آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

سردار خان جو ڏوهه

(16- جولاءِ 1984ع)
صبح جو اٿيس ته، ڏٺم سردار خان واندو ساندو ٿيو ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. وڏي غلطان ۾ هو. ڪالهه ملاقات تي گهر جو خط مليو هو، شايد انهي خط جو اڃا اثر هيس. چانهه ٺهي آهي. پر ڪوپن ۾ وجهندي ٿرماس منهنجي هٿن مان ڪري پيو، چانهه وري ٺهرائي پيتي سين. پير مڪرم سڏ ڪيو. ويس ته پير صاحب سان شڪيل پٺاڻ، مصطفيٰ ڪورائي ۽ پير معظم ويٺل هئا. سپرنٽنڊنٽ سان ڪالهوڪي گڏجاڻي تي ڳالهائي رهيا هئا. جيل ڪميٽي حيدرآباد، توڙي هتي نارا جيل ۾ انتظاميه سان سٺي نموني مسئلا حل ڪرائيندي رهي آهي پر پير مڪرم هميشه ڪميٽي تي تنقيد ئي ڪندو رهندو آهي ته هي مسئلو حل نه ٿيو، اڃا وڌيڪ ٿيڻ کپندو هو. اوهين جيل انتظاميه کي ڪو نه ٿا سڃاڻو هو وڏا ذليل آهن. وغيره وغيره. مصطفيٰ ڪورائي به هميشه ڪميٽي جو مخالف ئي رهيو. شڪيل ڪڇندو ڪو نه هو باقي تبصرا اهڙا ڪندو هو جنهن مان ڪميٽيءَ سان اختلاف ظاهر پيو ٿيندو هو. شڪيل جو طريقو ٿوري فرق سان ڀائو ابوبڪر جهڙو ئي آهي. پير معظم ٻڌايو ته اڄ کان آءٌ ڪميٽي ۾ ڪو نه هوندس، ستار ۽ مون به ڪميٽي کان عليحدگي اختيار ڪئي. نئين ڪميٽي ۾ فيصلي مطابق پير مڪرم، غلام مصطفيٰ ۽ شڪيل پٺاڻ مقرر ٿيا.
وهنجي سهنجي ويٺاسين ته پير سجاد جان ۽ پير ولي جان ڪچهريءَ تي اچي نڪتا (پير سجاد جان، ٽنڊي محمد خان جي ٽنڊو سائينداد جي سرهندي خاندان مان آهي ۽ پير سعيد جان جو پٽ آهي. سرهندي پير جتوئي صاحب جا مرشد سڏبا آهن. جتوئي صاحب جي وزارت اعليٰ جي زماني ۾ سعيد جان جي وڏي لئه هئي. ايم پي اي به ٿيو هو. حڪومت کان پوءِ مخدوم خليق الزمان جي مدد ۽ پارٽيءَ جي ناتي ۾ پير سعيد جان جو وڏو پٽ پير خالد جان ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو چيئرمين چونڊيو هو. خالد جان ننڍي عمر جو ناتجربيڪار هو تنهن ڪري اجلاس دوران به سندس ڪمري جي پويان واري ڪمري ۾ پير سعيد جان ويٺو هوندو هو ۽ چيئرميني پاڻ هلائيندو هو، مزي جي ڳالهه اها ته ان زماني ۾ وري وائيس چيئرمين به پير صاحب هو ۽ سندس صدارت ۾ وري سندس پٽ پويان ويهي هدايتون ڏيندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته جتوئي صاحب حسين شاهه، غازي ۽ مون کي پير سعيد جان ڏي موڪليو ته هو ايم آر ڊي جي حمايت ۾ گرفتاري پيش ڪري ۽ خالد جان کان استعيفا ڏيارائي. پير صاحب چيو ته ”پيري مريدي پنهنجي جاءِ تي، باقي اسين اشراف ماڻهو نڪو جيل وڃون، نڪو استعيفا ڏياري پنهنجي پٽ کي پريشان ڪندس.“ پير صاحب سياست ۾ جيل ڪو نه آيو، باقي هاڻ سندس ٻيو پٽ جيل ۾ اچي نڪتو آهي.
