اسپتال مان بيزار ٿي واپس جيل وڃڻ جي خواهش
صبح جو ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ رائونڊ تي آيو، جيڪو طبيعت ڏسڻ سان گڏوگڏ ڪا نه ڪا سياسي يا غير سياسي مزيدار ڳالهه ڪري ويندو آهي. ڊاڪٽر صاحب منهنجي هٿ ۾ ڪرنل محمد خان جو ڪتاب ”بسلامت روي“ ڏسي چيو: ڪهڙو ڪتاب آهي؟ جهٽ لاءِ ڪتاب وٺي پاڻ به پڙهيائين، ”سلامت“روي ڇا آهي؟ ٻڌايم ته اردوءَ جو مزيدار سفرنامو آهي. ڪٿان جو سفر نامون آهي؟ ٻڌايم ته لنڊن، پئرس، بيروت. ويندي ويندي چئي ويو ”انهيءَ (مصنف) کي چئو ته ٺٽو ڏسي پوءِ سفرنامو لکي.“ ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن ڪڏهن ويهي به رهندو آهي. سندس انداز ۽ گفتار مان سڀئي ڊاڪٽر به پيا مزو وٺندا آهن. نور محمد صاحب جو رويو به ڏاڍي مهر وارو هوندو آهي. رائونڊ کان پوءِ ڊاڪٽر خدا بخش ڏاهري کي چيم ته ”ڊاڪٽرن کي مون واري بيماري سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ ڏينهن به گهڻا ٿي ويا آهن. هاڻ موڪل ڏيو ته واپس جيل وڃان.“ چيائين ته عالماڻي صاحب اڄ اچي پيو، انهيءَ سان صلاح ڪريون پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين. هونئن ته هن وارڊ ۾ سائين نور محمد ميمڻ، سائين حسن شيخ جيڪي نهايت مهربان ۽ شفيق آهن، تن سميت سمورن ڊاڪٽرن جو رويو پيار ڀريو آهي پر ڊاڪٽر جليل بچاڻي ۽ خدابخش ڏاهري ته ڀائرن وانگر پيش ٿا اچن. ڊاڪٽر جليل شخصيت توڙي سڀاوَ ۾ سدا ملوڪ ماڻهو آهي. ڪيڏو به ڪم ڪري، ڪيترو به مصروف رهي پر سندس چهري تي ٿڪاوٽ ۽ رويي ۾ بيزاريءَ جو اظهار ڪو نه هوندو آهي. ڊاڪٽر خدابخش ڏاهري منهنجو پراڻو دوست ۽ سياسي ساٿي آهي. پ پ جي شروعاتي دور ۾ هن سان ڏاڍيون ڪچهريون هيون. پ پ جي هر جلسي، جلوس ۾ ساٿ رهندو هو. ٽنڊي مير محمود مير جي باغ، ڦليلي ۽ ٽنڊي ولي محمد جي ”مرڪز“ تي پابنديءَ سان ملاقاتون ٿينديون هيون. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي قائم ٿي ته ٽنڊي آغا ۾ پ پ جي پهرين برانچ کولي ويئي. انهيءَ برانچ جو افتتاح خود قائد عوام شهيد ڀٽي ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ پارٽي آفيس قائم ڪرڻ وڏي جرئت جو ڪم هو. ٽنڊي آغا جي برانچ جو پهريون ميمبر شير سنڌ مير رسول بخش ٽالپر ٿيو، صدر عبدالرشيد ٺيڪيدار، نائب صدر اشرف ابڙو، جنرل سيڪريٽري خدابخش ڏاهري، جوائنٽ سيڪريٽري غلام رسول نوتڪاڻي ٿيا. انهيءَ ڪم ۾ سدائين کلڻو ملڻو پيارو بزرگ مرزا عنايت به شامل هو. انهيءَ برانچ طرفان قائد عوام شهيد ڀٽي کي چانديءَ جي تلوار به پيش ڪئي ويئي هئي.
