بلوچ قوم پرستن جون جيل ياترائون
صبح جو ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. اٽڪل 11 وڳي ڌاري سامان کڻي ”اي“ ڪلاس ۾ منير وٽ آيس. دل ته ڪو نه ٿي چيو ته عالم شاهه ۽ ٻين دوستن کي بئرڪ ۾ ڇڏي اچان پر منير ۽ عالم شاهه جي چوڻ تي لاچار هتي آيس. ٻنپهرن جو ڪمري ۾ ستو پيو هوس ته چاچو سيف الدين پنهور آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته سندس رهائي جو آرڊر اچي ويو آهي، موڪلائڻ لاءِ آيو آهيان. گڏجي بئرڪ وياسين، اتي خبر پئي ته ٽنڊي الهيار جي ٽن دوستن جي آزادي جا آرڊر به آيا آهن، انهن ۾ هڪڙو بزرگ جيڪو ذات جو لنڊ هو، تنهن جي عمر اٽڪل 80 سال کن ٿيندي ۽ ٻيو به بزرگ هو، جيڪو ذات جو جروار هو ۽ دوست عثمان جروار جو سهرو هو. دوستن ٻڌايو ته هن بزرگ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي هاري تحريڪ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو هو. هي بزرگ هن وقت جوش جذبي ۾ مست لڳو ٿي وتو. سلام آهي هنن پيرسن ساٿين کي جن قوم کي پنهنجي حال سارو ساٿ ڏنو. عمر ته خان صاحب، چاچي سيف ۽ هنن بزرگن دادو ۽ حيدرآباد جي ٻين ڪافي بزرگ ساٿين جي گهر ۾ آرام ڪرڻ جي آهي پر
بندر جان ڀئي، ته سکاڻئا م سمهو
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
واري لطيف سائين جي صلاح تي عمل ڪندي اچي جيل نڪتا آهن، دوستن کي ڏاڍي جوش خروش سان رخصت ڪيو ويو. چاچي سيف سان ته دوست ڏاڍي پيار ۽ احترام سان پي مليا. سندس وڃڻ کان پوءِ ڪافي دير تائين سندس تعريف ٿيندي رهي، چاچو سيف هو به تعريف جي لائق. چاچي جي متعلق دادوءَ جي دوستن ٻڌايو ته ايم آر ڊي تحريڪ جي شروع وارن ڏينهن ۾ چاچي روپوش رهي تحريڪ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو ۽ سندس نياڻي رشيده پنهور به تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو ورتو،اها به ڪراچي جيل ۾ قيد هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رها ٿي آهي.
شام جو عالم شاهه سان گڏجي اسپتال ويس. اتي اقبال جروار، عثمان ۽ بخشل قمبراڻي سان ڪچهري ڪري 8 وڳي ڌاري ”اي“ ڪلاس موٽيس. 9 وڳي ڌاري بند ڪيائون. سليم گاکڙو اڄ اسان وٽ رهيو، (سليم گاکڙي جو پيءُ چوڌري غلام قادر گاکڙو، پ پ بدين جو باني ميمبر ۽ اهم اڳواڻ هو، سليم ٻڌايو ته سندس والد سڀاش چندر بوس سان گڏ ڪم ڪيو هو“. چوڌري صاحب وڏو جوشيلو مقرر هو، کيس مير جي باغ تي پ پ جي جلسن ۾ تقرير ڪندي ٻڌو هئم) جنهن ڪمري ۾ ترسيا پيا آهيون، تنهن ڪمري ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ حيدرآباد سازش ڪيس دوران بلوچ رهنما عطاءُ الله مينگل رهندو هو. هن ڪمري جي پاسي ۾ هن جيترو ئي ٻيو ڪمرو آهي، جنهن ۾ عبدالولي خان رهندو هو ۽ هينئر ان ۾ ظهور عالم رند ۽ فدا حسين ڏيرو رهيل آهن. جنهن ڪمري ۾ نبي بخش ڀرڳڙي ۽ صفر لغاري رهيا آهن، تنهن ۾ غوث بخش بزنجو رهندو هو. پاسي ۾ ننڍي کولي آهي، جنهن ۾ نواب خير بخش مري رهندو هو. ان ڪمري ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين عاشق جتوئي ۽ يوسف ٽالپر رهندا هئا ۽ هينئر خالد گهلو ۽ محمد علي ڀرڳڙي رهندا آهن ۽ هن وارڊ جي وچ ۾ پراڻي ريسٽ هائوس جهڙي ڪنگرين واري عمارت آهي ۽ هن عمارت جي چوگرد، انب، نم، ٽالهي ۽ ٻيا ڪيترائي وڻ ۽ نازبونءِ، گينڊي ۽ مينديءَ جا ڪيترائي ٻوٽا بيٺل آهن. اهو وارڊ ”وليد خان وارن جو وارڊ“ طور مشهور آهي. حيدرآباد سازش ڪيس دوران هن سڄي عمارت ۾ قالين وڇايل هئا. جمعدار بشير ٻڌايو ته انهن قالينن جي ڌڄ ۾ اسان جا پير به لڪي ويندا هئا. عمارت جي چئن ڪمرن ۾ ايئرڪنڊيشنر لڳل هئا. ڪمرن جا باٿ روم به ڪنهن عاليشان بنگلي جي باٿ رومز کان گهٽ ڪونهن. منجهن ڪموڊ ۽ ڊبليوسي لڳل آهن. باٿ روم ۾ پنکا ۽ ٽيوب لائٽس لڳل آهي. اسٽاف ٻڌايو ته اهي رهنما پنهنجن ڪمرن مان گهٽ ٻاهر نڪرندا هئا. ان وقت جي اسٽاف ۽ قيدين ۾ سڀني کان وڌيڪ نواب خير بخش مري جي تعريف هئي. نواب صاحب ڪڪڙن جو شوقين هو، هتي وارڊ ۾ به ڪڪڙ پاليندو ۽ ويڙهائيندو هو. ان وقت جا همراهه نواب صاحب جي سادگيءَ کان ڏاڍو متاثر هئا. ٻڌايائون ته نواب صاحب پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئيندو هو ۽ پنهنجي ڪمري جي ٻهاري به پاڻ ڪڍندو هو.
حيدرآباد سازش ڪيس جا سمورا قيدي ٽن وارڊن ۾ رهندا هئا. ”اي“ ڪلاس جي پاسي ۾ ڪورٽ وارڊ آهي، جنهن ۾ سندن ڪيس هلندو هو ۽ ان جي پاسي ۾ ”بي“ ڪلاس آهي، جنهن جي اٺن ڪمرن ۾ قالين وڇايل هئا. ڪمرن جي سامهون واري بئرڪ ۾ ڊائننگ هال ٺاهيو ويو هو، ان ۾ ڊائننگ ٽيبل ۽ ڪرسين جو بندوبست ڪيل هو. بئرڪ جي ديوارن تي وڏيون خوبصورت تصويرون لٽڪايون ويون هيون، ان بئرڪ جي ڇت سان لٽڪيل تمام گهڻيون ٽيوب لائٽون اڃا به ٽنگيون پيون آهن. انهن رهنمائن جي ملاقات لاءِ به ڪمري کي بهترين ڊرائنگ روم وارو ڏيک ڏنو ويو هو. بشير ٻڌايو ته جنرل ضياءَ ولي خان وارن سان ڊپٽي جي آفيس ۾ ويهي ملاقات ڪئي هئي. اها ملاقات اٽڪل ڪلاڪ کن هلي هئي. نواب خير بخش مري ضياءَ سان ملڻ ڪو نه آيو هو.
