل پوليٽيڪل سيڪريٽري ٿيو. ممتاز جو دٻدٻو هو، سندس پوليٽيڪل ۽ ايڊيشنل پوليٽيڪل سيڪريٽري به زور هئا. مسعود جي وڏي ڀل ڀلان هئي. مسعود لاءِ مشهور هو ته مسعود جي کيسي ۾ وارنٽ هوندا آهن. مسعود جي آفيس سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن جو مرڪز هئي. مسعود شاگردن جو به انچارج هو. هن ئي حسين شاهه کي لهرائي روشن پنهور کي سپاف جو چيئرمين بڻايو. سپاف کي پهريون دفعو باقاعده سرڪاري تنظيم مسعود بڻايو. غازي ۽ مون روشن خلاف بغاوت ڪئي ته اسان ٻنهي کي سپاف مان مسعود ئي خارج ڪرايو، تيسين خارج رهياسين، جيسين ممتاز ڀٽو لٿو ۽ جتوئي صاحب وزيراعليٰ بڻيو. جتوئي صاحب جي زماني ۾ ڪجهه وقت مسعود ئي شاگردن جو انچارج هو، تنهن ڪوشش ڪرائي پنهنجي پراڻي ماڻهو راڻي خان ڀٽي کي چيئرمين مقرر ڪرايو. روشن ۽ راڻي کي وزير اعليٰ ئي نامزد ڪيو. اعلان سنڌ پ پ جي صدر ڪيو هو. مسعود جي آفيس ۾ ئي سنڌ پ پ کي ٻن حصن ۾ ورهائجندي ڏٺوسين. مسعود سنڌ پ پ جي عهديدارن، اڳواڻن ۽ اهم ڪارڪنن جي لسٽ ٺاهي رهيو هو. ان لسٽ کي ٻن حصن ۾ ورهائي نالا لکيا پئي ويا. هڪڙي حصي جو عنوان هو مير گروپ، ٻئي حصي جو عنوان هو ممتاز ڀٽو گروپ. انهيءَ تقسيم جي نتيجي ۾ ڪافي مير گروپ سڏجندڙ پارٽي مان نڪتا ۽ ڪڍيا ويا ۽ ڪيترائي خاموش ٿي وڃي ويهي رهيا. مير گروپ جي ڇانٽي ۾ ممتاز ڀٽو طرفان سائين قائم علي شاهه سرپرستي ڪري رهيو هو. جڏهن عبدالوحيد ڪٽپر صدر ٿيو ته انهن خاموش اڳواڻن ۽ ورڪرن مان ڪافي سرگرم ٿيا. پارٽي جي عروج جي هل ۽ مست صدر ڪٽپر صاحب جي رويي گهڻن کي وري به خاموش ڪري ڇڏيو. حڪومت ختم ٿي ته مسعود گم ٿي ويو، گهڻي وقت کان پوءِ وڪالت جي ويس ۾ ظاهر ٿيو پر وري لاپته ٿي ويو. هاڻ وري راڻي خان جي رسالي ”نئون نياپو“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڏسجي ڪڏهن ٿو وري ٽٻي هڻي. هن ملاقات ۾ مسعود صاحب جو لاڙو ممتاز جي سوچ ڏانهن پي محسوس ٿيو. سندس چوڻ هو ته هاڻ وقت بدلجي ويو آهي، اسان کي به نئين راهه اختيار ڪرڻ کپي. نئين راهه جو تفصيل ڪو نه ٻڌايائين، شايد وقت ۽ جاءِ موزون نه هئي. ڏسون پاڻ ڪهڙي ٿو نئين راهه وٺي، پاڻ ان تي پوءِ سوچينداسين.
شام جو اوچتو سردار خان اچي نڪتو، سردار گذريل ٻن ڏينهن کان سول اسپتال ۾ داخل هو. ساڻس ڊپٽي گڏ هو، ٻڌايائين ته سردار جي رهائي جو آرڊر اچي ويو آهي. سامان ٻڌوسين، وارڊ مان نڪرڻ کان اڳ ۾ سنگت جي فرمائش تي جابلو ٻڪر واريون رڙيون ڪري ٻڌايائين. سنگت کان موڪلائي وڃي ماڙيءَ مان نڪتو. وارڊ ۾ چپ لڳي پئي آهي. سنگت جيسين سردار جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪري. سچ پچ سردار وارڊ جي رونق هو. رات جو سيءُ پوڻ شروع ٿي ويو آهي، ڪافي دوست ڪمرن ۾ ٿا سمهن. ستار، شير خان ۽ آئون ورانڊي ۾ تنؤريون وڇائي سمهندا آهيون. هر ڪم ۾ ڪا چڱائي به هوندي آهي. حيدرآباد جيل جي انتظاميه ناراض ٿي ناري بدلي ڪيو ته پريشان ٿياسين. ته اتي الائي ماحول ڪهڙو هوندو. هتي جهڙو گهر ڪري ويا هئاسين. پر نارا جيل اچي پاڻ سک جو ساهه کنيو اٿئون.