ٻنپهرن جي ماني گڏجي کاڌي سين ڪچهري هلي پئي ته اوچتو سردار خان چپ ٽوڙي سرڪار تي گارين جا دس وڄائي ڇڏيا. سنڌي ٻولي ۾ گارين جا جيڪي به لفظ ها سي سڀ سردار استعمال ڪيا. دوست کل ۾ پئجي ويا. گهڙي کن ماٺ ڪيائين ته ڪامريڊ شير خان پڇيس ته ڀلا توکي گرفتار ڇو ڪيو اٿن؟ بس وري اچي شروع ٿيو، جيڪي ڪلام، گانا ياد هئس تن جون سٽون چندر جي طرز تي گارين سان سينگاري ڳائي رهيو هو. ڪامريڊ کي پنهنجي گرفتاريءَ جو واقعو ٻڌايائين ۽ اچي گارين ۾ پيو. ” چيائين مارشل لا وارن ..... ظلم ته ڏسو جيڪي بس تي چڙهي آيا، جن جلوس ڪڍيو جيڪي وڙهيا تن کي سرڪار ڇڏي ڏنو باقي مون کي رڳو بس جي مالڪ هجڻ جي ڏوهه ۾ ويهاريو ويٺا آهن. هنن جي ..... هي ظلم ڪونهي! ڪيترا ماڻهو ريل تي چڙهي جلسو ڪڍڻ آيا، اڙي پوءِ جهليو ريل جي مالڪ کي! اهڙو ناحق.....“ اڄ سمهڻ ڪو نه هو، سردار جون مزيدار ڳالهيون هيون ۽ سنگت جا ٽهڪ هئا. پير سجاد جان، پير ولي جان، سردار خان ۽ مون تاش راند ڪئي، پنجين وڳي ڌاري سنگتي ويا. شام جو ٿورو پنڌ ڪري ستين وڳي ڌاري وارڊ ۾ گهڙياسين پئي ته ستار به جيل جي چڪر وارڊ مان پئي آيو، هٿ ۾ ٻارن واري پلاسٽڪ جي چوسڻي هئس. الائي ڪٿان هٿ آئي هئس. وارڊ ۾ اچي سردار خان جون اکيون پورائي، چوسڻي کڻي وات ۾ وڌائينس، بس پوءِ ته رؤنشو ٿي آيو. سردار خان کڻي لانگوٽي ٻڌي، چوسڻي وات ۾ وجهي ليٽي پيو ۽ ٻار جي روئڻ جا آواز ڪڍڻ لڳو. سڄو وارڊ کلي کلي غش ٿي ويو. سردار خان جا شعر گانا، سنگت سان چرچا ۽ محي الدين ڪيڙاني جنهن کي جيل ۾ پنهنجو مرشد ڪيو اٿس، تنهن سان ڇيڙ خاني نائين وڳي تائين هلندي رهي. رات جو بي بي سي تان پاڪستان جي سلسلي ۾ پروگرام پئي هليو. پروگرام ۾ سياسي پارٽين جي ليڊرن جا صوبائي خودمختياري بابت تاثر نشر پئي ڪيا ويا. بزنجي صاحب ۽ مزاري صاحب ته صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي پر ڀلا ڀاڳ صوبن جا مشير پيش امام، مولانا عبدالغفور ۽ جرنل چشتي به صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي. (اها ايم آر ڊي جي جدوجهد ئي آهي جنهن حاڪمن، سياستدانن، اخبارن جي سوچ ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي) پروگرام ۾ ممتاز صاحب جي ڪنفيڊريشن جي سلسلي ۾ رڪارڊ ڪيل ڪراچي جيل واري تقرير به نشر ڪئي وئي ۽ صاحبزادي بينظير ڀٽو جو بيان به ٻڌايو ويو، جنهن ۾ بينظير صاحبه چيو آهي ته 1973ع جو آئين بحال ڪري چونڊون ڪرايون وڃن، عوام جي منتخب اسيمبلي عوام جي خواهش مطابق آئين ۾ تبديليون ڪندي. ڪنفيڊريشن جي باري ۾ چيائين ته اهو ممتاز صاحب جو ذاتي موقف آهي، پارٽي جو فيصلو ڪونهي. ممتاز صاحب متعلق ٻڌايو ويو ته ممتاز صاحب پاڻ کي پ پ جو ميمبر ۽ پارٽيءَ جي فيصلي جو پابند سمجهي ٿو.