نواب خير بخش خان ۽ بلوچ رهنمائن جو رويو به جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ضياءَ ۽ شهيد ڀٽي جي معاملي ۾ ولي خان کان مختلف هو. بلوچن، شهيد جي کليل حمايت ڪا نه ڪئي پر ضياءَ جي حاضري به ڪا نه ڀري، جڏهن ته ولي خان ضياءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. چئي ”ڀٽو ماريو اٿوَ ته ڀٽو ازم ختم ڪريو. ”چونڊون نه ڪرايو احتساب ڪريو.“ سچ پچ ته ڀٽي صاحب جي سياست جيئري توڙي مُئي وڏا بت ڊاهي وڌا آهن، جيڪي پاڻ کي اصول پرست ۽ انقلاب جا هماليه سڏائيندڙ هئا، سي ڊهي ڀورا ڀورا ٿي پيا آهن، جن لاءِ پاڪستان حرام هو سي لياقت علي، چوڌري محمد علي ۽ چوڌري خليق الزمان کان وڏا پاڪستاني ٿي پيا آهن، جن کي اسلام جو الف ڪو نه ٿي وڻيو، جن مجبوري ۾ ڄمندي ٻانگ ٻڌي هئي سي به وڏا مولوي ۽ ديندار بڻجي اسلامي حاڪميت لاءِ آتا ٿي پيا آهن، جن جا ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ڏسڻ سان نڪاح ٿي ٽٽي پيا سي انهن انقلابين جا سڳا سؤٽ ٿي پيا. تفصيل ۾ ڪو نه ٿا وڃون، بس ڏٺوسون پئي ته ڀٽي صاحب کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ لاءِ، عوام کي وري وڏيرا شاهي جي غلامي ۾ ڏيڻ لاءِ، عوام جي محبوب رهنما کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ ڪير ڪير اچي گڏ ٿيا هئا. اوڀر اولهه کي ٿي ڀاڪر پاتا، زمين آسمان کي پئي چميون ڏنيون. سازشين جي سازش ته ڪامياب ٿي پر وقت ثابت ڪيو ته ڀٽي صاحب پنهنجي جيئري به عوام دشمن مخالفن کي شڪستن مٿان شڪستون ڏنيون ۽ ڀٽي صاحب مانَ وارو موت قبولي به پنهنجي مخالفن کي سياسي موت ڏئي ڇڏيو.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جئا.
هن وارڊ ۾ پهريون دفعو شيرين سومرو ڪيس دوران آيو هوس. سٽي لاڪ اپ ۾ 14 ڏينهن رهڻ کان پوءِ ساغر سميجي، اقبال نظاماڻي، عاقل ۽ مون کي سينٽرل جيل اماڻيائون ته هن وارڊ ۾ رکيائون. پهريان ٽي ڏينهن اسان کي کوليءَ ۾ رکيائون. کولي بنهه ننڍي هئي، هن ۾ باٿ روم وغيره جي ڪا به سهولت ڪا نه هئي، هڪڙي ڪناري ۾ ننڍي پاٽ (ٺڪر جي پليٽ) پئي هئي . شڪر ٿيو جو ان کوليءَ ۾ رهڻ دوران بند ٿيڻ کان پوءِ نه ڪنهن دوست تي پيتل پاڻي جو زور پيو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو وٽ پيو، نه ته اڱڻ ٻهاري ٿڪجي پئون ها پر اڱڻ صاف ڪو نه ٿين ها ۽ پوءِ سڄو جيل سياسي مڙسن مٿان سال کلون ڪري ها. جيل ۾ لڱائي چڱائي لڪي به ڪو نه ۽ سندس تذڪرو ٿئي به سال. چاچي شاهنواز خان ٻڌايو ته 1977ع جي پي اين اي جي تحريڪ دوران ڀٽي صاحب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مني مارشل لا جو اعلان ڪيو ته پي اين اي جي هڪڙي مشهور اخباري شهري اڳواڻ جي پتلون خراب ٿي پئي ۽ پوءِ برداشي اها پتلون راڄن کي ڏيکاري سياسي ماڻهن تان جٺيون ٿي ڪيون. اسان واري سنگت کي ان ٽڪي کان الله کڻي بچايو ۽ کوليءَ مان پت بچائي نڪتاسين.
هن وارڊ ۾ آياسين ته ملاقات تي مڪمل بندش هئي. ٻاهران ته ٺهيو پر جيل جو به ڪو ماڻهو سواءِ ڀتي ڏيڻ واري قيدي ۽ ڊيوٽي واري سپاهي جي، هن وارڊ ڏي ڪو نه ايندو هو. اقبال نظاماڻي ڀتي ڏيڻ واري سان ڳالهائي ڳالهائڻ جي سڌ پوري ڪندو هو، اڪثر ڀتي واري سان اقبال ساڳيا جملا ئي ورجائي ڳالهه ڪندو هو ته ”اوهين ڪهڙي وارڊ ۽ ڪهڙي بئرڪ ۾ ٿا رهو، ڪٿي ڪٿي ڀتو ڏيڻ ويندا آهيو“ ۽ پوءِ اتي جي مڙس ماڻهو يعني نالي واري قيديءَ جو نالو پڇندو ۽ چوندو ته ”ادا انهيءَ مڙس کي ٻڌائجو ته جساف جو اڳواڻ اقبال نظاماڻي آيو آهي. اوهان کي سلام ٿو چئي.“ ان وارڊ ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ابوبڪر زرداري ۽ غازي صلاح الدين جيڪي ساڳئي ڪيس ۾ اسان کان اڳ سٽي لاڪ اپ مان هيڏي آيا سي به اسپيشل وارڊ مان اسان ڏي موڪليا ويا. بعد ۾ سميع مڱرئي کي به گرفتار ڪري اسان ڏي وارڊ ۾ موڪليئون. اهڙي طرح اسين سڀئي هڪڙي جانچ انڪوائري ڪيس وارا سڀئي گڏجي وياسين. غازي، ساغر ۽ آءٌ نواب مريءَ واري ڪمري ۾ هئاسين (اسان لاءِ ڪمرا کوليا ويا ته سڀني ڪمرا پسند تي ورتا. اسان کي وري مري صاحب پسند هو ان وارو ڪمرو ورتوسين). سميع مڱرئي، ڀائو ابوبڪر، اقبال ۽ عاقل بزنجي صاحب وارو ڪمرو ورتو (ڀائو ابوبڪر، اقبال ۽ سميع سائين شاهه محمد شاهه وارن جو گروپ هئا ۽ اهي بزنجي صاحب سان هئا). خدا حياتي ڏي اقبال نظاماڻيءَ کي سڄو ڏينهن مزو لڳو پيو هوندو هو. سندس خبرون، وڏا مخصوص ٽهڪ ”آ پيارا ڊي ايس پي نر لڳا پيا آهيون، واندا ئي واندا“ جا نعرا (اهو نعرو اقبال هر ماڻهو سان مخاطب ٿيڻ مهل وڏي هڪل سان ضرور هڻندو هو). عاقل سان چرچا، اقبال جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن. غريب جو ٻار هر وقت اکيون ڳاڙهيون، مستن وانگر هر وقت مست هو، ڪير اچي نه اچي هن جي ڀتي واري سان ڪچهري ٿي ويندي هئي. سوير تيار ٿيو وارڊ ۾ پيو ٽيلارا ڏيندو هو.
