آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ملاقات دوران ڳالهه سمجهڻ جو مسئلو

(7- اپريل 1984ع)
صبح جو نائين وڳي ڌاري جيلر حيدر زمان جو ماڻهو نبي بخش ڀرڳڙيءَ کي سڏڻ آيو، ڀرڳڙي صاحب ويو ۽ وري اچي ٻڌايائين ته بدين مان ايس ايم ايل اي وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم آيو آهي. مون انڪار ڪري لکي ڏنوآهي ته رها ڪريو ته هتان غير مشروط رها ڪريو، باقي پيش ڪو نه ٿو ٿيان.
11 وڳي عطا ملاقات تي آيو. ٻڌايائين ته ڳڙهي خدابخش ويو هو. پنجاب مان صوبائي صدر شيخ رفيق ۽ خواتين جي صوبائي صدر نادره خاڪواني وڏن جلوسن سان آيا هئا. اجتماع وڏو ٿيو هو. ملاقات جي ڪمري ۾ ڏاڍي رش هئي. گوڙ ۾ ڪا ڳالهه سمجهڻ مشڪل هئي. انهيءَ سيخن واري ڪمري ۾ رڳو هڪٻئي کي ڏسبو آهي، باقي سمجهندا رڳو تجربيڪار آهن. جيڪي چپن مان سمجهندا آهن ته همراهه ڇا پيو چئي. چاچو صفر لغاري به عطا سڏايو سو به آيو، اهو بزرگ سمجهيو ڪو نه ٿي، عطا ڳالهائيس پيو ته، وري منهنجي منهن ۾ ڏسيو چوي ڇا ٿو چوي؟ ڪافي دير کان پوءِ عطا موڪلائڻ مهل چيس ته صفر خان دادو ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪريو؟ چاچي صفر چيو ته ”رمضان گذاري ويو. انا لله وانا اليھ راجعون!“ آءٌ اچي کليس، چاچو ڦڪو ٿيو، تنهن ڏاڍي نماڻائيءَ سان چيو ته ڇا ٿو چئي؟ اها ڳالهه عطا کي ٻڌايم ڏاڍو کليو. ٻنپهرن جو قائمخاني آيو تنهن به لاڙڪاڻي ۾ وڏي اجتماع جي ڳالهه ڪئي. خانصاحب ٻڌايو ته اڄ به سڀني قيدي دوستن جي مائٽن سان ملي آيو آهي.
شام جو خبر پئي ته لاکاٽ جي جتوئين کي سکر بدلي ڪرڻ جو حڪم آيو آهي ۽ بشير کين تيار ٿيڻ جو چئي ويو آهي. ڪافي دير کان پوءِ بشير وري آيو، اچي چيائين ته سکر وڃڻ جو هينئر پروگرام ڪينسل آهي هاڻ صبح جو پنجين وڳي وڃبو. باقي ڏنڊا ٻيڙيون هينئر هڻائي ڇڏيو. اها ڳالهه ٻڌي اسان ڊي ايس پي ڏي وياسين ۽ سخت اعتراض ڪيوسين. اتي ڪجهه جتوئي به آيا تن به ڏنڊا ٻيڙيون هڻائڻ کان انڪار ڪيو. ڊي ايس پي ڳالهه مڃي. ٻاهر نڪتاسين ته جتوئي نوجوان بيٺا هئا. سرائيڪي ۾ جيل وارن تي وٺ هئن، چيائون ”اجايو تنگ ڪيائون، وڏا.... اڳ ۾ چيائون تيار ٿيو، هاڻي چون ٿا صبح جو، اسان هنڌ ويڙهي ٻڌي ڇڏيا آهن. ماڻهو ڇا چوندا ته جتوئي تيار به ٿيا پر ڪو نه ويا، اها اسان جي بيعزتي آهي. اسان بند ڪو نه ٿينداسين.“ حاجي علي نواز جتوئي ۽ اسان ڪافي سمجهاين، تڏهن وڃي ٿڌا ٿيا.
رات جو پيپلز هاري ڪميٽيءَ جا سڀئي دوست حاجي علي نواز سان الوداعي ڪچهريءَ لاءِ سندس بئرڪ ۾ رهيا. آءٌ به اتي ئي رهيس. ڪچهريءَ ۾ تقريرن ۽ گيتن جي نشست ٿي. حاجي علي نواز سٺي سڀاو وارو دوست آهي. سندس محبت ڀري رويي ۽ هاري ڪميٽي ۾ سرگرمين تي دوستن سندس ڪافي تعريف ڪئي. اها ڪچهري رات جو 3 وڳي تائين هلندي رهي.