آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

هڪڙا حڪمران ٻيا ڌاڙيل باقي عوام ويچارو ڊاڙ ڊوڙ

(4- جون 1984ع)
اڄ ڪلهه اخبارن ۾ سواءِ ڌاڙيلن ۽ سرڪار جي ڪجهه به ڪونهي. گهڻا ڏينهن اڳ ۾ دوستن قصو ٻڌايو ته هڪڙو ماڻهو ڪنهن جي پڇا ڪندي، ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي نڪتو، کيس هڪڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو، تنهن کي سڏ ڪري پڇيائين ته ”هتي ڪهڙين ذاتين وارا ماڻهو ٿا رهن؟“ ڳوٺاڻي جواب ڏنو، ”ادا هتي هڪڙو سيدن جو گهر، ٻيو اسان ڪولهين جو راڄ، باقي سڀ ڊاڙ ڊوڙ ٿا رهن.“ سو اڄڪلهه هڪڙا آهن حڪمران ٻيا ڌاڙيل، باقي عوام ويچارو ته آهي ڊاڙ ڊوڙ.
اڄ عبرت ۾ وڏي ڊگهي فهرست شايع ٿيل هئي وزير کڻڻ تي گورنر کي مبارڪ باد ڏيندڙن جي. خيرن سان قاضي صاحب وزير ٿيو آهي ٻه ٽي سال ۽ شايد جيسين وزارت قائم آهي تيسين پئي مبارڪ باد ڏيندڙن جي لسٽ شايع ٿيندي. پ پ پهريون دفعو اقتدار ۾ آئي ته هلال پاڪستان ۽ عبرت پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارن جي جيڪا لسٽ شايع ڪئي هئي، تنهن تي معلوم ٿيو ته سڄي ايشيا جي آبادي پ پ ۾ شامل ٿي ويئي آهي. هاڻ ته عبرت جو پنهنجو ئي وزير ٿيو آهي، هاڻ سڄي دنيا مان آيل مبارڪ باد جا پيغام پڙهڻ لاءِ ملندا. هونئن به الله پناهه ۾ رکي قاضي صاحبان کي، منجهن قضيو ٿيو ته تعزيت ڪندڙن ۽ جي شادي ٿي ته شرڪت ڪندڙن جا نالا مهينن جا مهينا پيا شايع ٿيندا آهن.
اڄ عبرت ۾ سرڪار کان پوءِ رڳو ڌاڙيلن جون خبرون هيون. 1982ع ۽ 1983ع ۽ خاص ڪري 1984ع ته آهي ئي ڌاڙيلن جو سال. آءِ جي صاحب چيو آهي ته امن امان قائم ٿي ويو آهي پر ڌاڙيلن جهڙو آءِ جي صاحب جا چٻرا ڪڍڻ لاءِ بدامنيءَ جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هٽڙيءَ وٽ ڌاڙيلن سان مقابلي جي به خبر آهي ته هالا ويجهو به ڌاڙيل سان مقابلو ٻڌايو ويو آهي، جن ۾ ڪجهه مئا، ڦٽيا ۽ ٻڌا آهن. اڄ اها به ڏک واري خبر هئي ته دادوءَ ۾ جانورين جي ڳوٺ تي چانڊين جي حملي ۾ 11-12 ماڻهو مارجي ويا آهن. هن جهيڙي جو پس منظر چانڊين ۽ جانورين جو جهيڙو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته چانڊين جي ٽولي جي اڳواڻي ڌاڙيل علي گوهر ڪري رهيو هو. خدا ڄاڻي سنڌ ۾ هنن قومي ۽ قبيلائي هاڃيڪارين کي ٻنجو ڪڏهن ايندو.
رات جو مولابخش مشوري وٽ ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئاسين ته اتي به سڄو موضوع ڌاڙيل ئي هئا. ڪچهريءَ ۾ سپاهي چڱا ويٺا هئا. هڪڙو سپاهي ڏسڻ ۾ ٻوگهلو پر چهري مان شرارت پئي بکندي اٿس، سو سواءِ چرچن جي ٻيو ڳالهائيندو ناهي، تنهن ڳالهه ڪئي ته ”سائين دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن جي خبر ئي ڪو نه ٿي پئي، ڏسبو ته ٻني ۾ هاري ڏاند پيو ڪاهي يا ڪلهي تي هر کنيو اچي، ڀرسان ايندڙ بس ڏسي، ڏاند ڇڏي وڃي لڪل بندوق کڻندو، بس ڦري هڪ نالي لڪائي وري اچي ڏاندن کي لڳندو. زمانو خراب آهي، الائي ڇا ٿيندو!“ ٿوري دير چپ ٿي وري پنهنجي سوچن ۾ ٻڏل سپاهي ساٿيءَ کي چيائين، ”اٿ وڃي ڌاڙيلن سان مل، هتي مرندين ته ڇا ملندءِ! زخمي ٿئين ته 50000 رپيا ۽ جي مئين ته لک رپيا مائٽن کي ڏيندا. وارو ڪر مري وئين ته مائٽ به سکيا ٿي ويندا باقي حياتيءَ ۾ جيڪو کاڌئي ۽ پيتئي سو ڄڻ تنهنجي ترقي!“
ڪچهريءَ ۾ نالي ڀائي ڦاروا کارايا (نالي ڀائي ڦاروا ۽ ٿڌيون شيون گهڻيون کائيندو آهي) سپاهي چيس ته ”سائين ڦاروا اوهين کائو اوهان جي مشن ڪمزور آهي.“ نالي ڀائي جو هاضمو خراب ٿو رهي، کيس السر آهي، اوڳرايون به وڏيون ڏيندو آهي. آءٌ کيس چوندو آهيان ته نالي ڀائي اوهان جون اوڳرايون دشمن داغ اوڳرايون آهن.
چرچائي سپاهي ڦاروا کائيندي چيو ”سائين ڦارون جا ٻج به کايو وڃان ٿو. سڄو ڏينهن ڦارون جا ٻج ڳهندو وڃان، اهي ويندا ڪيڏانهن؟“ چيومانس ”اهي ٻج نه کائو، اهي پيٽ ۾ ڦٽي پوندئي ۽ پوءِ جتان ڪٿان ٽاريون نڪري ايندءِ ۽ ٽاريون ڦاروا جهلينديون ۽ پوليس لائن جا ٻار سڄو ڏينهن پٿر هڻي ڇتو ڪري ڇڏيندءِ!“ ٿوري دير لاءِ هٿ روڪيئين، وري ٽهڪ ڏئي شروع ٿيو، ”سائين الله خير ڪندو في الحال ته کائون.“ ڪافي دير ڪچهري ٿي. اتان اٿي اچي ڪمري ۾ ستس.