سو ڊاڪٽر خدابخش ڏاهري ٻڌايو ته عالماڻي صاحب ايندو، رائونڊ ڪو نه ڏيندو باقي توکي ڏيکارينداسين (دل ۾ چيم رائونڊ ڪو نه ڏيندو باقي ڇا لاءِ ايندو؟ مريض به ڪو نه ڏسندو ته ڇا اچي ڪندو) ڏاهري صاحب منهنجي قسمت جاڳائي، عالماڻي صاحب سان ملاقات ڪرائي. عالماڻي صاحب وڏي قرب سان مليو، حال احوال معلوم ڪيائين. ڊاڪٽر خدابخش کي چيائين هيمو گلوبن گهڻو آهي؟ سائين: نارمل آهي. نارمل به ڪيترو آهي؟ خدابخش چيو سائين 12 آهي. عالماڻي صاحب چيو: ڏسي ٻڌاءِ ته ڪيترو آهي؟ ڏاهري صاحب ڏسي چيو: سائين 8 آهي. عالماڻي صاحب چيو، ”هي نارمل آهي؟ نوجوان مرد ماڻهو جو هي نارمل آهي؟ هيءُ ڪا زال ته ڪونهي جو هر مهيني.... خون جي ڪمي ٿي پئي.“ عالماڻي صاحب ٽيسٽن لاءِ هدايت ڪئي. عالماڻي صاحب مرض جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ مشهور آهي. سندس قابليت جا ڪيترائي قصا مشهور آهن. اها قابليت ئي آهي جو سندس پرائيويٽ اسپتال ۾ ماڻهن جا ميڙ آهن. قلندر جي ميلي تي زيارتي کي صبح کان شام تائين انتظار کان پوءِ به زيارت نصيب ٿي وڃي ٿي پر عالماڻيءَ جي مريض کي ڏينهن جا ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي. سرڪاري اسپتال ۾ سندس زيارت لاءِ مريض کي هفتن جا هفتا لڳي ويندا آهن. عالماڻي صاحب ڪجهه وقت اڳ ۾ سڀني سنڌي شاگردن خاص ڪري ٻروچن ۾ ڏاڍو مقبول هو پر سياسي عداوتن ۽ گروپ بندين (جن کي اڪثر پاڻ هوا ڏيندو هو) ڪري سخت تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. استادن کي ڪنهن عهدي ۽ مرتبي ماڻڻ لاءِ ڪنهن سازش ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ شاگردن ۾ گروپ بندي پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
استاد کي سمورن شاگردن کي برابر سمجهي پنهنجي محبت ۽ توجهه جو مرڪز بنائڻ گهرجي. مسلم ڪاليج ، نور محمد هاءِ اسڪول، سچل ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جا ڪيئي قابل استاد گروپ بندين جو شڪار ٿي سڀني جي محبت جا حقدار ٿيڻ بجاءِ سندن ئي شاگردن جي تنقيدن جو نشانو بڻيل آهن.
سڄو وقت ڪمري ۾ ئي رهيس. شام جو اقبال جروار جي ننڍڙي ڀيڻ جي آپريشن لاءِ رت جي بندوبست ۾ لڳا رهياسين. انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ شاگردن پاران قائم ڪيل والنٽيئر بلڊ بئنڪ جي ڊاڪٽر زاهد شاهه سان ملياسين. چيائين صبح جو بندوبست ڪنداسين. ڊاڪٽر ٻڌايو ته اقبال جي ڀيڻ کي 3 بوتلون خون جون لڳنديون. اقبال ۽ مون خون ٽيسٽ ڪرايو پر ڪو نه مليو.
ضياءَ جي آمد جو ٻڌي جيل مٿان پ پ جو جهنڊو ٺاهي ڦڙڪائي ڇڏيوسين
(28- مئي 1984ع)
صبح جو سوير اشفاق صديقي اٽڪل ستين وڳي اچي اٿاريو. ڏٺم ته جيل جو پيارو ساٿي پي آءِ اي جو اڳواڻ چوڌري ڪامران بيٺو هو. وڏي قرب سان مليو. ٻڌايائين ته صبح جو سوير رها ڪيو اٿن. پنجين وڳي ڌاري جيل مان ڪڍيو اٿن. ايڏو سوير رها ڪرڻ جو سبب پڇيوسين ته ٻڌايائين ته، ”رات جو چئي ويا هئا ته صبح جو سوير توکي رها ڪيو ويندو، تنهنڪري تيار ٿي ويهجان. توکي ڊي ايم ايل اي وٽ پيش ٿيڻو آهي. پنجين وڳي ڌاري وٺڻ آيا. ماڙي ۾ پهتس ته اتي هڪ ميجر ۽ جيلر بيٺا هئا. ٻڌايائون ته تنهنجي سزا پوري ٿي ويئي آهي، تنهن ڪري سزا ۾ مليل ڪوڙا لڳندا. پوءِ اتي ماڙيءَ ۾ ئي 5 ڪوڙا هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. جيل مان نڪري توسان ملڻ هتي اچي نڪتو آهيان.