هلڻ مهل سندس ٻئي ٻانهون جسم کان ميل کن پري پيون لڏنديون هيون. ڪجهه وقت اڳ سنڌ جا وڏيرا ۽ مڙس ماڻهو اهڙي هلڻي هلندا هئا، انهيءَ لوڏ مان پڌرو هوندو هو ڀلا ڪو مڙس پيو اچي! هاڻ ته وقت سان هلڻ به ڦري ويو آهي، وڏيرا ننڍيرا، سڀ ٽيڊي قدم پيا کڻن. گهٽ ۾ گهٽ هلڻ مان ته زناني مرداني ۾ فرق ختم ٿي ويو آهي، سو اقبال کي ڳڻتيءَ ۾ ڪو نه ڏٺوسين، سواءِ هڪڙي موقعي جي. نوان نوان وارڊ ۾ آيا هئاسين، عاقل نماز پڙهندو هو صبح جو تلاوت به ڪندو هو ۽ ڏينهن جو گهڻو وقت عمارت جي پويان ڪيلن جهڙن ٻوٽن ۾ پلٿي هڻي لڪي تسبيح پڙهندو هو. اقبال کي به اچي شوق ٿيو يا خطرناڪ ڪيس جو خوف! عاقل کي چيائين ته گڏجي نماز پڙهنداسين ۽ قرآن به. درستي تون ڪرائجان. صبح جو اقبال سوير اٿيو ۽ ڪلام الله جي تلاوت ڪرڻ لڳو، شايد ياسين سڳوري ٿي پڙهيائين. شيخ اياز جي وائين واري سر ۾ بلند آواز ۾ تلاوت ڪرڻ لڳو. سڀئي جاڳي پياسين پر سڀڪو چادر مٿان ڪيو پيو هو. شايد سڀئي اقبال جي تلاوت ٻڌي رهيا هئا. اوچتو اقبال هڪڙي لفظ تي منجهي پيو، وري واپس کان زور سان پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ ان لفظ تي اچي وري ماٺ ٿي ويو، وري واپس کان پڙهيائين ۽ وري ان لفظ تي اچي ماٺ ٿي ويو. سڀئي دوست کل ۾ ٻڏي ويا پر ”توهين قرآن“ جي ڊپ کان يڪدم عاقل کي اٿاريوسين، تنهن اٿي درستي ڪرائي ۽ اقبال اڳتي پڙهيو، فجر به پڙهيائين. مغرب تائين نمازون پڙهي بند ٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ اقبال جون رڙيون ٻڌڻ ۾آيون. اسين اڄ ڌار بند ٿيا هئاسين، سو اقبال کي ڏسي ڪو نه سگهياسين پر سندس ڳالهه ٻڌي سين، هڪلون ڪري چيائين، ”او پيارا غازي، مولابخش، ساغر مون کي الائي ڪيڏانهن وٺيو پيا وڃن، صبح جو اخبارن ۽ بي بي سي وارن کي ٻڌائجو وغيره وغيره“ صبح جو ٻاهر نڪتاسين ته پڇا ڪئي سون، خبر پئي ته اقبال کي پڇا ڳاڇا لاءِ ڏاڍا مڙس کڻي ويا آهن. ٻن ڏينهن کان پوءِ وريو، ڏاڍو منڌل هو. ٻڌايائين ته ”سميع مڱريو گرفتار ٿيو آهي، اهو به اتي هو. پهرين مون (اقبال) کي هڪڙي ٽيبل جي هيٺان لڪائي ڪمري ۾ سميع کي وٺي آيا، تنهن کان اقبالي بيان ورتائون ۽ منهنجو به پڇيائون، تنهن ٻڌايو ته اقبال نظاماڻي به گڏ هو، پوءِ سميع کي ڪمري مان وٺي ويا. ڏاڍي مار ڏني اٿن لڱ لڱ پيو سور ڪري.“ سندس قصو ٻڌي سڀئي دوست ڏکيرا هئا. اقبال ڳالهه ٻڌائيندي سوچ ۾ ٻڏي ويو. سنگت چيس ته هاڻي خير ٿيندو، گهٻراءِ نه، هاڻ ڪو نه وٺي ويندا، آيا ته وڙهنداسين. اسان کيس دلاسا ڏيڻ لڳاسين ته چيائين ”گهٻراهٽ ۽ پريشاني مار جي ڪو نه اٿم پر خفو ان جو اٿم ته انهن کي اهو ڪنهن ٻڌايو ته مون نماز شروع ڪئي آهي.“ اها ڳالهه جنهن انداز ۾ اقبال ڪئي سنگت کي کل اچي وئي. اقبال به وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته ”مون کي اهو به چيائون ته.... جيل ۾ نماز ڀي شروع ڪر دي هي.“ (ڪاش اها سڄي ٻولي لکي سگهان جيڪا اقبال ڳالهائي رهيو هو)
ان واقعي کان پوءِ اقبال ٻه ٽي ڏينهن منڌل هو، باقي هر وقت اکيون ڳاڙهيون. ان واقعي کان پوءِ اقبال جو نماز تان ارواهه ئي کڄي ويو، چئي پهرين ڏينهن هي حال ڪيو اٿس، اڳتي پڙهيم ته ڀانيان ٿو سر ويندو.“ واقعي جي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ عاقل آڌي رات جو اٿيو، عاقل سمجهيو ته فجر ٿي وئي آهي، سو اقبال کي ننڊ مان جاڳائي پڇيائين ته فجر جو وقت ٿي ويو آهي ڇا؟. اقبال باهه مان ڏسندي ڪڇيو ڪو نه، رڳو ها چئي سمهي رهيو. عاقل نماز پڙهي ۽ وري سمهي رهيو پر اقبال کي ننڊ ڪو نه آئي تان جو فجر ٿي وئي ۽ ٻانگون آيون، اقبال اٿي رڙ ڪئي، ” عاقل نماز پڙهه، سمهي رهيو آهين، فجر جي ٻانگ هاڻي آئي اٿئي، وري نماز پڙهه ته خبر پوئي. اسان کي جاڳائي تون وري اشراف ننڊ ڪندين!“ ڏاڍو مزيدار وقت گذرندو هو، انهي سڄي رونق جو سهرو اقبال ۽ عاقل تي هو. عاقل ته جلد آزاد ٿي ويو پر اقبال جو ساٿ حيدرآباد کان سکر ۽ سکر جيل کان وري حيدرآباد تائين رهيو. عاقل به جيستائين گڏ هو تيسين ڏاڍو خوش مزاجي ۽ زندهه دلي جو مظاهرو ڪندو رهيو، توڻي جو ڪيڏي ڪيڏي مهل جيل جي خيال پريشان به پئي ڪيس. ان ۾ به عاقل جو ڏوهه ڪو نه هو، جو سندس تعلق مسلم ليگ سان هو ۽ انهيءَ ناطي ۾ مسلم ليگ جي بزرگن جي ڇڪ هئس ته ڪٿي مسلم ليگ، ڪٿي ماڻهن لاءِ جيل؟
هن وارڊ مان اسان کي بي ڪلاس موڪليو ويو. بي ڪلاس، اي ڪلاس جي ڀر واري ڪورٽ وارڊ جي پاسي ۾ آهي. بي ڪلاس ۾ اڳيئي، ايل ايم سي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ساٿي ميڙو مچايو ويٺا هئا. ڪي دوست اسپيشل وارڊ مان هن وارڊ ۾ وٺي آيا، ويهه پنجويهه ڄڻا هئا، اسين به اچي نڪتاسين، ڪمرا به ڀرجي ويا ته بئرڪ ۾ به ڪافي دوست رهڻ لڳا. هنن دوستن سان ڪافي ڏينهن مزيدار گذريا. هنن دوستن ۾ ڊاڪٽر نجيب صديقي جهڙو زندهه دل، ڏاهو، ۽ ڪامريڊ دوست به هو ته ظفر جماڻي ۽ اعجاز ٺارو شاهي جهڙا قربائتا دوست به هئا، اعجاز زبيري ۽ سائين حبيب الله شاهه ٽکڙائيءَ بنهه صبرائتا ساٿي هئا، مهراڻ يونيورسٽي جا منظور باجڪائي ۽ عزيز سومرو ته صفا يگانه هئا. سڄو ڏينهن مست، هڪلون پيون پونديون هئن، ٻيا سڀئي دوست به ڏاڍي همت، جوش ۽ صبر وارا هئا.
ظفر سڄو ڏينهن چاڪ چوبند لڳو پيو هوندو هو، ڳوٺان آيل خوراڪون پيو کائيندو هو. بيڊ منٽن ۽ ڪيرم بورڊ راند سٺي ڪندو هو، سندس سٺي طبيعت ڪري سڀئي کيس پسند ڪندا هئا. اعجاز ٺارو شاهي به پيارو دوست هو، ڏاڍو جذباتي هوندو هو، آواز به سٺو هوندو هئس، انڊين گانا ڏاڍا سٺا ٻڌائيندو هو. ڊاڪٽر نجيب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، چرچن ڀوڳن جي موڊ ۾ هجي ته سڄي سنگت کي کلايو پاڻ به پيو ٽهڪ ڏيندو هو. سنجيده ٿئي ۽ سياسي، سائنسي ۽ ٻين علمي معلوماتي موضوعن تي ڳالهائي ته سڄي سنگت کي ماٺ لڳيو وڃي، سڀئي ويٺا غور سان کيس ٻڌن. سندس کلڻي ملڻي طبيعت کيس سڀني دوستن جو محبوب بنائي ڇڏيو هو. نجيب سان دوستن جي پيار جو وڏو ثبوت نجيب جي سالگرهه هئي. دوستن اها سالگرهه وڏي جوش ۽جذبي سان ملهائي، اجرڪن جو شاميانو ٺاهيو ويو، ڪيڪ گهرايو ويو، شمعون ٻاريون ويون. وارڊ مان گل پٽي، سئي ڌاڳي سان هار ٺاهيا ويا. راڳ جي محفل ٿي. هو جمالو تي سڀني دوستن جهمر وڌي. سالگره ۾ جيل جا ڊاڪٽر، جيلر ۽ ٻيو اسٽاف به شريڪ ٿيو.
