آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

زوردار برسات

(5- آگسٽ 1984ع)
رات جو وقفي وقفي سان جهڙ ڦڙ ٿيندي رهي. ٽين وڳي ڏينهن کان مينهن وسڻ شروع ٿيو آهي. گذريل ٽن چئن ڏينهن کان ڪيڏي مهل بوند ته ڪيڏي مهل وڏ ڦڙو ٿو وسي پر اڄ زوردار برسات ٿي آهي. برسات ۾ ئي محي الدين سان گڏجي نثار وارن ڏي ويس. اتان نثار، علي محمد جتوئي، سيٺ روپچند گڏجي ملڪ اڪبر صاحب وارن وٽ اسپتال وياسين. وسندڙ مينهن ۾ ٻاهر گاهه تي ويهي ڪچهري ڪندا رهياسين. اتان اٿي روپچند وارن جي بئرڪ ۾ آياسين. سيٺ پاپڙ پچايا. کائي چانهه پيتي سين. سنگت موسم جي تعريف به ڪندي رهي ۽ مولا مولا جون هڪلون به. سرڪار تي هلڪين ڦلڪين جٺين جو سلسو به جاري هو. اتي ئي خبر پئي ته پير فدا ڪري پيو آهي ۽ سندس ٻانهن ڀڄي پئي آهي. وارڊ ۾ آياسين پير صاحب کي ڪافي تڪليف هئي، تنهن ڪري کيس علاج لاءِ جيل کان ٻاهر موڪليوسين.
پير معظم، پير مڪرم، پير اعجاز ۽ پير سليم اسان جي ڪمري ۾ آيا. مصطفيٰ ڪورائي به اچي نڪتو، ڪافي دير ڪچهري ٿيندي رهي. ٻاهر نڪري آياسين ته مينهن وري شروع ٿي ويو. تنؤريون وڇائي مينهن ۾ ويهي رهياسين. پير مڪرم انڊين گانا ٻڌايا، پوءِ سڀني گڏجي جمالو ڳاتو پير اعجاز ۽ پير سليم ٿالهه پئي وڄايو ۽ مون جمالو پئي چيو، سنگت نچندي ورندي پئي ڏني. ڏهين وڳي ڌاري مينهن بند ٿيو ته ٻاهر تنؤريءَ تي ئي سمهي رهياسين.
جي لِهه لڳا نيڻ ته سوريائي سيج ٿي.