بند ٿيڻ کان اڳ ۾ دادوءَ جي دوستن ۾ ملهه جو مقابلو ٿيو. دادوءَ جا هي دوست هر وقت مست لڳا پيا آهن. هر وقت کل ڀوڳ، راند روند، وڏي مڙسيءَ سان جيل ڪاٽي رهيا آهن.
بند ٿيڻ لاءِ جيئن ڪمري ۾ گهڙياسين ته ٽهڪ ڇڏائي ويو. ڪمري ۾ سردار خان ڪپڙا لاهيو، هاٿيءَ جيڏو مڙس گوڏ جو ڪڇو پايو، وات ۾ چوسڻي وجهيو اکيون پوريو ستو پيو هو. ٽهڪن ۽ شور تي سڄي وارڊ جا دوست اچي ڪمري ۾ نڪتا. سردار خان کلائي ماندو ڪري وڌو. ايتري ۾ سپاهي بند ڪرائڻ لاءِ اچي نڪتا. سردار جي دروازي ڏانهن پٺ هئي.هن سپاهي ڪو نه ڏٺا، تنهن پٽي هڪڙي ٿلهي گار سپاهين کي ڏني، چيائين هي.... به الائي ڪيڏانهن هليا ويا آهن، اڃا بند ڪرڻ ئي ڪو نه آيا آهن. مون اشارو ڪيومانس ته پويان بيٺا ٿئي. ٽيڏي اک سان سپاهين کي ڏسي اهڙو تاثر ڏيڻ لڳو. جهڙو کيس سپاهين جي خبر ئي ڪونهي. چوڻ لڳو: سپاهين ويچارن کي ڪهڙي خبر ته هتي باقي ڪير بچيا آهن، ”سپاهي سمجهن ٿا ته هي پڙهيل لکيل سياسي قيدي آهن پر کين اها خبر ڪونهي ته اشرافن کي سرڪار گهر موڪلي ڇڏيو آهي باقي ڇڙيل ڇنڊيل وڃي بچيا آهن...“ ۽ پوءِ هلڪيون ڦلڪيون جٺيون سنگت جي نالي ڪندي رهيو. سپاهين کين مليل گار ٻڌي هئي. سي هن اوچتي ڦيري تي ڏاڍو کليا. سردار کي هٿ ٻڌي ماٺ ڪرايوسين. سپاهي بند ڪري ويا. شير خان جا مٺڙا گيت اسان لاءِ جهڙيون مٺڙيون لوليون هوندا آهن. ڪامريڊ 3-3 گيت ٻڌايا. ستار راڄپر ”ڪيئي ڪتاب“ شروع ڪري ڏنو. سردار خان مستي ڪري ساڻو ٿي پيو هو ۽ ڪامريڊ کي به اکين ۾ تڪليف هئي، تنهن ڪري سنگت ٻارهين وڳي ڌاري ئي سمهي پيئي.
