کرڪڻا لاهي سک مَ ستا ڪڏهين
جڏهن ”ذڪر زندان جو“ جي ٻئي ايڊيشن جي سمورن مرحلن جي نگرانيءَ جي ذميواري مون کي ملي ته مون انتهائي خوشيءَ سان اها ذميواري قبول ڪئي ڇاڪاڻ جو ڀائو مولابخش چانڊئي جي سڃاڻپ مون وٽ سياست جي آويءَ مان پچي نڪتل هڪ سياستدان کان وڌيڪ قلم ۽ ڪتاب سان عشق جي حد تائين چاهه رکندڙ گهڻ پاسائين اديب، شاعر ۽ جمهوريت پسند، سنڌ دوست دانشور جي آهي. مان انهيءَ کان اڳ ڀائو مولابخش جو شاعريءَ جو ڪتاب ”شبنمي بوندون“ پڙهي چڪو هئس. جيڪو پڙهڻ بعد محسوس ٿيو ته ڀائو ته آهي ئي شاعر، سياستدان ڪيئن بڻجي پيو، وري جڏهن ذڪر زندان جو پڙهيم ته محسوس ٿيو ته ڀائو ته آهي ئي نثرنگار، پر جنهن به رخ کان ڏسبو ڀائو مڪمل نظر ايندو.
”ذڪر زندان جو“ جي مطالعي دوران هڪ ڳالهه اها به محسوس ٿي ته رائيٽر موضوع جي مناسبت سان سمورا تفصيل وڻندڙ رواني ۽ سچائيءَ سان بيان ڪندو ٿو هلي ۽ پڙهندڙ کي ساڻ وٺي هلي ٿو پر آخري ورق تي پهچڻ کانپوءِ به اهو سوال، سوال ئي رهجي وڃي ٿو ته مصنف کي به رهائي نصيب ٿي يا نه؟ ڪتاب ڪلائيمڪس تي پهچڻ بغير پڄاڻيءَ تي پهچي پئي ويو! جنهن جو ڀائو مولابخش چانڊئي پڻ اعتراف ڪيو. نئين ايڊيشن جي ضميمي ۾ جيل ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس به شامل آهي. ان سان گڏ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾ ڊائريءَ جي ورقن کي جدا جدا عنوان ڏنا ويا آهن، جنهن سان ڪتاب جي ڌيان ڇڪائيندڙ خوبصورتي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڀائو مولابخش چانڊئي لاءِ آئون ته بس مرشد لطيف جو هي ئي شعر چوندس ته:
کرڪڻا لاهي، سک مَ ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
مصنف جي هن پيار واري پورهئي بابت پڙهندڙن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
وهاب جروار
15/06/2016