“ ڪامران کي ويهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي رهي هئي. چيائين ته دوا لڳرائجي. ڊاڪٽر کي چيوسين، تنهن ڪامران جي زخمن تي دوا لڳائي. دوا هڻڻ مهل ڏٺوسين ته ڪامران کي ٻنڊڙن تي ٽن آڱرين جيترا ڳاڙها اڀريل نشان هئا. ڪامران جي جسم جا اهي زخم سنڌ جي نئين گورنر جي امن ۽ خير سگالي واري دعويٰ جي حقيقت ٻڌائي رهيا هئا. ڪامران جا اهي زخم شايد جتوئي صاحب جي خير سگاليءَ جو جواب به هئا. انهيءَ خير سگالي جي جذبي سبب ئي اڄ ملڪ جي اهم ترين ادارن، قانون ساز، عدليه ۽ انتظاميه سان عوام جي نفرت ٿي ويئي آهي. بدقسمتيءَ سان فوج جو ادارو جيڪو سڄي ملڪ جي نگهباني ۽ سلامتي جو مرڪز آهي، تنهن مان به عوام جو اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي. اها نهايت خطرناڪ صورتحال آهي. اهي سمورا ادارا هڪڙي فرد ۾ ضم ٿي ويا آهن ۽ اهو فرد واحد سڄي ملڪ جي عوام جي نفرتن جو مرڪز آهي. اهي ادارا پنهنجي ساک وڃائيندا پيا وڃن. اهي ادارا سڄي قوم جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ هڪ شخص جي حڪمن جي پيروي ۽ خاص گروهه جي مفادن جو تحفظ ڪري رهيا آهن. ممڪن آهي ته انهيءَ فرد مان قوم کي آزادي ملي به وڃي، حالتون سازگار ٿي به وڃن، تڏهن به انهن ادارن کي پنهنجي غير جانبداري ۽ قومي ملڪيت هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي، پاڻ ۾ اهم تبديليون آڻڻيون پونديون، ڇاڪاڻ ته هڪڙي فرد جي وڃڻ جي ڪري ماڻهن کان پنهنجا زخم، بيعزتيون، ذلتون وسري نه سگهنديون. ايئن ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهن کي موت ڏئي انهن کان محبت جو مطالبو ڪجي.
محبت گولیوں سے بو رہے ہو،
وطن کا چہرہ خون سے دھو رہے ہو،
گمان تم کو کہ راستہ کٹ رہا ہے،
یقین مجھ کو کہ منزل کھو رہے ہو۔
ڏهين وڳي ڌاري ڪامران ڪراچي روانو ٿيو. اقبال جروار سان گڏجي سندس ڀيڻ جي آپريشن لاءِ رت هٿ ڪرڻ لئبارٽري ويس. اقبال ۽ مون به رت ٽيسٽ ڪرايو پر گروپ نه مليو. ٻن پهرن جو فقير رحمت الله هيسباڻي آيو، جنهن به ڪافي ڪوشش ڪئي پر يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي بند هجڻ جي ڪري کيس ڪاميابي ڪو نه ٿي. فقير رحمت الله اڪثر غريب مريضن لاءِ رت، کاڌي ۽ دوائن جو بندوبست ڪندو رهندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مريض لاءِ ست بوتلون هٿ ڪري ڏنائين، اها سموري رت پنهنجي دوستن کان ورتي هئائين. اڄ به ڪافي ڊوڙ ڊڪ ڪيائين پر رت نه ملي سگهي. آخر حيدرآباد بلڊ بينڪ ۾ فون ڪري چيائين ته ”ڪو تازو توانو رت هٿ ڪري ڏيو.“ لئبارٽري وارن واعدو ڪيو ته ڪو تندرست ماڻهو ڏسون ٿا. لئبارٽري ۾ رت نه هئڻ ڪري اتي رت جو وڪرو ڪندڙ موجود آهن انهن جي لاءِ سندن ٺيڪيدار سان ڳالهائڻو پوندو آهي. فقير جو ان ٺيڪيدار تي به ڪافي رعب آهي. رت لاءِ ٿيلهيون کپنديون هيون تن لاءِ گڏجي آر ايم او وٽ هليو، آر ايم او سان ملڻ شرط سندس سخت بحث مباحثو شروع ٿي ويو. فقير اسپتال ۾ کاڌي، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ بابت اتان جي انتظاميه تي شديد وٺ ڪري رهيو هو. آر ايم او ڄڻ فقير مان جهلجي ويو. هيڏانهن هوڏانهن جا بهانا ڪري پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ چيائين ”فقير سائين هينئر ڪهڙو حڪم آهي!“ چيائين ”رت لاءِ ٿيلهيون کپن.“ آر ايم او اسپتال جي اڪائونٽ مان هيٺان اسٽور تان ٿيلهيون گهرائي ڏنيون. فقير آر ايم او کان موڪلايو ته ڄڻ آر ايم او عذاب مان نڪرڻ تي دل ۾ شڪر بجاءِ آڻيندو هجي. ڄامشوري جي حدن ۾ فقير جي رهائي ۽ رعب جا ڪافي منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
