منير کي بيماري لڳي يا جيل
صبح جو ٽين وڳي اٿي منير سان گڏ سحري ڪيم. اڄ فدا حسين ڏيرو به اٿيو آهي، رات چيو هئائين ته روزو رکندس، پر اٿڻ کان پوءِ ارادو بدلائي ڇڏيائين، چئي ڪچهري ٿا ڪريون. سو چئين وڳي ڌاري حيدر زمان جيلر آيو ۽ بند ڪري ويو.
صبح کان ئي اسان جي رهائي جون ڳالهيون هيون. پر اسان کي ۽ ٻين دوستن کي شڪ هو ته شايد رها نه ڪن. حسين شاهه بخاري، غازي ۽ ملڪ صاحب جي سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ کين نظربند ڪيو ويو آهي. جيل وارن مارشل لا وارن کان معلومات حاصل ڪئي پر جيئن ته حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائڻ بجاءِ موڪل وڌائي جمعي سان گڏ ڇنڇر به موڪل ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري مارشل لا آفيس ۾ ڪو ذميوار آفيسر ڪو نه هو. جيل وارن کي چيو ويو آهي ته سڀاڻي ٻڌائينداسين. سڄو ڏينهن ڪمري تي ڪچهري هئي. روزي کان پوءِ منير سان گڏ اسپتال ويس. رات کان منير جي طبيعت خراب آهي. صبح جو بلڊ پريشر 60-80 هئس. سڄو ڏينهن منڌل هو. شام جو لوڻ وغيره استعمال ڪيائين. سادات عظام رات جي ماني اسان سان گڏجي کاڌي. اڄ سڄو ڏينهن منير، سائين حسين شاهه جو نشانو هو، ڀوڳ ڪري رهيو هوس ته ”رهائيءَ جي خفي ۾ مڙس جو بي پي ئي لهي ويو آهي، منير مڙس ٿي اچي چڙهيو آهين.“ چئي: ”منير کي جيل لڳو آهي.“ ”جيل لڳو اٿس“ جيل ۾ مقبول محاورو آهي. هر وقت، هر ڳالهه ۽ هر موقعي تي هر دوست تي فٽ ٿي ويندو آهي.