هن وارڊ ۾ اي ڪلاس کان وڌيڪ سٺو وقت گذريو، جو هتي دوست ڪافي هئا. ڪچهريون به جام ٿينديون هيون ته راڳ جون محفلون به صبح شام. هنن محفلن ۾ غازي، اعجاز ٺارو شاهي، ساغر سميجو ۽ نجيب حصو وٺندا هئا. غازي جو آواز به ڏاڍو سٺو هوندو هو، لتا جا گانا ڏاڍا سٺا ٻڌائيندو هو. دوست گهڻا هئا ته بحث مباحثا به هر وقت جاري هئا. بحث دوران اڪثر ڪري ساغر سميجو ۽ ڀائو ابوبڪر اٽڪي پوندا هئا. ساغر چوندو هو ته ”اسان کي طبقاتي جدوجهد ڪرڻ کپي، طبقاتي مسئلي جو حل ئي سمورن مسئلن جو حل آهي.“ ڀائو ابوبڪر هو جيئي سنڌ جو، تنهن کي طبقاتي واري ڳالهه اصل ڪو نه وڻندي هئي. سو چوندو هو ته ”طبقاتي نه پر قومي مسئلي جو حل ئي مسئلن جو حل آهي. سنڌ جو قومي استحصال ٿي رهيو آهي، تنهنڪري قومي جدوجهد ڪرڻ کپي.“ دنيا وڃي چنڊ تي قدم رکيا آهن اسان پنهنجي جند وهمن مان آزاد نه ڪرائي سگهيا آهيون. دنيا وڃي منزلون ماڻيون آهن .اسان اڃا سفر جو آغاز ئي نه ڪري سگهيا آهيون. بحث مان لڳندو ته ڄاڻ جهيڙو ٿيو پر ايئن ڪو نه ٿيندو هو. بحث کان پوءِ سڀ کير کنڊ، سڀئي گڏ هوندا هئاسين. هڪڙي ڳالهه انهن بحثن دوران صاف نظر ايندي هئي ته پ پ ۽ ڀٽي صاحب جي معاملي ۾ سڀئي هڪ جهڙا هئا يعني پاڻ ۾ گڏ هئا، فرق رڳو ايترو هو ته ڀٽي صاحب جي دشمني جي اظهار ۾ ڪي اٽڪل کان ڪم وٺندا هئا ۽ ڪي لاهي پائي بيهندا هئا.
بي ڪلاس ۾ ڪم ڪار لاءِ برداشتي مليل هئا. انهن برداشتين ۾ هڪڙو برداشتي ٽنگ کان منڊڪائيندو هو، جيل جا ڪپڙا ڪلهن ۽ پانچن کان ڦاٽل (جيل جا ڪپڙا گهڻو ڪري ڪلهن، ڪنڌ ۽ سٿون لانگن کان اڊڙي ويندا آهن) مٿي ۾ ٽوپي به جيل واري، هلندو ته ڪٻو ٿيو هلندو هو، پريان پيو ايندو ته ”هنچ بئڪ آف نوٽرڊرم“ واري انٿوني ڪوئن وارو ڏيک پيو ڏيندو. نالو ته الائي ڇا هئس پر ”چارلي“ سڏبو هو، ٻڌائيندو هو ته ٽنڊي سائينداد جي سرهندي پير صاحبن جو نوڪر آهي. سندس خبرون به عجيب هيون، قيدين تي تبصرا به واهه جا ڪندو هو. هڪ دفعي منڊڪائيندو، سڌو اسان وٽ اچي نڪتو، اسين اُس تي ويٺا هئاسين. ڪچهري ماٺ ٿي ويئي جو سڀني کي چارلي جي ڪنهن خبر ٻڌڻ جي پڪ هئي. چارلي کي هٿ ۾ پنو هو، سو کڻي مون کي ڏنائين، ڏٺم ته آيت الله خوميني جو اخباري فوٽو هو، اهو فوٽو انهن ڏينهن اخبارن ۾ جام شايع ٿيندو هو، جو ايران ۾ شهنشاهه رضا شاهه خلاف تحريڪ عروج تي هئي. چارلي چيو: ”سائين هي فوٽو ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته بابا خوميني رضا شاهه باشا کي کائي ويندو.“ اسان چيس ڪيئن؟ چيائين ”بابا خوميني جي نرڙ جا گهنج به اهو ئي پيا ٻڌائين.“ آيت الله خميني جي انهيءَ فوٽو ۾ آيت الله جو هٿ ڳل تي ۽ پاڻ وڏي سوچ ۾ هو. سندس نرڙ تي تمام گهڻا گهنج هئا. چارلي جي ڳالهه سچي ٿي، ماڻهو ظالم حاڪم خلاف اٿيا ۽ فاتح ٿيا. ماڻهو اٿندا آهن ته فوجون، ٽينڪون ۽ ڏاڍ جا قهري ڪوٽ راهه جي رڪاوٽ نه بڻجي سگهندا آهن. ماڻهو هر هنڌ فاتح ٿيا آهن سي ايران ۾ به فاتح ٿيا. عوام جو قائد آيو ته غاصبن ڀاڄ کاڌي رضا شاهه ته ڀڄي ويو پر سندس هٿ ٺوڪي حڪومت جيڪا عوام کي دوکي ڏيڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي سا به پل ۾ پوري ٿي ويئي. چارلي ولي ڪو نه هو. اها انقلاب جي خصوصيت آهي ته جڏهن انقلاب جو واءُ ورندو آهي ته ملڪ جا پوڙها پڪا، عورتون، ٻار، هوائون، فضائون وڻ ٽڻ انقلاب جي آمد جا اعلان ڪندي نظر ايندا آهن، عقل وارا ته عقل وارا پر چريا ۽ مجذوب به انقلاب جي خوشخبري ڏيندا آهن.
وارڊ ۾ ڏاڍو سٺو وقت پئي گذريو ته هڪ ڏينهن جمعدار علي شير سان جيڪو وارڊ جو عملدار هو، ڀائو ابوبڪر جي منهن ماري ٿي پيئي. علي شير لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته ڊپٽي جو دادلو عملدار آهي، تنهن وڃي ڊپٽي کي دانهن ڏني. ڊپٽي اسان کي گهرايو. ڀائو صورتحال ٻڌائي. ڊپٽي ٿورو اسان کي سمجهائي کلندي چيو ”ڪا ڳالهه ناهي آئينده خيال ڪجو.“ مون ڀائو کي چيو ته ”نواز ڊپٽي جي متعلق اها ڳالهه مشهور آهي ته ڪنهن مسئلي تي کلي ڳالهه ٽاري ڇڏي ۽ سختي بجاءِ نرمي ڪري بحث اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏي ته خير ڪونهي.“ بند ٿياسين، ماني پئي کاڌي سين ته ڀائو ابوبڪر، اقبال، سميع، غازي، ساغر ۽ منهنجو نالو زور سان پڪاريو ويو. سپاهين اچي چيو ته تيار ٿيو جيل بدلي آهي. تڪڙ ۾ ماني کائي ٽپڙ ٻڌاسين. سنگت کان موڪلائي وارڊ مان نڪري ماڙي ڏي وڃڻ لڳاسين ته، سپاهي چڪر جي در ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”ماڙي ڏي نه پر هيڏانهن هلو.“ چڪر ۾ داخل ٿياسين ته وري ڪاري چڪر ۾ وٺي هليا، تڏهن خبر پئي ته بند وارڊ پيا ڪن. اسان سڀني کي الڳ الڳ ڪمري ۾ بند ڪري ويا. وارڊ ۾ بجلي ڪو نه هئي پر جمعدار زوراب گل جنهن جو رويو اسان سان هميشه سٺو هو، سو ويندي ويندي لالٽين منهنجي ڪمري اڳيان رکيو ويو. ڪمري ۾ اوندهه هئي، پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ پلاسٽڪ جو گلاس در کان ٻاهر رکيل هو. ڪمري جو فرش سرن جي چونڪن مان ٻڌل هو ۽ چونڪا پراڻا هئا، تن جو وچ ته گسي ويو هو ۽ ڪنارا اڀا ٿي پيا هئا، سڄي رات انهن ڪنارن بت کي ڀڃي وڌو. صبح جو سوير ڀتي وارو آيو، ڪين جهڙي چانهه، پاپڙ جي اڌ جيتري ماني ڏئي ويو. هن وارڊ ۾ نه هجون ها ته جيڪر اها چانهه ڪنهن قيمت تي ڪو نه وٺون ها پر اڄ اسان تي ”سونٽي هجي ساڻ“ وارو پهاڪو ٺهڪي آيو. خبر ڪو نه هئي ته هاڻ الائي ڇا ڪندا ۽ ماني الائي ڪيڏي مهل نصيب ٿيندي. سو بک جي بلا کان بچڻ لاءِ وڏي شوق سان چانهه ماني کاڌم، ان مهل نه به کاوان ها ته گهڙي کان پوءِ ضرور کاوان ها جو بک ۾ بڇڙي شيءِ به وڻندي آهي.