شام جو لئبارٽري پهتاسين ته اتي رت جا سودا گر اٺ ڏهه پٺاڻ ۽ هڪڙو ٻيو همراهه ويٺو هو. سوداگر پٺاڻ هو. سندس رنگ بافتي جهڙو هو. شايد سڄي رت وڪڻي چڪو هو ۽ هاڻي کيس اهو پسند نه هو ته ڪو ٻيو به پنهنجي رت وڪڻڻ کان بچائي. اهو پٺاڻ لئبارٽريءَ ۾ ڏاڍو مصروف هو ۽ لئبارٽريءَ جو سرڪاري انچارج ٽيبل تي بالم ٿيو ويٺو هو، ڄڻ سيٺ پيڍي تي ويٺو هو. نوڪرن واپار پئي ڪيو، انچارج اتي ويٺي ٺيڪيدار کي رت جا پئسا وٺڻ ۽ رت ڏيندڙن تي چڪاس رکڻ جون هدايتون ڏئي رهيو هو. سيٺ رت جي خريدارن جي رش سبب پريشان هو، ان مهل هو ڪنهن طوائف جي ان باجي وڄائڻ واري استاد وانگر پئي لڳو جيڪو گهڻن تماشبينن جي هٿ ۾ نوٽ ڏسي هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر ڏسندو آهي ته متان ڪو تماشبين پنهنجا پئسا واپس کيسي ۾ نه وجهي ڇڏي! هن سيٺ کي به فڪر اهو ئي لڳل هو ته متان ڪو گراهڪ واپس نه هليو وڃي. يا رت ڏيندڙ کان سنئون سڌو ڳالهائي سستو سودو نه ڪري ڇڏي. ٺيڪيدار کي پئسا ڏناسين. ٺيڪيدار چيو: وڃي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته رت تيار آهي. جيڏي مهل ضرورت پوي حڪم ڪجو. وري آپريشن ۾ ڪم ايندڙ سامان ورتوسين. سيون، ڌاڳا، دوائون، گلوڪوز ته ٺهيو پر اسپرٽ به اسان کي وٺڻو هو. هاڻي ته مريض کي داخل ٿيڻ مهل پاڻ سان دستو پنن جو به آڻڻو پوندو آهي جنهن جو چارٽ ٺهندو. ماڻهو اسپتال ۾ اچي يا ٿاڻي تي، پهرين پاڻ سان پنن جو دستو ضرور کڻي اچي.
شام جو علي محمد سومرو ملڻ آيو. رات جو ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن سان ڪچهري ٿي جنهن ۾ خاص طور تي ان جهنڊي جي متعلق پڇيو ويو جيڪو جنرل ضياءَ جي حيدرآباد آمد تي جيل ۾ ٺاهي، جيل جي عمارت تي بلند ڪيو ويو هو. جهنڊي ٺاهڻ جي ڳالهه ٻڌي ڪافي نوجوان حيران پئي ٿيا. اهي نوان دوست انهي ڪري ٿي حيران ٿيا جو شايد کين خبر نه هئي ته عشق ۽ جذبي ۾ انسان ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري گذرندو آهي.
سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا
جي لِهه لڳا نيڻ، ته سوريائي سيج ٿي.
ڪاري فئڪٽري ۾ سياسي قيدين کي خبر پئي ته جنرل ضياءَ دادو مان حيدرآباد اچي رهيو آهي. ساٿين جيل ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ ڪاري فئڪٽري مٿان پ پ جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي صلاح بيٺي، پر ٽرنگو ڪپڙو ڪٿان اچي؟ دادوءَ جي هڪڙي بزرگ کي ڪارا ڪپڙا پيل هئا. تنهن پنهنجي قميص لاهي ڏني، دادو جي ئي دوستن جي گوڏين جي ٽوالن جا ڳاڙها ۽ ساوا بارڊر ڦاڙي پاڻ ۾ ڳنڍي وڏا ڳاڙها ۽ ساوا حصا ٺاهيا ويا. ڪنهن دوست جي اڇي قميص مان تارو ۽ چنڊ ٺاهيو ويو. چنڊ، تارو ۽ جهنڊو ٽنڊي الهيار جي پارٽيءَ جي پراڻي مجاهد، ڪامريڊ ڌڻي بخش قمبراڻي ٺاهيو. اهو ڪامريڊ درزي هو. جهنڊو ڦڙڪائڻ، ضياءَ جي هيليڪاپٽرن جي جيل مٿان گذرڻ مهل ماحول ۽ منظر ڏسڻ جهڙو هو. ملڪ لعل خان ته هيليڪاپٽر ڏسي اهڙا ٿي بُل ڏنا، ڄڻ ٽپ ڏئي جهلي کڻي هيليڪاپٽر هيٺ ڪندو. انهيءَ جهنڊي ۽ احتجاج جي خبر اخبارن ۾ شايع ٿي ۽ ان جهنڊي کي ڏاڍي مشهوري ملي.