تنظيم
صبح جو اٿي پنڌ ڪيم. نائين وڳي ڌاري ڪچهري ۾ ويس. اڄ ڪچهري جو موضوع ”تنظيم“ هو. گفتگوءَ جو حاصل مقصد اهو ئي هو ته ڪا به جدوجهد تنظيم کانسواءِ ڪاميابي نه ٿي ماڻي سگهي. تنظيم جو فقدان يقيني ڪاميابي کي به ناڪاميءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. قائد عوام جيڏي وڏي تبديلي آندي ۽ جنهن سماجي تبديلي جي خواهش ڪئي، تنهن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته سندس پارٽي جي تنظيم سندس پروگرام جي ابتڙ هئي. انقلابي تبديلي لاءِ نهايت مضبوط ۽ موثر تنظيم ضروري آهي. اها به حقيقت آهي ته قائدعوام کي حڪومت جن حالتن ۾ ملي تن ۾ هو فوري طور تي تنظيم تي ڌيان نه ڏئي سگهيو ۽ کيس پارٽيءَ جي قيام کان حڪومت جي ملڻ تائين، تنظيم کي بهتر طور منظم ڪرڻ جو به وقت نه ملي سگهيو.
شام جو سائين عالم شاهه سان ڪچهري ٿي، اتي آفتاب مغل ۽ ارباب ٻڌايو ته کين ايس. ايم.ايل.اي گهرايو آهي. سڀاڻي وينداسين، اڄ دوستن جي دعوت آهي توهين ضرور اچجو. عالم شاهه ۽ آءٌ رات آفتاب وارن وٽ رهياسين، ان بئرڪ ۾ هاڻ گهٽ ساٿي آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ بئرڪ اندر تِر ڇٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي، ان بئرڪ ۾ سروري جماعت جا دوست رهندا هئا، سي گهڻا آزاد ٿي ويا آهن ايڪڙ ٻيڪڙ بچيو آهي. پير سليم ۽ سندس ساٿي اڃا رهيل آهن، پير صاحب تي هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪري 3 سالن جي سزا ڏني اٿن. پير صاحب ۽ سندس ساٿي نماز جا پابند آهن، رات جو ذڪر به ڪندا آهن. پير صاحب، جيل جي دوستن سان گهٽ ملندو آهي، جيڪي ساڻس ملڻ ويندا آهن، تن سان ڏاڍو پيار سان ملندو ۽ ڪچهري ڪندو آهي.
ٽنڊي ڄام زرعي ڪاليج ۾ شاگرد سياست جي عروج واري زماني ۾ پير سليم زرعي ڪاليج جو مقبول شاگرد رهنما هو. سندس گروپ به مضبوط ليکيو ويندو هو. زرعي ڪاليج جا ٻيا مشهور گروپ، بشير شاهه گروپ ۽ کهاوڙ گروپ هئا. اهي اڄڪلهه ڪو نه ٿا ٻڌجن، باقي پير صاحب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان زرعي ڪاليج سان تعلق رکيو اچي.