رات آئي وئي.....
صبح جو 9 وڳي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. ڪافي دوست رها ٿي ويا آهن، هاڻي ڪچهري ۾ 8 کن دوست بچيا آهن. اڄ کان نائون دوست بخشل قمبراڻي (خيرپور ناٿن شاهه) اچڻ شروع ٿيو آهي. رها ٿي ويل دوست ملاقات تي ايندا آهن. اڪثر دوستن ٻڌايو ته هو ٻاهر به پابندي سان پڙهن ٿا. 11 وڳي ڌاري بي ڪلاس ويس. اعجاز خواجه ۽ بابو غلام حسين سان ڪچهري ٿي. اتان وڃي نور محمد ٿيٻي جي ڪمري ۾ اخبار پڙهيم. 2 وڳي ڌاري اي ڪلاس ۾ ڪميٽي جي گڏجاڻي رکيل هئي. گڏجاڻي ۾ عاشق جتوئي، يوسف ٽالپر، عطاءُ الرحمان ميمڻ، عالم شاهه، ڀائو ابوبڪر، عبدالله ملاح ۽ آئون شريڪ ٿياسين. گڏجاڻيءَ ۾ ڪالهوڪي چانهه پارٽي جيڪا جان محمد برهماڻي طرفان لاکاٽ جي جتوئين جي مان ۾ ڏني وئي، تنهن ۾ عبدالله ملاح طرفان ڪيل اعلان سبب پيدا ٿيل غلط فهمين تي بحث ٿيو.
ڪالهوڪي چانهه پارٽيءَ ۾ تقرير جو پروگرام نه هو، تنهن ڪري ڪچهريءَ کي پر لطف بڻائڻ لاءِ امداد چانڊئي کي گيت ٻڌائڻ لاءِ فرمائش ٿي. امداد ٻه سهڻا گيت پنهنجي پياري آواز ۾ انهيءَ شرط تي ٻڌايا ته آئون به ڪو گيت ٻڌائيندس، تنهن ڪري امداد کان پوءِ عطاءُ الرحمان ۽ مون گڏجي اياز جو گيت ٻڌايو. جيل جي دوستن عبدالله کي پهريون ڀيرو ڳائيندي ٻڌو. هن به شيخ اياز جي وائي ”رات آئي وئي“ تمام سٺي انداز ۽ آواز ۾ ٻڌائي. چانهه پارٽيءَ ۾ يوسف ٽالپر، ممتاز علي ڀٽي طرفان خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ لاکاٽ جي جتوئين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو. 3 وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو. گهرواري ڏاڍي بيمار هئي، تنهن ڪري سندس مائٽ ڪافي پريشان هئا. سهري ۽ سس چورائي موڪليو ته جلد ٻاهر اچان. کين اها خبر شايد ڪا نه هئي ته آئون جيل ۾ ته پنهنجي مرضيءَ سان آيو آهيان پر نڪرڻ ٻين جي وس آهي. ملاقات تان نڪتس ته پير معظم، عالم شاهه ۽ عبدالله ڊپٽيءَ جي آفيس ۾ ويٺا هئا. ڊپٽي جو ضد هو ته بک هڙتال جي نوٽيس تي نالا لکي ڏيو ته هي نوٽيس ڪنهن جي طرفان ڏنو پيو وڃي. ڪافي بحث کان پوءِ عالم شاهه ۽ عبدالله صحيحون ڪري ڏنيون.
شام جو پير معظم، پير مڪرم ۽ سندس 3 سئو ٽ عالم شاهه وٽ تعزيت لاءِ آيا. پير معظم ۽ پير مڪرم جو وڏو ڀاءُ محترم پير مظهرالحق به گرفتار آهي ۽ هن وقت مچ جيل ۾ قيد آهي. پير صاحب دادوءَ ۾ ايم آر ڊي جي هلچل دوران وڏي همت جو مظاهرو ڪيو آهي.
پير سان سال اڳي ملاقات ٿي هئي، جڏهن عبرت اخبار جي ٻارن جي ٻاري ۾ ماما موجي جي نالي سان انچارج هو. پير صاحب سان گڏ چاچا سروٽي جي نالي سان عبدالجبار عباسي ٻانهن ٻيلي هو. ان زماني ۾ سنڌي ٻارن پاران جدوجهد ڪئي پئي وئي ته ٻارن کي ملندڙ صدارتي ايوارڊ سنڌي ٻارن کي به ڏنو وڃي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جو خالق صوبو ۽ سندس رهندڙ ته ٻئي درجي جي حيثيت رکن ٿا پر سنڌ جا ٻار به ٻه اکيائي جو شڪار ٿيا.
جدوجهد دوران مغربي پاڪستان جو گورنر محمد موسيٰ ڀٽ شاهه جي ميلي تي اچڻو هو. ٻارن جي ٻاري طرفان فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ٻارن طرفان کيس يادداشت پيش ڪئي وڃي. گورنر ڀٽ شاهه آيو ۽ سنڌي ٻارن طرفان يادداشت کي آفتاب چنا (محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ جو ڀاءُ) کڻي الائي ڪيئن سمورن حفاظتي انتظامن کان لڪي گورنر تائين پهتو ۽ کيس يادداشت ڏني. ٻارن جي ٻاري طرفان اورينٽ هوٽل جي نوري لائونج ۾ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو ويو ۽ ان ۾ آفتاب چنا کي سندس ڪارنامي تي ميڊل ڏنو ويو. ان پروگرام جو مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر عثمان علي عيساڻي هو.