امان جون دعائون
29 مئي 1984ع اڱاري جي ڏينهن اٿي پهرين آپريشن ٿيٽر ڏانهن ويس. اقبال جروار جي ڀيڻ جو آپريشن ٿيڻو هو، ٿيٽر وٽ اقبال ۽ سندس چاچو موجود هئا. اتان ٿي وارڊ آيس ته پياري عبدالجليل بچاڻي چيو ته ”اڄ ڊاڪٽر امداد بلوچ وارڊ ۾ ايندو تنهن ڪري حيدرآباد وڃي کيس ڏيکار.“ ڊاڪٽر امداد ڏي ويس، ساڻس ملاقات ٿي. پروقار شخصيت جو مالڪ هو، وڏي پيار سان مليو، منهنجي آڊيوگرافي ڪرايائين ۽ ڪجهه دوائون تجويز ڪيائين، هڪ هفتي کان پوءِ وري اچڻ جو چيائين.
ڊاڪٽر امداد بلوچ ئي نظربندي دوران محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ڪن جو آپريشن ڪيو هو ۽ اهو به ٻڌايائين ته هو محترمه سان گڏ لنڊن به ويو ۽ اتي به سندس آپريشن دوران موجود هو.
اربع 30 مئي تي وري مٿي جي سور لاءِ اکين جي اسپتال موڪليو ويس. اکين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نثار ميمڻ سان ملاقات ٿي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ ٽنڊي محمد خان جي سپاف جو بنياد وجهندڙن مان آهي. ڊاڪٽر ۽ اسماعيل ميمڻ سپاف کي هن تعلقي ۾ وڏي محنت سان منظم ڪيو، اسماعيل ميمڻ ضلعي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. ڊاڪٽر ايل ايم سي ۾ به سپاف لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. ڊاڪٽر سياسي ڪمن سان گڏ سماجي ڀلائيءَ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو آهي. تمام پيارو دوست آهي.
ڊاڪٽر نصرالله قريشي صاحب اکين جو معائنو ڪيو. ڊاڪٽر قريشيءَ جو مريض سان رويو به سٺو هوندو هو. مون کي مريضن سان پيار مان ڳالهائيندڙ ۽ سمجهائيندڙ ڊاڪٽر ڏاڍا وڻندا آهن. منهنجي خيال ۾ جج، استاد ۽ ڊاڪٽر خدائي ڪم سرانجام ڏيندا آهن، تن کي سدائين مهر ۽ پيار سان پيش اچڻ گهرجي. مون گهڻا ئي ڊاڪٽر اهڙا به ڏٺا آهن جن جي پيشانيءَ تي سدائين گهنج هوندو آهي، 24 ڪلاڪ باهوڙيا وتندا آهن. مريض ورجائي ڪا ڳالهه پڇندو ته مريض جو پٽڪو لاهي وجهندا آهن. ننڍي هوندي کان ڊاڪٽر شيخ رزاق صاحب جي اسپتال تي مريضن جا ميڙا ڏٺا اٿم. سهڻي شخصيت وارو ڊاڪٽر آهي، ڌڻي هٿ ۾ شفا به وڏي ڏني اٿس پر مريض ورجائي پڇڻ جي ڊپ کان اڌوري ڳالهه ٻڌي هليا ويندا آهن. ڳالهه هلي پئي ڊاڪٽر نصرالله قريشي صاحب جي. ڊاڪٽر صاحب جو نالو شيرين سومرو ڪيس دوران به گهڻو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هاڻ وري سندس نالو ذڪر ۾ آيو جو تازو کيس ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا.