ٿوري دير کان پوءِ سڀ سنگتي هوشيار ٿي ويا، هڪلون ڪري هڪٻئي کان حال احوال ورتاسين. سڀني پئي بت جي سور ۽ مڇرن جون دانهون ڪيون، رڳو ساغر، فرش وارن چونڪن کان بچي ويو جو وارڊ مان نڪرڻ مهل ڪنهن خدا جي ٻانهي سپاهي کيس صلاح ڏني ته ”سرڪاري گاديلو کنيو هل، جيل بدلي ڪونهي.“ 8 وڳي ڌاري جوابدار ڳاڙهي ٽوپي سان اچي نڪتو. جوابدار جيل ۾ ملائڪ وارو ڪم ڪندو آهي، قيدين جي سموري چرپر تي نظر رکي مالڪن کي مطلع پيو ڪندو آهي. جوابدار اسان کان اسان جا نالا ۽ ولديتون پڇيون. پڇيوسون ته ڇو پيا ٿا پڇو؟ ته معنيٰ خيز مسڪراهٽ سان چيائين ”ڄاڻ خبر پوندوَ ته ڇو پيا پڇون.“ ڀائو، جيل جو پراڻو واقف هو تنهن هڪل ڪري ٻڌايو ته ”بند وارڊ جون رسمون پوريون ڪندا.“ (بند وارڊ ۾ صبح شام قيدي کي سونٽن جو ذائقو ضرور وٺائيندا آهن، اهي ڌڪ گهڻو ڪري پيرن جي ترين تي هڻندا آهن. بند وارڊ ۾ قيديءَ جي شلوار مان اڳٺ ڪڍي ڇڏيندا آهن ته متان قيدي خودڪشي جي ڪوشش ڪري. بند وارڊ ۾ ڏنڊا ٻيڙي، آڙا ٻيڙي به هڻندا آهن ته قيديءَ جون ٻانهون اڀيون ڪري دروازي سان به ٻڌي ڇڏيندا آهن) نالا لکي ويا ته وري سپاهي ۽ مُقدم آيا، اچي تلاشي ورتائون، ٿيلهن ۽ ٽوڪرين کي مٿي ڪري اونڌو ڪيائون ته سڄو سامان اچي فرش تي پيو، آرسي، ڪولڊ ڪريم، دوا جي شيشي سڀ ڀورا ڀورا ٿي پيون. بليڊ، سيفٽي ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ ساڻ کڻي ويا.
اٽڪل ٻن ڪلاڪن جي موتمار انتظار کان پوءِ وڏيون هڪلون ٿيون، سمجهي وياسين ته جيل کاتي جو هٽلر، نورالاهي شيخ (جنهن کي قيدي ”قهرالاهي“ به چوندا آهن) ڄاڻ ڪنڌ ڌوڻيندو، نرڙ تي وار لٽڪائيندو اچي پهچندو. ٿيو به ايئن. سپرنٽينڊنٽ نورالاهي پنهنجي سموري اٽالي سان اچي نڪتو، اسان کان پڇندو ويو ته بي ڪلاس ڪنهنجو آهي؟ جن جو بي ڪلاس هو تن کي ٻاهر ڪڍيائين ۽ انهن کي اي ڪلاس موڪلڻ جو حڪم ڪيائين. باقي سميع مڱريي ۽ ڀائو ابوبڪر جن جو اڃا بي ڪلاس ڪو نه ٿيو هو تن لاءِ چيائين ته ”في الحال هن وارڊ ۾ رهندا باقي کين کولين ۾ بند ڪو نه ڪيو ويندو.“ اسان کي اي ڪلاس وٺي آيا. بخار به سڀني کي هو، ڊاڪٽر ۽ اخبارون گهرايون سين. اخبارون آيون ته خبر پئي ته سپريم ڪورٽ، پنجاب هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي ڀٽي صاحب ۽ ٻن ٻين کي سزاءِ موت جو حڪم ڏنو آهي. فيصلي سڄي سنگت کي اداس ڪري ڇڏيو. اي ڪلاس مان وري به بي ڪلاس موڪليا وياسين، اتي به دوست اداس ۽ مايوس هئا. ڪچهرين ۾ اڳوڻو مزو ڪو نه هو. ڪجهه ڏينهن هن وارڊ ۾ رهياسين ته هڪ رات وري اسان هڪڙي جاچ وارن کي سڏ ٿيو، هن دفعي سچي پچي جيل بدلي هئي. ٽپڙ ٻڌي دوستن کان موڪلايوسين. ظفر، نجيب، اعجاز ٺاروشاهي، اعجاز زبيدي ۽ پياري دوست حبيب الله شاهه کان موڪلائيندي دوستن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
سنگت کان موڪلائي ماڙيءَ مان ضروري لکپڙهه کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين ته پوليس واري گاڏي بيٺي هئي، چڙهياسين. ماين ۽ مردن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اوندهه هئي، يڪدم ته هڪٻئي کي نه سڃاڻي سگهياسين. جهٽ کن کان پوءِ خبر پئي ته آپا زرينه بلوچ ۽ سندس پٽ اسلم پرويز کي به گرفتار ڪيو سکر جيل وٺيو هلن. آپا زرينه بلوچ به ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندي هئي، سندس والد جو گهر صالح شاهه جي مسجد جي پويان هوندو هو. اسان جي راڄ ۾ به سندن اٿڻ ويهڻ هوندو هو، مائٽن کان ئي خبر پئي ته آپا زرينه بلوچ جو اصل نالو آمنه آهي، آپا زرينه جي ڀاءُ يوسف بلوچ جو آواز ڏاڍو پيارو هو. دادا غلام دستگير ٻڌايو ته لعل صاحب وارن جي جلسن ۾ يوسف بلوچ ڏاڍي پياري آواز ۽ انداز ۾ انقلابي گيت ٻڌائيندو هو.
گاڏي هلي، مينهن به تيز پوڻ لڳو، سيءُ به چوي اڄ نه پوان ڪڏهن پوان! گاڏيءَ جو منهن به اتر ڏي هو، گاڏي ۾ لڳل ڄاري مان ٿڌي هوا وڍيو ٿي ڇڏيو، هٿڪڙيون، جوڙي جوڙي کي لڳل هيون، جيئن تيئن ڪري هنڌن مان ڪمبل ڪڍياسين رات جو اٽڪل ٻين اڍائي وڳي جمالي پيٽرول پمپ مورو پهتاسين. هنڌن مان ٻيا به ڪمبل ڪڍي آپا زرينه بلوچ ۽ ان سان گڏ سپاهي عورتن کي ڏناسين. حيدرآباد کان موري، موري کان سکر ڪچهريون ڪندا، لطيفا ٻڌائيندا ۽ گيت ڳائيندا آياسين. ساغر ٿري گيت ٻڌايا پر غازي ۽ مون آپا زرينه جا ڳايل گيت ڳايا:
ڪانگ لنوي، ڪانگ لنوي، ڪانگ لنوي ٿو،
آءُ پرين ڪڻڪ ڪيا سنگ سنهرا،
کيت ٿيا کاڻ سچو سون ٻري ٿو.
آءُ پرين اُڀ مٿان آهي لڳهه لس،
ڄاڻ وٺو مينهن ڏنو وڄ وراڪو.
فجر جو چئين، پنجين جي وچ ڌاري سکر جيل پهتاسين ته مينهن اڃا وٺو پئي. ڊپٽي کي گهرايائون، ماڙي کلي، اسين اندر ٿياسين. سکر جيل جي نالي ۽ دٻدٻي جو سالن کان ٻڌندا آيا هئاسين. ذهنن تي اهو به اثر هو. هتي حيدرآباد کان وڌيڪ سختي ڏسڻ ۾ پئي آئي. هتي تلاشي مهل به حيدرآباد جي بند وارڊ وانگر ٿي ڪيائون. ٿيلها ڇٻا اونڌا، ته ڀڄڻ جهڙا ٽپڙ سڀ ڀڄي پيا. تلاشي دوران حيدرآباد مان آيل سپاهي عورتون ۽ مرد اداس پئي لڳا. سندن اکين ۽ چهرن مان اسان لاءِ محبت ۽ همدردي صاف ظاهر پئي ٿي.
