آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

زهر پيو کاوان، تون به کائيندين؟

(19- اپريل 1984ع)
نائين وڳي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. اڄ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ڪيس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو ڏنل بيان پڙهيوسين. حسين شاهه سان ڪچهري ٿي. عالم شاهه ۽ آءٌ گڏجي ڪمري تي آياسين. ماني گڏ کاڌي سين. ٻِين وڳي خبر پئي ته آفتاب رضا مغل کي آزاد ڪيو اٿن. آفتاب کان موڪلائي کيس رخصت ڪيوسين. آفتاب شڪل شبيهه جو سهڻو، ريشمي کاڌيون پايو، چٻي چٻي پيو ڳالهائيندو، گهڻو ڪري ڪريز خراب ٿيڻ جي ڊپ کان سئون سڌو پيو هوندو. حفيظ پيرزادي ۽ ممتاز ڀٽي صاحب کان گهڻو متاثر هو، سنگت به کيس ننڍڙو حفيظ چوندي هئي.
آفتاب جي پاٿاري سائين جيئل شاهه جي ويجهو هئي. بئرڪ جا ٻيا همراهه صبح جو تيار ٿي ٻاهر ويندا هئا ته جيئل شاهه ڀت جي پاسي ۾ رکيل پنهنجو ٽين جو دٻو کولي، ان مان ڳوٺان گهرايل مٺايون ۽ خوراڪون ڀت ڏي منهن ڪري پيو کائيندو هو. آفتاب به کيس تاڙي ورتو، تيسين ماٺ هوندو جيسين جيئل شاهه وات چوري. جيئل شاهه وات هلايو ته آفتاب سُر ۾ چوندو هو ته ”سائين جيئل شاهه ڇا پيو کائي؟“ سائين چوندو ادا فلاڻي شيءِ، کائيندين؟ آفتاب به هائو ڪندو هو، هن وٽ نه ته هئي ئي ڪا نه. اهو سلسلو ڪافي ڏينهن هليو. هڪ ڏينهن شيون به کٽل هيون ۽ جيئل شاهه به بيزار. جيئن ئي جيئل شاهه ڀت ڏي منهن ڪري دٻو کوليو ته پل رکي آفتاب سُر ۾ چيو ته ”سائين جيئل شاهه ڇا پيو کائي؟“ جيئل شاهه باهه ٿيو ويٺو هو تنهن رڙ ڪري چيو: ”سائين جيئل شاهه زهر پيو کائي، کائيندين؟“ سنگت ٻڌو. ڪي ڏينهن آفتاب جو سريلو سوال ۽ جيئل شاهه جو زهريلو جواب سنگت جي وات تي هو،
آفتاب مون سان سٽي لاڪ اپ ۽ نارا جيل ۾ به گڏ هو، جو هاءِ ڪورٽ طرفان شهيد ڀٽي کي ڏنل سزا خلاف احتجاج ۾ شريڪ هو. آفتاب، جيل ۾ توڙي ٻاهر سٺو دوست آهي.
اڄ اخبار ۾ آيو ته ”خبر پئي آهي ته غازي صلاح الدين جنهن جي سزا 25 تاريخ پوري ٿي رهي آهي تنهن کي ٻيهر ٽن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي.“ جيلر حيدر زمان کان پڇيوسين، چيائين اها خبر ڏياريل ٿي لڳي جو ڪو به آرڊر اچي ها ته پهرين اسان کي خبر پوي ها. اسان واري سنگت مان غازي بابت ذري پرزي جي خبر اخبار ۾ ضرور شايع ٿيندي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ سندس مقابلو شڪيل پٺاڻ سان آهي.
اڄ ايس پي ۽ جيلر قريشي ٻڌايو ”جن چند دوستن کي رها نه پيو ڪيو وڃي تن ۾ تون ۽ عالم شاهه به شامل آهيو.“
شام جو ستين وڳي عالم شاهه، ابوبڪر زرداري، عبدالله ملاح، منير ڀرڳڙي، پير معظم ۽ آءٌ سپرنٽنڊنٽ سان مسئلن تي ڳالهائڻ وياسين، مسئلا ٻڌاياسين. اوقاش وٽ هميشه ها جي بک ڪو نه هئي ۽ ڊي ايس پي به حسب معمول روڙا اٽڪائيندو رهيو ۽ مسئلن کي مڃڻ لاءِ هن پنهنجا شرط رکڻ شروع ڪيا. اوقاش حسب دستور هر حال ۾ ڊي ايس پي سان ها ۾ ها ملائي گهوڙا گهوڙا شروع ڪري ڏني ۽ ٿوري دير کان پوءِ کلندي چيائين: ”سائين حاضر ڪنداسين، ٻيو حڪم.“ مون چيس اهو طريقو سٺو آهي وقت گذارڻ جو. دوست بادشاهه آهن. هنن کي مڙئي مسئلن پيش ڪرڻ جو شوق آهي، ورنه مسئلا ساڳيا آهن: دوائن جو، پاڻي جو، اسپري وغيره جو. اڳيون ايس پي نواز به ها ها ڪندو ويندو رهيو ۽ آءِ جي به ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو ۽ هاڻ اوهان جو وارو آهي، جيسن پنهنجو ساٿ آهي مسئلا هلندا رهندا، اجايو پاڻ کي به پيا ٿڪائين ۽ اوهان کي به پيا بيزار ڪن.“ اوقاش کلندي چيو ته .”سدائين ڏاڍي ڪندو آهين پر هاڻ وعدو آهي ته مسئلا حل ڪنداسين.“ اسان وقت گذارڻ جي نئين وعدي ٿيڻ سان روانا ٿياسين.
بئرڪ 15 جي اڳيان تونئري ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. ڪچهريءَ ۾ حسين شاهه، عالم شاهه، الله بچايو لغاري، غلام رسول زنگيجو، اقبال جروار، محبوب جروار، محمد بخش ميمڻ، صالح ڪاتيار، علي احمد لغاري (ماتلي)، علي نواز جتوئي. شريڪ هئا. مزيدار ڪچهريءَ ۾ ٻين جي ذڪر سان گڏ سائين اسدالله شاهه حسيني جو به ذڪر نڪتو، ڪافي وقت تائين هن مهربان ۽ محترم شخصيت جو تذڪرو ٿيندو رهيو.