نارا جيل ۾ هي ٻيو دفعو اچڻ ٿيو آهي. هن کان پهرين تڏهن نارا جيل آيو هئس، جڏهن پنجاب هاءِ ڪورٽ قائدعوام شهيد کي موت جي سزا جو فيصلو ٻڌايو هو.
پنجاب هاءِ ڪورٽ ڀٽي صاحب جي ڪيس ۾ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ته، پاڪستان پيپلزپارٽي بطور تنظيم جي پنهنجي روايتي صبر ۽ تحمل واري رويي جو مظاهرو ڪيو (ڪرڻ به کپندو هو جو سڄي تنظيم جا سرواڻ ملڪ جا چوٽيءَ جا اشراف خاندان هئا) پ پ جي تنظيم کي ته پڪ هئي ته ”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن جو...“ پر عوام پنجاب توڙي سنڌ ۾ وڏي بي صبري جو مظاهرو ڪيو، ٻنهي صوبن ۾ شديد احتجاج ٿيو، ان احتجاج دوران حيدرآباد جي تنظيم جيڪا پڻ ملڪ جي اشراف تنظيم جو لازم حصو ٿئي سا ته خاموش رهي پر ڪجهه جذباتي جيالا، بهادر نوجوان ۽ غيرتمند مائرون ۽ ڀينرون احتجاج لاءِ نڪري آيا. نعرا لڳا، مخالفن تي تبرا ٿيا ۽ جلوس به نڪتا. حيدرآباد ۾ وڏو احتجاجي جلوس عورتن جو هو، انهيءَ جلوس ۾ هڪ ٻن تنظيمي عورتن کانسواءِ باقي سڀ عورتون ڀٽي صاحب ۽ جمهوريت جي محبت ۾ شريڪ ٿيون. جلوس ۾ عورتن سان گڏ ڪي نوجوان ۽ بزرگ به هئا. پوليس وڏي سختي ڪئي. راحت سئنيما جي ويجهو جلوس جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، مردن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته مرد ڀڄي وڃي ويجهو گهرن ۾ لڪا. آءٌ به پاسي واري ماڙيءَ ۾ پرائي گهر ۾ گهڙي ويس. عورتن جي سموري جلوس کي ٿاڻي تي سڄو ڏينهن قيد ڪيو ويو، رات دير تائين سڀئي عورتون رها ٿيون.
آءٌ جلوس مان ته بچي ويس پر ڪجهه ڏينهن جي لڪ لڪوٽيءَ کان پوءِ مون کي گرفتار ڪري مارڪيٽ ٿاڻي تي رکيو ويو. لاڪ اپ ۾ ڏاڍي ٻوسٽ وارا ڏينهن گذريا. اتان سٽي ٿاڻي تي آڻي لاڪ اپ ڪيائون. احتجاج هليو پئي. ٻهراڙين توڙي شهرن مان ڏاڍا ماڻهو گرفتار ٿيا. سڄي سنڌ جا لاڪ اپ ”هائوس فل هئا.“ سٽي لاڪ اپ جا ڪمرا به ٽمٽار ٿي ويا. سمهڻ تي ٺهيو پر ويهڻ جي جاءِ ڪو نه هئي. رات جو ڪي نوجوان ته ڪاڪوس واري ڇت تي ويهي رات گذاريندا هئا. ماڻهو جو گهڻا ٿيا ته ڪاڪوس به عذاب بڻجي ويو. انهن ڏکين ڏينهن ۾ ئي عبدالستار بچاڻي صاحب به سٽي لاڪ اپ اچي مهمان ٿيو، پوءِ جيڪي ملڻ وارا ايندا هئس تن کي چوندو هو ته ”ڪجهه به نه آڻيو، رڳو اگر بتيون وٺي اچو.“ پوءِ جيڪو ملاقاتي ٿي آيو تنهن سان گهڻيون اگربتيون ۽ ٿورا گل هوندا هئا. اسان وارو ڪمرو لاڪ اپ نه پر جيئري پير وارو هجرو بڻجي ويو.