تلاشي دوران، اسان جا سمورا ڪتاب کڻي هڪڙو سپاهي ڊپٽي جي آفيس ڏي ويو ته اسين به سڀ اوڏانهن وياسين. ڊپٽي چار پنج منڊيون پٿرن واريون چيچن ٻاچن ۾ وجهيو ويٺو هو. گهنجيل نرڙ تي نماز جو وڏو نشان هئس. اسان کي چيائين ”اوهين ڀلي وڃو، ڪتاب في الحال ڪو نه ملندا، ڪتابن جو معائنو ڪري پوءِ ڏينداسين.“ (جيلن ۾ چرس، آفيم ۽ هيروئن وڃي سگهي ٿي باقي ڪتاب ڪو نه وڃي سگهندا) آپا زرينه بلوچ شاهه جو رسالو کنيو ته ڊپٽي وري به روڪيندي چيس ته ” محترمه في الحال ڪتاب ڪو نه ملندا.“ آپا چيس ”جيل ۾ قرآن کڻي وڃڻ تي به بندش آهي ڇا؟“ آپا جي سوال تي ڊپٽي پريشان ٿي چيو ”نه نه، هتي قرآن ڪٿي آهي!“ آپا رسالو کڻندي چيو ”اسان جو شاهه جو رسالو سنڌي ۾ قرآن آهي.“ ڊپٽي وائڙو ٿي چيو ”معاف ڪجو ٻيا ڪتاب ڇڏي وڃو، پوءِ ڏينداسين. باقي پنهنجو رسالو ڀلي کڻي وڃو.“ اسان سڀني وٽ رسالا هئا سي کڻي آفيس مان نڪتاسين، جمعدار اسان کي ماڙيءَ مان وٺي هليو.
در ٽپي اندر ٿياسين ته کاٻي، ساڄي پڪا رستا پي ويا. آپا زرينه بلوچ کي کاٻي پاسي وٺي ويا، سمجهيوسين ته زنانو وارڊ ايڏانهن آهي پر اسين اڃا ٻه ٻيا لوهي دروازا اڪري اڳتي هلياسين. سامهون کاٻي پاسي، چئن ٿنڀن تي ننڍڙي اڏيل چبوتري جي پاسي ۾ لوهي در هو. اسان جي اڳيان جيل جو صوبيدار ننڍڙي اسٽڪ جيڪا اڪثر پوليس ۽ فوجي آفيسر کڻندا آهن، بغل ۾ وجهيو، چال ۾ ليفٽ رائيٽ ڪندو پئي هليو، سو انهي لوهي در ڏي مڙيو. لوهي در تي سپيريئر وارڊ لکيل هو. وارڊ ۾ گهڙياسين ته پياري اياز سومري (لاڙڪاڻي) جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌوسون. سنگت جي سڏن ۽ ڳالهائڻ مان سمجهيوسين ته هنن کي اسان جي اچڻ جي شايد خبر پئجي چڪي هئي. اياز جو آواز پهرين نمبر ڪمري مان پئي آيو. آءٌ، غازي صلاح الدين اوڏانهن وياسين، (ڀٽي صاحب کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري سکر جيل وٺي آيا هئا. سندس لاءِ پهريون ڪمرو (جنهن ۾ اياز هو) رکيو ويو هو، پر ڀٽو صاحب ان ڪمري ۾ ٿوري دير لاءِ به ڪو نه رهيو، رڳو ڪمري ۾ گهڙي ڪمرو ڏٺو هئائين. ڪمرو ٻين ڪمرن وانگر هو، رڳو پوئين ڀت ڀڃي باٿ روم ٺاهي ڪاٺ جو ڪموڊ رکيو ويو هو. انهيءَ ڀڳل ڀت تي ڳوڻ ٽنگي ويئي هئي. (ڀٽو صاحب سڄو ڏينهن ڪمرن جي سامهون بيٺل توت جي وڻ هيٺان ڪرسي تي ويٺو رهيو. رات جو کيس وٺي ويا). مينهن به پيو پوي ته سردي به سخت هئي. دوستن سيءُ کان بچڻ لاءِ کولين جي درن تي ڳوڻيون لٽڪائي ڇڏيون هيون. ٿوري دير ۾ سڀني دوستن کي کوليو ويو، هتي به ڪافي سنگت گڏ ٿيل هئي، وڏي سڪ مان هڪ ٻئي سان ملياسين، ڄڻ ورهين جا وڇڙيل مليا هجون. ڪجهه دير کان پوءِ ڌار ڌار ڪچهريون شروع ٿي ويون. هتي اڳئي موجود ساٿي ۽ مانوارا اڳواڻ ميڙو مچايو ويٺا هئا. انهن مانوارن ۾ عبدالله خان ورياهه، محترم عبدالسلام ٿهيم، ڪامريڊ عبدالرزاق سومرو (ٽنڊو آدم) سندس پٽ شاهنواز بابر، عبدالسلام ٿهيم جو ڀائٽيو عبدالستار ٿهيم، سپاف جو دوست اسد ابڙو، غفور نظاماڻي، عبداللطيف مڱريو ۽ مسعود ڀٽي به هو ته پارٽيءَ جا محترم ساٿي محمد سليمان سميجو، چاچا سيف الدين پنهور، منظور جمالي (لاڙڪاڻو) محمد صديق کوسو (جيڪب آباد) احمد بخش انصاري (جيڪب آباد) انور گوپانگ (قمبر) پير مختيار جان سرهندي ۽ ٻيا ڪجهه دوست به هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌ جي مشهور سياسي جوڙي محترم قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب اچي نڪتا ۽ ٿوري عرصي کان پوري وري حاجي منور علي عباسي (لاڙڪاڻو) ۽ لالا افضل (شهدادڪوٽ) جهڙا دوست به اچي مليا. قرب واريون ڪچهريون مچي ويون. غازي روم نمبر 1 جنهن ۾ اياز ۽ منظور جمالي رهيل هئا تنهن ۾ رهيو. (منظور جمالي تمام پيارو ۽ صبر وارو دوست هو، سڄو وقت کل ڀوڳ ۾ گذاريندو هو، ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي ته به وڏي صبر جو مظاهرو ڪيائين. ڀٽي صاحب جي شهادت جي ٻئي يا ٽئين ڏينهن سندس آزادي جو آرڊر آيو ته اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو، چئي ماڻهن کي ڇا چونداسين ته قائد وڃائي پوءِ آيا آهيون. ڏاڍو جذباتي ماحول ٿي ويو، کيس دوست زوري خاموش ڪرائي ماڙيءَ تي ڇڏي آيا. آءٌ ۽ ٻيا دوست انهن ڪمرن جي سامهون واري بئرڪ ۾ وڃي رهياسين، انهي بئرڪ ۾ ٿهيم صاحب، سومرو صاحب ۽ ٻيا دوست رهيل هئا. پهريان به ٽي ڏينهن ڀائو ابوبڪر ۽ سميع مڱريو اسان کان اڪيلا رهيا پر پوءِ ترت شنوائي تي حيدرآباد وياسين ته سمري ملٽري ڪورٽ هنن ٻنهي جو بي ڪلاس منظور ڪيو ته هي دوست به اسان سان گڏ اچي رهيا. سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي چار مهينا گذارياسين پر وقت ائين ٿي گذريو جو جيل جو احساس ئي ڪو نه ٿي ٿيو.
