جيل ۾ عيد
رات سائرن وڄائي عيد جي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اڄ صبح اٽڪل سوائين ڇهين وڳي ڌاري سپاهي آيو ۽ اٿاري ٻڌائي ويو ته عيد نماز ستين وڳي ٿيندي. پوڻين ستين وڳي دوست ٻاهر نڪتا پر نماز پڙهڻ جي ڪنهن جي به نيت ڪو نه پئي لڳي، شايد انهيءَ ڪري جو هڪڙو ته جيل هو، ٻيو وري نماز جو وقت جلدي رکيو ويو هو. ستين وڳي ڌاري پير مڪرم ۽ رفيق صفي آيا، اچي چيائون ته ”ٻيا دوست تيار نه ٿي سگهيا تنهن ڪري نماز وقت تي ڪو نه ٿي سگهي آهي، ٽائيم بدلائي 7:30 وڳي ڪيو اٿئون جلدي تيار ٿي، ڪاري فئڪٽري اچو ته نماز پڙهون.“
ڪاري فئڪٽري ۾ 200 کن دوست گڏ ٿيا. پوڻي 8 وڳي نماز ٿي. نماز کان پوءِ دوست جيئي ڀٽو ۽ جيئي سنڌ جا نعرا هڻندا بي ڪلاس آيا. شڪيل پٺاڻ جي گهران آيل سئيون کاڌيون سين. پير صاحبن شربت سان دوستن جي تواضع ڪئي. ٻنپهرن جو منهنجي گهران ماني آئي. پير مڪرم، پير معظم، پير اعجاز، پير جان محمد، پير سليم، شڪيل، رفيق صفي، ڪامريڊ علي احمد جوڻيجو وارا آيا. گڏجي ماني کاڌي سين. دوست ويا. شام تائين پنهنجي ڪمري ۾ ئي پاڻ سان روح رهاڻ ڪندو رهيس.
اس قدر پیار سے اے جانِ جہاں رکھا ہے
دل کے رخسار پر اس وقت تیری یاد نے ہاتھ
یوں گماں ہوتا ہے گرچہ ہے ابھی صبح فراق
ڈھل گیا ہجر کا دن آ بھی گئی وصل کی رات
ڇهين وڳي ڌاري دوست ڪوڏي ڪوڏي ڏسڻ ويا ۽ اتان ٿي بي ڪلاس آيا جو اتي دوستن جي دعوت هئي. آءٌ به اتي ئي وڃي سنگت سان گڏيس. اڄ مانيءَ کارائڻ جو طريقو بلڪل نئون اختيار ڪيو ويو، اڳي جيل جي دعوتن ۾ ويهاري يا ٽيبلن تي ماني جو انتظام ٿيندو هو پر اڄ هر دوست کي پنهنجي پنهنجي پليٽ ۾ ماني ڏني پئي وئي. انهيءَ ڪري ورهائڻ واري تي دوستن جي رش ٿي ويئي، ان مهل اها جيل جي نه پر پاڙي ۾ ٿيل شادي يا نياز جي ڀت جي دعوت پئي لڳي. ٻاهر ماني ته جام هوندي آهي پر ماني شروع ڪرڻ کان اڳئي مهمانن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويندو آهي ۽ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو وٺي ماني ڏانهن ڊوڙ ڪندا آهن ۽ پوءِ چڱي ڀلي دعوت بدنظمي جو شڪار ٿي ويندي آهي. ماني سٺي ۽ گهڻي هجڻ جي باوجود به ميزبان جي گلا ٿي پوندي آهي ۽ اهو ٻڌڻ ۾ ضرور ايندو آهي ته ”ڪهڙي دعوت ڪيائون. ماني کارائڻ جي فضيلت ئي ڪو نه هئن! ماني کٽي پئي، ڪو نه هئن ته ڪيئون ڇو؟ رڳو پئي ڌڪا لڳا، اشراف ته ويجهو وڃي ڪو نه ٿي سگهيا!“ تبصره باز پنهنجي تبصرن تي پاڻ کي ڏوهه هرگز ڪو نه ڏيندا، اهو ڪو نه ڏسندا ته دعوتي، ٽيڻي تعداد ۾ اچي ويا، هڪڙا سچا پچا دعوتي ٻيا جن جي مولا ٻڌندو آهي ته پاڙي يا ڪنهن ميدان ۾ شادي ٿي. ٻيو دعوتي به ڪو نه گهٽائيندا، گهر گهاٽ مان ته ميڙي سيڙي ٻار ٻچا آڻيندا پر جي وٽن مهمان به هوندا ته اهو به ضرور آڻيندا. مطلب ته ميزبان ويچاري جي نيڪي برباد گناهه لازم.
ماني کائي وارڊ ۾ آياسين. بند ٿيڻ تائين شير خان لنڊ پنهنجي پياري آواز سان ڪچهريءَ کي مچايو ويٺو هو. اڄ کيس استاد بخاري اچي ياد پيو هو:
سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،
جيئي سنڌ سدائين جيئي ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.
جيئي اسان جي سنڌ جو سائين لالئون لال لطيف سدائين،
اوڙي پاڙي وارا شاعر، ڏاڍا پيارا وسري ويا.
ڀورا ناسي ڀينڊ هتي جا، ڇا جو چاندي ڇا جو سون؟
ٿر جي واري چلڪي واري چنڊ ستارا وسري ويا.
سنڌو، بارڻ، منڇر، ڪينجهر مون لئه آهن آب حيات،
نيل ۽ دجله، گنگا جمنا پوتر ڌارا وسري ويا.
شام شفق جي رنگيني ۾ سهڻو هاڙهو ۽ هالار،
ڳل ڳاڙهن محبوبن جا محبوب نظارا وسري ويا.