آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

بک تي ڀوڳ ٺڪاءُ

(13- مارچ 1984ع)
رات جا ڏهه ٿيا آهن. عطا خط پيو لکي. ٿوري ٿوري ڪچهري به هلي پئي. عالم شاهه، عطا، چاچو ۽ ٻيا دوست به ڪچهريءَ ۾ شريڪ آهن. ڪچهريءَ ۾ پارٽي جي تنظيم موضوع بڻيل آهي. دوستن جو خيال آهي ته جيڪڏهن، صاحبزادي بينظير صاحبه ڪجهه وقت رڳو تنظيم کي ڏئي تنظيم مڪمل ڪرائي ڇڏي ته مستحڪم جمهوري انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو، جو عوام ۾ بيپناهه جذبو موجود آهي ۽ عوام انقلابي، سماجي ۽ معاشي تبديلي چاهي ٿو پر تنظيم جي کوٽ وڏي مشڪل بڻجي ويئي آهي.
اڄ صبح جو پنڌ ڪري، نائين وڳي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. اڄ ڪچهريءَ جو موضوع هو”عوامي جمهوري انقلاب ۽ قومي جمهوري انقلاب“ اهي اصطلاح اڄڪلهه انقلابي شيعا سني يعني روسي ۽ چيني پيروڪار اڪثر هتي استعمال ڪن ٿا. هتي ٻنهي ڌرين جا مناظرا چوٽ تي آهن ته اهڙا اصطلاح به عام جام زير بحث آهن.
يارهين وڳي پروگرام موجب اسپيشل وارڊ ۾ چاچي شاهنواز خان ڏي ويس، اتي خانصاحب قائم خاني به موجود هو. ڪافي دير پارٽي ۾ گروپ بندي ۽ تنظيم متعلق گفتگو ٿيندي رهي. فوج ۾ ٿيل حاليه تبديلي، يعني جنرل عارف جي تقرري به موضوع هو.
اڄ سنڌ پيپلز هاري ڪميٽيءَ جي دوستن جي گڏجاڻي رکيل هئي. شام جو پنڌ ڪندي ڏٺوسين ته گڏجاڻيءَ ۾ پروگرام مطابق دوست تقريرون ڪري رهيا هئا. اهڙيون گڏجاڻيون اڪثر ٿينديون آهن. رات جو بئرڪ ۾ به دوستن کان تقريرون ڪرائيندا آهيون ته جيئن ساٿي تقرير ڪرڻ جي فن کان به واقف ٿين.
شام جو ”اي “ ڪلاس وياسين. عاشق جتوئي صاحب پراڻيون ڳالهيون ٻڌايون، جنهن ۾ حميد جتوئي سان اختلاف، غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي حميد جتوئي سان دوستي، جتوئي صاحب جو وزيراعليٰ ٿيڻ ۽ سندس قائد عوام سان ملاقات جو ذڪر هو.
اٺين وڳي ڌاري بئرڪ آياسين. بي بي سي ٻڌايو ته ڪالهه پشاور ۾ جنرل ضياءَ جي جلسي ۾ شاگردن نعرا هنيا، جن تي لٺ بازي ڪئي وئي. ڪافي شاگرد زخمي ٿيا. جلسي ۾ بم رکڻ جا به افواهه ٻڌا ويا جنهن سبب ڪافي ماڻهو جلسي گاهه مان ڀڄي ويا. اسلامي جمعيت طلبه جا اٽڪل 200 شاگرد گرفتار ڪيا ويا . هڪ اڳواڻ کي ڪوڙن ۽ ڏنڊن جي سزا به ڏني ويئي. ريڊيو مطابق ڪراچيءَ ۾ به ڪافي گوڙ ٿيو، ڳوڙها گئس به هلائي ويئي. ايئرپورٽ روڊ 3 ڪلاڪ بند رهيو ۽ لاهور ۾ به گوڙ ٿيو آهي.
هينئر رات جا 12 ٿيا آهن. عالم شاهه ۽ عطا لکن پيا. ٿوري دير اڳ ۾ پڙهيم پئي ته اوچتو عالم شاهه اٿي ڇٻن ۾ ڪجهه ڳولڻ کان پوءِ اسان ڏي ڏسي کليو ۽ چيائين ته بسڪيٽ الائي ڪٿي رکيا اٿن. ڏاڍي بک لڳي آهي. عطا چيو ته مون ته سربيڪس ٽي کاڌي آهي بک مون کي به لڳي آهي. ٿوري دير اڳ ۾ آئون به چيو ويٺو هوس ته مون کي به بک لڳي آهي. ڏاڍا کلياسين. سنگت کي ٻڌايم ته خانصاحب جون مٺيون لوليون آيون آهن. عالم شاهه ٽپ ڏئي اٿيو، ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي.“ وڃي خانصاحب جي ڇٻن کي لڳو پر لڌس ڪجهه به نه. انهيءَ وچ ۾ چاچي سيف الدين کي سائينءَ جو پير لڳي ويو ۽ چاچو سيف الدين جاڳي پيو. ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳس پر ڪڇيو ڪو نه. آءٌ اٿيس ته ڪجهه مٺيون مانيون ڪڍي آيس. ٽنهي ويهي کاڌيون. عطا کي ڀوڳ سجهيو، سو چاچي کي سڏ ڪري چيائين ته ”چاچا، دادو مان شفيع ميمڻ جو خط آيو آهي ٻڌندؤ؟“ چاچي کي ننڊ جو خيال هو، تنهن ڪمبل مان اندران رڳو هون هون ڪئي. عطا وري وڏي سڏ چاچي کي چيو ته ”چاچا شفيع جو ضروري خط آهي، ٻڌو!“ چاچي چڙ مان منهن ۽ ڇاتي تان ڪمبل لاٿو ۽ اٿي ويهي رهيو ۽ عطا ڏي گهوريندو رهيو. عطا چيو ته شفيع محمد لکيو آهي ته ”چاچا سيف کي چئو ته فڪر نه ڪري، سندس جاءِ جو ڪم هلي پيو. جلدي مڪمل ٿيندو ۽ انشاءَالله جلدي چاچو مٿو ڌوئي جاءِ جو اچي افتتاح ڪندو.“ اتي سنگت ٿوري کلي پر چاچو وري به ڪو نه ڪڇيو ۽ اٿي ليٽرين ڏي وڃڻ لڳو ته عطا چيو ته چاچا شفيع محمد وڏو ڪو چوتيو آهي ڇا لکيو اٿس.“ چاچي چڙ مان عطا کي چيو ته ”شفيع محمد اڪيلو چوتيو ڪونهي، ان سان گڏ 2-3 ٻيا به چوتيا آهن. تن کي هيڏي موڪلي ڇڏيو اٿن.“ سنگت اچي کل ۾ پئي. چاچو ليٽرين مان موٽيو ته ٿڙندو لڏندو (اڪثر چاچو چڙ ۾ ايئن هلندو آهي) ٻارن وانگر اچي هنڌ تي ڪريو ۽ زور سان ڪمبل ڇڪي اونڌو ٿي سمهي رهيو. اسين ڪافي دير تائين چاچي کي دعائون ڪندا، کلندا رهياسين. جس هجي هن زندهه دل بزرگ ساٿيءَ کي.