پير مختيار جان سرهندي ۽ يوسف ٽالپر صاحب جلد آزاد ٿي ويا ۽ انهن کان پوءِ عبدالله خان ۽ عبدالواحد بروهي صاحب به آزاد ٿي ويا. هنن دوستن جي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي وئي هئي، هر طرف ٽهڪ ئي ٽهڪ ٻڌبا هئا. محترم پليجي صاحب جي ڄاڻ مان ڀرپور، ٻوڙي ڇڏيندڙ ٻوليءَ واري ڪچهري ۾ ڪافي سٺو وقت گذرندو هو. قاضي محمد ڌامراهه جا چرچا ڀوڳ گذريل سياسي ۽ مجازي داستان به ڪچهرين جو روح هئا. قاضي صاحب سدائين سنگت کي کلائيندي ۽ کلندي ڏاڍو خوش پيو ٿيندو هو. مون کي انهيءَ گهڙي اڪثر ڪري 1968ع ڌاري ٿيل اهو مشاعرو جيڪو بسنت هال ۾ ٿيو هو، ڏاڍو ياد پوندو هو. انهيءَ مشاعري ۾ شيخ اياز ۽ ٻين قومي شاعرن سان گڏ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به پنهنجي شاعري ٻڌائي هئي. ڪامريڊ پنهنجو هڪ نظم جنهن جو نالو ته مون کي ياد ڪونهي پر سندس پهرين سٽ شايد هيئن هئي ته ”دادن ماءُ هيڏي آءُ!“ اهو نظم ٻڌي هال ۾ سمورا مرد ۽ عورتون کلي رهيون هيون. انهي مشاعري ۾ محترم ڪامريڊ جي گهر واري يعني ”دادن ماءُ“ به موجود هئي. جتوئي صاحب انهي مهل پنهنجي گهر واري کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”دادن ماءُ ڦڪي نه ٿي، تنهنجي ڳالهه تي جي سنڌي کلن ٿا ته آءٌ خوش ٿو ٿيان جو سنڌين کي کلندي ورهيه ٿي ويا آهن.“ ڪامريڊ جي انهيءَ ڳالهه کان پوءِ اڄ تائين جيڪو به پنهنجي پيار ڀرين ٻولين سان سنڌي مظلوم ماڻهن کي به خوشي ۽ سچائي وارا ٽهڪ ڏياري ٿو، مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. قاضي صاحب جهڙو نامور ۽ هر دلعزيز پارٽي اڳواڻ پنهنجا قصا ٻڌائي بلڪل ڦڪو ڪو نه ٿيندو آهي. اهي واقعا هوند ٻيو ڪو ماڻهو پاڻ پنهنجي واتان شايد ٻڌائي سگهي. انهيءَ سنگت ۾ محترم محمد صديق کوسي کي پارٽي ورڪرن ۾ بزرگ واري حيثيت حاصل هوندي هئي. کوسو صاحب بي انتها جذباتي ساٿي هو. پارٽي تي سڌي طرح ته ٺهيو پر اڻ سڌي طرح تنقيد تي به ناراض ٿي ويندو هو، چاهيندو هو ته ڪو ڀوڳ ۾ به پارٽي خلاف نه ڳالهائي. قائد عوام ۽ سندس خاندان جي تڪليفن جو تذڪرو ڪندي سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون. جيل ۾ سٺو ساٿي هو، دل جو صاف ۽ سچو،محبوبن وانگر محبت جا مينهن به وسائيندو هو ته پل ۾ رسي ويهڻ واري محبوباڻي پر به ڪندو هو. جيسين پرچائبو ڪو نه هوس ته ڳالهائڻ ته ٺهيو پر پاسي مان گذري وڃڻ مهل منهن به ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندو هو. صبح ٿيندي ئي بزرگ ساٿي تاش راند تي شروع ٿي ويندا هئا راند ۾ 2-3 ٽيمون هونديون هيون پر قاضي محمد بخش، چاچي سيف الدين واري ٽيم جي راند ۾ راند ڪندڙ، ڏسندڙ ۽ سندس هڪلون ٻڌندڙ سڀ پيا مزو وٺندا هئا. نوجوان سياسي ڪچهريون، مطالعو، ڪيرمئه شام جو بيڊ منٽن راند ڪندا هئا. نوجوان دوستن ۾ پيارو اياز هر وقت چاڪ چوبند، هر وقت اڇو اجرو، ڄڻ جيل ۾ به عشق ڪرڻ آيو هجي. بيڊمنٽن راند به سٺي ڪندو هو، چاچو سيف هر وقت اياز جي تعريف ڪندو هو. قاضي صاحب ۽ ٻيا دوست، چاچي سان چرچا ڪندا هئا. اياز جو رويو به سڀني سان سٺو هو ته سڀئي اياز سان به پيار ڪندا هئا.
محترم رسول بخش پليجي جي ڪوشش سان جيل ۾ لطيف ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جا جيل ۾ باقاعده ميمبر ڪيا ويا، ڪافي دوست ميمبر ٿيا. ڪجهه دوستن ميمبر ٿيڻ پسند نه ڪيو تن دوستن جي نظر ۾ جيل ۾ اهي خبرون اجايون هيون. سنگت جو باقاعده سيڪريٽري چونڊيو ويو جيڪو سنگت جي ڪارروائي هلائيندو هو، هر گڏجاڻي جي صدارت مختلف دوستن کان ڪرائي ويندي هئي. دوستن جي صلاح سان مون کي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، سنگت طرفان ميمبرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا شاهه جي رسالي مان بيت منتخب ڪري ڌار لکندي هئي. انهيءَ لاءِ ڪميٽيءَ جو ۽ ان جي صلاح سان بيت منتخب ڪرڻ جي ڪارروائي ۾ به ڏاڍو لطف ايندو هو، هڪڙو بيت شاهه جو، ٻيو پليجي صاحب جي شرح ڪرڻ... سبحان الله، ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان ڪميٽيءَ ۾ پليجو صاحب، ڀائو ابوبڪر، عبدالله ورياهه، ساغر سميجو، ڪجهه ڏينهن اسد ابڙو ۽ آءٌ هئاسين، سنگت جي ان مزيدار ڪارروائي مان لطف نڪري ويو جڏهن رسول بخش پليجو آزاد ٿي ويو.
اهي ڏينهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس جا سپريم ڪورٽ ۾ آخري ڏينهن هئا. ڪچهريءَ ۾ اهو به خاص موضوع هو. بي بي سي روز ٻڌبي هئي. ڪيس ختم ٿيو. سپريم ڪورٽ ٻيهر هاءِ ڪورٽ جي سزا بحال ڪئي. رحم جي اپيل جا ڏينهن گذري ويا، پارٽي سڳوري خاموش هئي. سينٽرل ڪميٽي جا اجلاس جاري هئا. بي بي سي ٻڌايو ته ”سينٽرل ڪاميٽي پنهنجي اجلاس کان پوءِ پنهنجي چيئرمين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي بک هڙتال ختم ڪري ماني کائي ۽ شيو ڪري.“ ( واهه اسان جي سينٽرل ڪميٽي، اها به سندس ڪمال مهرباني هئي جو ڪُڇي ته سهي) وري به هڪڙو اجلاس ٿيو، شايد اهو آخري اجلاس هو. انهيءَ جي متعلق بي بي سي ٻڌايو ته ”ڀٽي صاحب جي رحم جي درخواست جو مدو پورو ٿي ويو ۽ شايد کيس هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڦاسي ڏني وڃي. اسان جو نمائندو اجلاس کان پوءِ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائڻ لاءِ اجلاس واري هنڌ پهتو پر کيس ڪو به ميمبر ڪو نه مليو، خبر نه آهي ته اهي فيصلو ڪري گم ٿي ويا آهن.“ ڪجهه ڏينهن اڳ دوست شنوائي تي هاءِ ڪورٽ ويا هئا ته پارٽيءَ جي اهم رهنما جيڪو پاڻ کي ڀٽي صاحب جو جانشين سمجهندو هو، محترم عبدالحفيظ پيرزادو، دوستن کي گڏيو، چيائين ته ”پرواهه نه ڪريو جلد ڀٽو عوام سان اچي ملندو.“ اهڙو بيان جتوئي صاحب جو به وڏي سرخيءَ سان شايع ٿيو هو ته ”چيئرمين ڀٽو جلد عوام وٽ ايندو.“ پيرزادي صاحب چيو ته منهنجي داخل ڪيل پٽيشن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويندو، انهن ڏينهن عبدالحفيظ پيرزادي صاحب هاءِ ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي تقرري خلاف پٽيشن داخل ڪئي هئي. پيرزادي صاحب جي اها پٽيشن هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلا ڏيڻ کان پوءِ داخل ڪئي وئي هئي. قانون جا ڪتاب اسان لاءِ ته مونجهارو آهن پر قانون دان انهن ڪتابن کي ڄاڻين ٿا، انهن ڪتابن جي هر اکر جي هر وڪيل پنهنجي معنيٰ ڪڍندو آهي. قانون دان وار جي کل لاهڻ ڄاڻي ۽ اها به عبدالحفيظ پيرزادو صاحب، جيڪو ملڪ جو مڃيل قانون دان آهي، سو ته پٽيشن مان پر اميد هو ۽ ماڻهن کي به پڪ ڏياري رهيو آهي ته ڀٽو صاحب جلد آزاد ٿيندو پر هتي جيل ۾ ڪنهن به ساٿي مختيار ڪار وٽ ڊي سي خلاف دانهن تي انصاف ٿيڻ جي توقع ڪو نه پئي ڪئي. هر ساٿيءَ جي اها راءِ هئي ته مختيارڪار ، ڊي سي جي تقرريءَ کي غيرقانوني قرار نه ٿو ڏئي سگهي. قانون جي لحاظ کان پيرزادو صاحب صحيح هوندو پر وقت جي لحاظ کان جيل جا ساٿي صحيح ثابت ٿيا. هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته اسان کي هن رٽ جي ٻڌڻ جو اختيار ڪونهي ۽ ان سان گڏ پيرزادي صاحب جي حبس بيجا جي درخواست به خارج ڪئي وئي.
