باقي وڃي 27 ڄڻا بچياسين
ڪجهه ڏينهن کان وري رهائيءَ جون خبرون گرم آهن. رمضان جي معافي جو به انتظار هو، معافي ملي به پر جيترن دوستن کي رها ٿيڻ کپندو هو، اوترا رها ڪو نه ٿيا. 27 تاريخ تي 18 ڄڻا رها ڪيا ويا ۽ ڪجهه دوستن کي، جن کي به رها ٿيڻو هو تن کي سزا پوري ڪٽڻ جي باوجود به روڪيو ويو ۽ چيو ويو ته کين سڀاڻي رها ڪيو ويندو ۽ ٻين به ڪافي دوستن جي رهائي عمل ۾ نه آئي. لسٽون ٺهن پيون 28 تاريخ تي ڪافي دوستن جا مائٽ به آيا پر اهي دوست جن کي ڪوڙا به لڳي چڪا هئا، شام تائين رها نه ڪيا ويا ۽ سندن مائٽ سڄو ڏينهن اُس ۾ انتظار ڪري شام جو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن هليا ويا.
اڄ صبح جو اٿياسين، چانهه پي آئون ۽ غازي به وڃي بلوچ صاحب (ظهور عالم بلوچ) جي ڪچهري ۾ شريڪ ٿياسين. ڪجهه ڏينهن کان صبح جو بلوچ صاحب وٽ ڪچهري ٿيندي آهي. اسين پهتاسين ته گرما گرم بحث جاري هو. حسين شاهه، ستار راڄپر ۽ سندس دوست مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جا حمايتي هئا ۽ بلوچ صاحب وفاق جي ڀرپور وڪالت پئي ڪئي. ڪچهريءَ مان اٿي اچي ناشتو ڪيوسين ته سائين حسين شاهه اخبار کڻي آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته حڪومت سياسي قيدين جي رهائيءَ جو آرڊر ڪري ڇڏيو آهي. اخبار پڙهي سين، خبر سچي هئي. انهيءَ مهل آفيس ۾ ڪم ڪندڙ شفيع آيو ۽ اچي حسين شاهه ۽ غازيءَ کي چيائين ته جلدي تيار ٿي ماڙي تي اچو. ٻئي ڄڻا تيار ٿي ويا ته آءٌ وهنجڻ ويس. تيار ٿي ماڙيءَ تي ويس ته خبر پئي ته سائين ۽ غازي رها ٿي جيل مان ويا به هليا. ماڙيءَ جي ٻاهران ڪافي دوستن جو سامان پيو هو، ڪي دوست آيا پئي ۽ هڪ ٻئي کان موڪلايائون پئي. چاچو شاهنواز خان ۽ فدا حسين ڏيرو به دوستن کان موڪلائي رهيا هئا. اتي ئي خبر پئي ته عالم شاهه ۽ اشفاق صديقيءَ جو نالو رهائي واري لسٽ ۾ آهي، اهي به تيار ٿي آيا. اٽڪل هڪ وڳي تائين 81 کن دوست رها ٿي ويا، باقي 27 ڄڻا رهجي ويا جن ۾ شير خان لنڊ، پير مڪرم، سندس سؤٽ، شڪيل پٺاڻ، ستار راڄپر آئون ۽ ٻيا دوست آهيون. ٻنپهرن جو ڪمري تي آيس ته ڪمري ۾ ضرورت جو سامان بلڪل ڪو نه هو، ايستائين جو پيئڻ لاءِ گلاس ۽ کائڻ لاءِ پليٽ به ڪو نه هئي. هنڌ ۽ ڪپڙن کي ڇڏي باقي هلڪو ڦلڪو سامان برداشتي پاڻ ۾ ورهائي کڻي ويا جو هنن سمجهيو ته هڪڙو به سياسي قيدي ڪو نه بچندو، پر کين ڪهڙي خبر ته ڪي بختن وارا بچندا تن لاءِ به ڪي ٽپڙ ڇڏجن. شام جو پنجين وڳي تائين پاسا ورائيندو رهيس پر ننڊ ڪا نه آئي. اٿي ستار راڄپر جي ڪمري ۾ آيس. ڪچهريءَ ۾ شير خان لنڊ ٻه گيت ٻڌايا ڇهين وڳي ڌاري وارڊ کان ٻاهر نڪتس ته خبر پئي ته پير مڪرم جي ڊپٽي سان تيز ڪلامي ٿي پئي آهي جو ڊپٽي هاڻ سختي ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. جيل وارن جون اکيون، ساٿين جي رها ٿيڻ شرط ئي ڦري ويون هيون. ٻنپهرن جو دوست رها ٿي ويا ۽ ان مهل آفيس ۾ ويس ته ايس پي سموري عملي سان ويٺو هو، چيائين ته ”هاڻي اٺين وڳي ڌاري بند ٿيو ۽ اي ڪلاس خالي ڪري سڀئي بي ڪلاس وارڊ ۾ گڏجي رهو.“ مون کيس چيو ته ”اڄ اسين به تپيا ويٺا آهيون. اسان کي خبر آهي ته هاڻ اوهين پنهنجو جاهه و جلال ضرور ڏيکاريندؤ پر في الحال ڇڏيو. عيد کان پوءِ انهيءَ مسئلي تي سنگت سان ڳالهائينداسين.“
شام جو بلڪل خاموشي هئي. چند دوست اداس ويٺا هئا، پير مڪرم حوض ۾ وهنتو پئي. چيائين ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ معمول وارو پروگرام جاري رکيو اٿم. اڄ وارڊ ۾ به خاموشي هئي. محمد علي ڀرڳڙي جو ٽيپ رڪاڊر بند هو. انڊين پراڻا گانا ۽ جلال چانڊيو ٻڌڻ ۾ ڪو نه پئي آيا. حسين شاهه جون مزيدار خبرون، دوستن جا ٽهڪ ۽ هڪلون ڪو نه هيون، شام جو ڪچهريءَ ۾ دوست حسين شاهه کي ياد ڪري رهيا هئا.
رات جو ڏهين وڳي ڌاري بند ٿياسين. ڪامريڊ شير خان لنڊ مون سان اچي رهيو، ڪافي دير ڪچهري ٿي. شير خان پنهنجي سياسي حياتي جون خبرون پئي ٻڌايون جنهن ۾ گهاريل جيل جو تذڪرو ۽ موجوده صورتحال تي تبصرو به هو. ڪچهريءَ کان پوءِ شير خان لنڊ پنهنجي پياري آواز ۾ امداد حسيني جي وائي.
ٽڙندا ڪاڪ ڪنول،
او راڻل تڏهن ملنداسين.
نڪو پهرا پيار تي نڪا جهل پل
شيخ اياز جي وائي:
عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري
نهٺا نيڻ پرينءَ جا ايئن، جيئن رڻ ۾ رات ٺري
۽ نوجوان شاعر اڪبر شاهه جي پيارن گيتن ۽ شير خان جي ڪچهريءَ وري ساهه وجهي ڇڏيو. وقتي اداسي ختم ٿي وئي، دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.