هاءِ! لوڊشيڊنگ
گذريل ڪجهه ڏينهن کان صبح سوير کان ئي بجلي بند ٿي ويندي آهي. شايد لوڊشيڊنگ جي ڪري ايئن ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڪري صبح جو چانهه ڪو نه ملندي آهي. ڪافي دير سان ٺاهيندا آهيون. 10 وڳي ڌاري بشير ٻگهئي ڏي ويس. کيس تيز بخار هو. محب شاهه سان ملڻ ويس ته کيس به بخار هو. جيل ۾ بيماري به هڪ وڏو عذاب آهي. جيل جي بيوسي، بيماريءَ ۾ اڪيلائي، قيد جي احساس کي اڃا وڌايو ڇڏي. ملاقات جي خيال سان ماڙيءَ ۾ ويس ته ماڙي ۾ ڪي نوان دوست داخل ٿيا. سڀئي دوست هئا. جن ۾ سانگهڙ جو پيارو ۽ سدا ملوڪ فدا حسين ڏيرو نمايان هو. ساڻس مليس. ٻڌايائين ته ذلف (ذوالفقار بلوچ الله داد چنڊ جو ڳوٺ حيدرآباد) فيض محمد ابڙو (ڀينڊو تعلقو حيدرآباد) ۽ ٻيا ڪافي دوست آيا آهن. ذلف جي اچڻ جي ڏاڍي خوشي ٿيم جو ذلف ۽ شريف قريشي منهنجي چوڻ تي گرفتاري ڏني آهي. گرفتار ٿي ذلف ناري جيل ۽ شريف سکر جيل وڃي نڪتو. ناري جيل جي سڀني دوستن ذلف جي تعريف پئي ڪئي. سکر جيل مان آيل خطن ۾ شريف جي تعريف هئي. ٻئي پهريون دفعو جيل آيا آهن. شريف جي ته شادي به تازي ٿي آهي.
ناري جيل مان آيل دوستن پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پئي چيو تنهن ڪري بئرڪ 13 ۾ سڀني کي گڏ رهايو ويو. اي ڪلاس ڏي ويس ته عاشق صاحب وٽ ڪامريڊ ڄام ۽ طارق اشرف ويٺل هئا. عاشق جتوئي ٻڌايو ته بيان سڀاڻي موڪلڻو آهي. سڀئي گڏجي ماڙي تي آياسين جو موري جو پيارو دوست ضياءَ سومرو ۽ دادو ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين مهتاب قريشي آزاد ٿي رهيا هئا ۽ حسب دستور اسان سمورن دوستن کي کين الوداع چوڻو هو.
ماڙيءَ مان ٻاهر نڪتاسين ته اسپيشل وارڊ کان چاچي شاهنواز خان کي ايندي ڏٺم. ساڻس وڃي مليس. خبر پئي ته چاچو به اڄ ئي نارا جيل مان بدلي ٿي آيو آهي. چاچو هن دفعي ڪافي ڪمزور ٿي لڳو، لٿل به هو ۽ آواز مان به سندس هيڻائي پئي ظاهر ٿي.
رات جو بئرڪ ۾ ڪراچي مان رڪارڊ ٿي آيل ممتاز صاحب جو بيان ٻڌوسين. هن بيان ۾ ڪنفيڊريشن جي تجويز ڏني ويئي هئي.