مائيءَ جو ريوالور گم ٿيڻ واري عجيب خبر
صبح جو اٿي تيار ٿي ويٺس ته دوست اچن ته ڪچهري شروع ڪريون پر خبر پئي ته اڄ جيل ۾ ڊي ايم ايل اي اچڻو آهي، سو سڄو جيل بند آهي. هر وارڊ جي در تي پوليس جو وڏو اٽالو بيهاريو ويو آهي. عام قيدي ته ٺهيو پر ڀنگي به وارڊ ۾ اچي وڃي ڪو نه ٿو سگهي.
سائين حسين شاهه اڪثر ڪرامتون ڪندو آهي. سو ڪرامت جي زور تي وارڊ جو دروازو کولائي اچي ڪچهري تي نڪتو. اخبارون پئي پڙهيوسين ته سائين حسين شاهه ڌيان ڇڪائيندي دلچسپ خبر پڙهي. اها خبر ڌيان طلب هئي جنهن ۾ ميرپور جي هڪڙي خاتون جو بيان هو ته ٻنيءَ جي سار سنڀال لهندي سندس ريوالور وڃائجي ويو آهي، جنهن صاحب کي لڀي ته هن ايڊريس تي پڄائي. خبر واقعي دلچسپ هئي، ماين جي سوني سئي، سوني ڇلي، منڊي ۽ ڇير جي وڃائڻ ايستائين جو دل وڃائڻ جو ته ٻڌو هوسين پر مائين جا پستول به وڃائجن پيا. هاڻ ٻڌو اٿئون. ٻاهر ته مائين ۽ هٿيارن جو پاڻ ۾ وڏو واسطو آهي پر هاڻ سنڌ ۾ به زالن هٿيار کڻڻ شروع ڪيا آهن. لڳي ٿو زمانو بدلجي پيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنگت کي سوکڙي ۾ ڇلي، منڊي، والين بدران پستول ۽ بندوق ڏيڻي پوندي.
ان خبر سان مائي راڻي ياد اچي ويئي. مائي راڻي اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ بهادر عورت هئي. سدائين پستول ڪلهي ۾ هوندو هوس. زمينون به پاڻ سنڀاليندي هئي، پرخلوص قومي ڪارڪن هئي، هر قومي سڏ يعني جلسي جلوس، مظاهري ۾ شريڪ ٿيندي هئي. مون کيس پهريون ڀيرو جامعيو عربيو ۾ سنڌي ٻولي ڪنوينشن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو هو، پوءِ ته اڪثر کيس پستول سان ڏسندو هوس جو ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندي هئي. مڙسن جو مَٽ هئي.
يارهين وڳي در کليا. خبر پئي ته ڊي ايم ايل اي سان ايس پي پوليس، آءِ جي جيل نور الاهي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر گڏ هئا. اهي جڏهن ڦاسي گهاٽ وارڊ ڏي ويا ته هڪ قيدي ڊي ايم ايل اي کي هڪڙي پڙي کڻي هٿ ۾ ڏني ۽ اڪيلائيءَ ۾ کيس ٻڌايائين ته هن پڙيءَ ۾ چرس، آفيم ۽ هيروئن آهي، اهي ٽيئي هتي جيل ۾ عام جام ملندا آهن. ڊي ايم ايل اي سخت ناراض ٿيو ۽ پنهنجو رائونڊ ختم ڪري واپس ويو هليو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اها ڪن آفيسرن جي سپرنٽنڊنٽ اوقاش خلاف سازش هئي. اڄ سڄو ڏينهن جيل جو اسٽاف سخت پريشان هو.
شام جو سائين حسين شاهه پنهنجو سامان اڇي چڪر مان کڻي اسان جي ڪمري ۾ رهڻ لاءِ آيو. سو اڄ اسان وٽ ستو پيو آهي. سائين کي چپ رڳو سمهڻ مهل ايندي آهي. سائين سمهندو به ڳالهيون ڪندي آهي. باقي جي سمهارڻ جي ڪوشش ڪبي ته نه پاڻ سمهندو نه ٻين کي سمهڻ ڏيندو.
هڪ دفعي سائين اسدالله شاهه خيرپور جي دوري تي هليو. سڄو ڏينهن تقريرون ۽ ميٽنگون ٿيون سو ٿڪجي پيو. رات جو خيال ٿيس ته حسين شاهه کي سوير سمهاري ننڊ ڪجي. سو ڊائزيپام گوري جي تعريف ڪري اڌ گوري کڻي سائين حسين شاهه کي کارايائين. الائي ڇا ٿيو، گوري جو اثر ئي ابتو ٿيو، اچي سائين ڪچهري ۾ شروع ٿيو، ڪير بس ڪرائيس، ڪير سمهاريس. سائين اسدالله شاهه ته وڃي ڪمري ۾ ستو پر اسان جي جند ڪير ڇڏائي. اسين به سائين جي ڪچهري ٻڌندي سمهي رهياسين، پوءِ حسين شاهه الائي ڪيڏي مهل ستو. صبح جو اسدالله شاهه کي چيوسين: سائين صبر ۾ سمهندو آهي. اوهان ته کيس زوري سمهارڻ جي ڪوشش ڪري اسان کي ويل ۾ وجهي ڇڏيو. سائين چيو آئنده توبهه ڪيم جو وري سمهارڻ لاءِ ڪوشش ڪريان يا صلاح ڏيان.