ڪالهه سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ئي هئس. ڊاڪٽر نور محمد رائونڊ تي آيو ته کيس ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر عالماڻي چيو آهي ته ”مولابخش کي اينميا آهي.“ ٻنپهرن جو غلام رسول جلالاڻي ملڻ آيو، ٻڌايائين ته کيس سندس زميندار زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ فصل به کڻي ويو آهي. مصيبت اها آهي ته هو زميندار خلاف ڪري به ڪجهه نه ٿو سگهي جو اهو زميندار سندس ڀيڻيوو آهي. غلام رسول اهو به ٻڌايو ته مون کي جيل وڃڻ جي ڪري بيدخل ڪيو اٿس. جڏهن ته زميندار پاڻ عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن به آهي گرفتاري ڏئي جيل ياترا به ڪري آيو آهي. غلام رسول کي سمجهايم ته پريشان نه ٿي. مفادن جي ڪنهن سان به مائٽي ڪو نه هوندي آهي. زميندار ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ هجي پر هاريءَ لاءِ هو فقط زميندار ئي هوندو آهي. کيس چيم ته زميندار سان ڳالهاءِ، جي وهنوار نه ڏي ته پوءِ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ڳالهائينداسين (زميندار وهنوار نه به ڏنو ته به غلام رسول ڇا ڪري سگهندو. غريبن واري رواج ۾ ماڻهو ڌيءَ ۽ ڀيڻ ڏئي پاڻ گروي ٿي ويندا آهن)
نسرين فون تي ٻڌايو ته ننڍڙي رباب جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، کيس بخار به آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف پئي ٿئي. ڇاتي بند ٿي وئي اٿس. اڄ ٻنپهرن جو امان ۽ ٻه ڀيڻون ملڻ آيون. ماني به پاڻ سان کڻي آيون. امان ته سدائين نصيحتون ڪندي آهي پر اڄ ساڻس گڏ ٻه ڀينرون ساٿ ڏئي رهيون هيون. امان پئي چيو ته ”ٻار تمام گهڻا پريشان آهي، ڪافي ڪمزور به ٿي ويا آهن، سندن کاڌي پيتي جو بهتر بندوبست ڪونهي. ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻن جي تعليم جي سلسلي ۾ به پريشاني آهي. ٻيا به گهر جا گهڻا مسئلا آهن جن کي توکي منهن ڏيڻو آهي. توکي ئي حل ڪرڻا آهن. تون اچي جيل ۾ ويهي رهيو آهين، بس هاڻ گهڻو ٿيو، هاڻ ٻاهر اچ!“ امان پريشان هوندي آهي ته چوندي آهي ته سياست وڃي کڏ ۾ پئي، توکي سياست لاءِ ڪو نه ڄڻيوسين... پر وري ٿورو آرام ملندو اٿس ته ڀٽي صاحب ۽ سندس گهر وارن کي ياد ڪندي ۽ روئيندي آهي. انهيءَ مهل سنڌين جا سور به کيس ستائيندا آهن چوندي ته ”شل باهه لڳين، شل رلي مرن، سنڌين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو اٿن. ڀٽي ويچاري جو سڄو گهر ويران ڪري ڇڏيو اٿن.“ ضياءَ ۽ مهاجرن تي جٺيون جام ڪندي آهي. امان شام تائين ويٺي رهي. ڪافي دير ڳالهيون ٿيون. وانگيئڙن تي ٿيندڙ ويلن جو ذڪر ٻڌي ڪجهه ٿڌي ٿي ۽ ڪچهري ڪندي ڪجهه پريشانيون به گهٽيون ته دعائون ڏيندي گهر رواني ٿي، ”ابا جڳ جهان جا پٽ جڙيا هوندا تن سان گڏ تون به چڱو ڀلو هجين، ابا امام مصيبتون معاف ڪندو، شل سور سجايا ٿينوَ.“
امان ته ويئي هلي پر گهڙيءَ لاءِ پورن ۾ وجهي ويئي. امان کي ڪيئن ٻڌايان ته جي جهانن سان جيئڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آهن تن کي پنهنجا سور ڏک ياد نه پوندا آهن، جيڪي سامائڻ سان ئي ويڙهيچن سان وچن ڪري ويهندا آهن تن لاءِ پاڻ پسڻ ڏکيو هوندو آهي.
رات جو پرائيويٽ وارڊ ۾ عباسي صاحب ۽ شفقت شاهه سان ملڻ ويس. عباسي صاحب ٻڌايو ته بي بي سي تان خبر نشر ٿي آهي ته ”پ پ جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل فاروق لغاري استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.“ فاروق لغاري صاحب جي پاليسي به سمجهه ۾ ڪو نه ٿي اچي. جتوئي صاحب ولايت مان موٽڻ شرط تحريڪ جي آغاز جو اعلان ڪيو ته فاروق لغاري وري پنجاب جي ڪارڪنن کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ لاءِ هدايتون ڪيون. سندس ڪارڪردگي تحريڪ جي دوران به ڪا ذڪر جوڳي ڪا نه رهي، هاڻ وري اوچتو استعيفيٰ.
”تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان؟“