مون کان پڇاڻو
نائين وڳي ڌاري ڪچهري ڏي ويس. عالم شاهه سان، محب شاهه واري ڳالهه ڪيم ته اسٽڊي سرڪل ڏانهن وڃڻ جي منع ڪندي چيائين” هو ته ماڻهو کلائڻ لاءِ تيار ٿيا ويٺا آهن، پاڻ جيئن هيترو وقت صبر ۾ گذاريو آهي، تيئن هاڻ به برداشت کان ڪم وٺڻ کپي.“ ڪچهريءَ ۾ قائدعوام جي قولن جو ڪتاب پڙهيو ويو. ڪچهري کان پوءِ ڪافي دوست بئرڪ 9 ۾ ڪتاب ٻڌڻ ويا. آءٌ، منير ۽ سليم گاکڙو بئرڪ 15 ۾ ڪچهريءَ تي وياسين. 11 وڳي ڌاري عالم شاهه ۽ آءٌ چاچي شاهنواز خان وٽ ڪچهري تي وياسين ته، اڳوڻو ڊي ايس پي علي احمد جوڻيجو به ويٺو هو. علي احمد، ڊي ايس پي ٿيڻ کان اڳ ۾ ”لاڙ هاري مزدور تنظيم“ جو صدر هو، اها تنظيم بدين ۽ ان جي آس پاس ڏاڍي سرگرم هئي. سندس رعب به وڏو هو، جو هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي جو پٽ هو. علي احمد، انهن ڏينهن ڪامريڊ علي احمد جوڻيجي جي نالي سان مشهور هو. وار ڪلهن تي هوندا هئس. سدائين کاڌي جي کسي، ڳلي واري ڪرتي ۽ شلوار ۾ هوندو هو. اسان جون بدين ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. نهايت پياري سڀاوَ وارو دوست آهي.
چاچي شاهنواز خان وٽ الله بچايو لغاري ۽ ٻيا دوست به اچي نڪتا. ڪچهريءَ ۾ سڀئي دوست پ پ جي رهنمائن جي گورنر سنڌ سان ملاقات تي تنقيد ڪري رهيا هئا. پ پ جا ڪافي اڳواڻ گورنر جهانداد خان سان مليا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مير اعجاز جيڪو تازو ئي مچ جيل مان پئرول تي آزاد ٿيو آهي، تنهن شيخ ڀرڪيو شگر مل جي افتتاح جي موقعي تي اڳوڻي گورنر جنرل عباسي سان ملاقات ڪئي آهي. ڪالهه اخبار ۾ آيو ته رئيس نجم الدين سريوال به گورنر سان ملاقات ڪئي آهي، اڄ اخبار ۾ پير غلام رسول جيلاني ۽ خير محمد ڀرڳڙي جي گورنر سان ملاقات جي خبر آئي آهي. اڄ نجم الدين سريوال طرفان، گورنر سان ملڻ جي ترديد به شايع ٿي آهي. اها به وڏي تبديلي آهي جو وڏيرا جيڪي ڪمشنر ۽ ڊي سي سان ملي فخر ڪندا هئا سي گورنر ۽ وزيرن سان ملڻ جون ترديدون به ڪن ٿا ۽ جيڪي مليو اچن سي وري ماڻهن ۾ ڦڪا ڦڪا ٿا لڳن. اها به پ پ جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن سياست جي ميدان ۾ صرف ٻه ڪئمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن: هڪڙي ايم آر ڊي، ضياءَ جي مخالف ڪئمپ. ٻي ضيا جي ڪئمپ، ٽئين ڪنهن به رستي جي گنجائش ڪونهي، يا ماڻهن سان يا حاڪمن سان. نه ته ڇا وڏيرو ڇا پاور کان پري.
في الحال ته اها وڏي تبديلي آهي، باقي اڳتي ڏسجي، خدا ايمان ڏيندن، واڪ به وڏا پيا لڳن ته انسان به خطا جو گهر آهي.
ڪچهري ۾ رفيق صفي به آيو، تنهن ٻڌايو ته محب شاهه اسٽڊي سرڪل ۾ درخواست پيش ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مولابخش چانڊيي، پ پ جي رهنما سيد قائم علي شاهه تي تنقيد ڪئي آهي، تنهن ڪري هو لکت ۾ معافي وٺي. صفي صاحب اهو به ٻڌايو ته درخواست تي ويهن ايڪيهن دوستن محب شاهه سان اختلاف ڪندي چيو ته مولابخش، قائم علي شاهه تي ڪا به تنقيد ڪو نه ڪئي آهي. هن صرف پارٽي ۾ نظم ضبط جي فقدان سبب انقلابي قدمن جي ناڪامي تي ڳالهايو آهي. دوستن جي زور ڀرڻ تي 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي ويئي ته محب شاهه ۽ مولابخش وچ ۾ غلط فهمين کي دور ڪيو وڃي. شام جو عالم شاهه دوستن جي چانهه پارٽي ڪئي هئي. فدا حسين ڏيرو، سليم، منير، خالد ۽ آءٌ گڏجي دعوت ۾ وياسين. حسين شاهه به ويٺو هو، ڏاڍيون مزيدار خبرون ٿيون. اڄ سائين جو موضوع هانگ ڪانگ ۽ چين جو دورو هو. پ پ جي پهرين دور ۾ جڏهن مير رسول بخش خان ٽالپر گورنر سنڌ هو، تڏهن حاجين جو جهاز ”سفينه حجاز“ خراب ٿي پيو هو ۽ مرمت لاءِ هانگ ڪانگ ويو هو، حسين شاهه مير صاحب جي پٽ مير رفيق ٽالپر ۽ ٻين دوستن سان ان جهاز تي هانگ ڪانگ ويو ۽ ڪافي عرصو اتي رهيو هو. حسين شاهه ٻڌايو ته جهاز کي هانگ ڪانگ ۾ ڪافي ڏينهن انهيءَ ڪري لڳا جو جهاز ۾ وڏو ڪم هو. اهو جهاز هٽلري لشڪر ۾ شامل هو، جنگ کان پوءِ کيس ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن ڪمپنيءَ کي ڏنو ويو پر ڪمپني ٽوڙڻ بجاءِ کيس حاجين جي سفر لاءِ استعمال پئي ڪيو.
اڄ ڊان ۽ امن اخبار ۾ حڪومت پاران پنهنجي وزير دفاع مير علي احمد ٽالپر جي بيان جي وضاحت ڪئي ويئي هئي. بيان ۾ مير صاحب فرمايو هو ته ”جيڪي سمجهن ٿا ته پ پ کي حڪومت ٻيهر ملندي سي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، پ پ کي ڪنهن به صورت ۾ اقتدار ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو.“ حڪومت وضاحت ڪئي آهي ته ”مير علي احمد پ پ جو پراڻو ۽ ڪٽر مخالف آهي، تنهن ڪري اهي خيال مير صاحب جا ذاتي خيال آهن، انهن سان حڪومت جي پاليسيءَ جو ڪو به تعلق ڪونهي.“