انهن ڏينهن سڀئي دوست اڪثر مايوس رهندا هئا. پر خبر ناهي ته ڇو پارٽيءَ سان وابسته هر ماڻهو کي يقين هو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڪو نه ڏيئي سگهندا. سمورو وقت اهو ئي موضوع هوندو هو. هڪ شام بي بي سي ٻڌايو ته ”حڪومت ڀٽي صاحب جي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي ڪجهه ڪاغذات هٿ ڪيا آهن.“ انهيءَ خبر کان پوءِ دوستن جي اها اميد اڃا به وڌي وئي ته هاڻ ڀٽي صاحب کي ڦاسي جي سزا نه ٿا ڏين، تنهنڪري ئي ڇاپو هڻي ڪاغذات هٿ ڪرڻ جو ناٽڪ رچائي ڪو ٻيو ڪوڙو ڪيس پيا ٺاهين.
4- اپريل جي نڀاڳي ڏينهن تي صبح جو سوير ئي سپرنٽنڊنٽ جيل رائونڊ تي آيو، اسان وٽ اچي ويٺو، خلاف معمول خاموش هو. چانهه پيئڻ کان به انڪار ڪيائين ۽ منڌل منڌل هو، رڳو ايترو پڇيائين ته ”اوهان وٽ ريڊيو آهي يا نه؟“ وري چيائين ته ”ناهي ته گهرائي وٺو.“ ايئن چئي خاموشيءَ سان اٿي هليو ويو. سپرنٽنڊنٽ کي خبر هئي ته اسان وٽ ريڊيو آهي پر جيل جي روايت کي قائم رکندي ڄاڻندي به اڻڄاڻ ٿي ڪري ڄڻ اسان کي چوڻ آيو هجي ته اڄ ريڊيو ضرور ٻڌجو. سڀئي دوست سپرنٽنڊنٽ جي رويي ۽ ڳالهه تي حيران هئا. سڀني جو پنهنجو پنهنجو تبصرو هو. 9 وڳي ڌاري ڀائو ابوبڪر زرداري تيز هلندو، بئرڪ مان نڪتو کولين ڏي پئي ويو ۽ ويندي ويندي چيائين ته ”بيڊ نيوز، ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي ڇڏيائون.“ سڄي وارڊ ۾ قهرام مچي ويو. دوست زارو قطارو روئي رهيا هئا، ڪي دوست ته بيحال ٿي ويا، کين کڻي سندن بسترن تي ليٽايو ويو. عام قيدي، سپاهي به روئي رهيا هئا. جيل جي ڀتين ۽ وڻن تي به ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو، هر طرف چپ هئي، ڄڻ وقت جي چرپر بيهي رهي هئي. 11 وڳي سنڌي خبرن ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي خبر نشر ڪئي وئي. انهيءَ ڏينهن کان سڀئي دوست اداس هئا، وارڊن مان ڄڻ خوشي موڪلائي وئي. ٽهڪ وسري ويا. هر ڪو پنهنجي منهن پيو هوندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد مان ڪجهه دوست بدلي ٿي فجر ڌاري سکر جيل جي سپيريئر وارڊ پهتا. انهن دوستن ۾ ٻيهر گرفتار ٿي آيل محترم رسول بخش پليجو، محمد خان سومرو، عبدالحميد ميمڻ (ٺٽو) حاجي محمد رحيم شورو (هوسڙي) ۽ ڪجهه سانگهڙ جا دوست شامل هئا. ساڻن ملياسين. وڏي بئرڪ ۾ ڪچهري دوران پليجي صاحب غازي ۽ مون کي چيو ته اياز جي وائي ٻڌايو، اسان وائي ٻڌائي. پليجي صاحب چيو ته ”انڌو اڀ انڌاري ڌرتي“ ٻڌايو. اسان اهو گيت پئي ٻڌايو ته پليجو صاحب روئندو اٿي ويو. اسان ان گيت کي اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏنو. آئون پليجي صاحب جي ڪمري ڏي ويس ته متان سندس طبيعت بگڙجي نه وڃي، وڃي ڏٺم ته پليجي صاحب جون اکيون گهڻي روئڻ جي ڪري ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ پليجو صاحب اکين کي پاڻي هڻي رهيو هو، مون ڏٺو ته اکين ۾ پاڻي اچي ويس ۽ روئندي چيائين ته ”چانڊيا صاحب ڀٽي صاحب، سان اسان جي به مائٽي هئي.“
وارڊ ۾ اڳي جهڙي رونق ته موٽي ڪا نه آئي پر نون دوستن جي اچڻ ڪري ڪچهريون وري شروع ٿي ويون. بحث مباحثا ۽ تبصرا وري جاري ٿي ويا. وارڊ ۾ اٽڪل 30-35 ڄڻا هئاسين. سڀئي دوست ماني گڏجي کائيندا هئاسين. مانيءَ جي بندوبست لاءِ منور علي عباسي صاحب کي فوڊ منسٽر مقرر ڪيو ويو، دوستن سان سندس رويو به بهتر هو ته ماني وارو انتظام به تمام سٺو ڪندو هو. سکر جيل ۾ چاچو سيف الدين به سڀني لاءِ احترام واري شخصيت هو، سڀئي ساڻس پيار ڪندا هئا. چاچو سيف، عمر ۾ پوڙهو ۽ سرگرمين ۾ ڦڙتيءَ وارو جوان هو. سڄي سنگت کيس ”مين آف دي جيل“ چوندي هئي.
نون آيل دوستن ۾ حاجي رحيم شورو اسان جو ورهين جو سنگتي آهي. اسان جي ٻاهر واري سڄي سنگت کيس ”وتايو فقير“ چوندي آهي. سندس خبرون ٻڌڻ جهڙيون آهن، ورلي ڪو سنجيده ٿيندو هوندو. جلسو، جلوس هجي يا گڏجاڻي، شادي جي دعوت هجي يا قضئي جو تڏو، سندس ڀر ۾ ويٺلن جون واڇون ٽڙيون پيون هونديون پر شرط اهو ته سائين حسين شاهه اتي موجود نه هجي، جو حاجن جي سائينءَ اڳيان دال ڪو نه ڳرندي آهي. باقي حسين شاهه ڪونهي ته حاجن ڪچهريءَ جو بادشاهه آهي. سندس حاضر جوابي، چرچي سان ڀرپور جواب ۽ تبصرو، سندس ڪهڙيون خبرون ڪجن. هڪ دفعي گول بلڊنگ وٽ ويٺا هئاسين ته اچي ولين ۽ بزرگن جو ذڪر نڪتو، ڪنهن دوست ڳالهين ۾ اچي قلندر شهباز جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪرامتون ٻڌايون. حاجن بزرگن کي مڙئي گهٽ مڃيندو آهي. درگاهن ۾ گهڻو ايمان ڪو نه اٿس، تنهن وري کل مذاق ۾ تبصرو ڪيو، تنهن تي قلندر سائينءَ وارو حمايتي دوست ناراض ٿي پيو ۽ جذباتي ٿي چوڻ لڳو ته ”ڪمال آهي تون قلندر کي ڪو نه ٿو مڃين!“ تنهن تي حاجن چيس ته ”توکي قلندر جي لڳي آهي. آئون ته خدا کي ئي سورن سان ٿو مڃان!“ اهو ٻڌي قلندر جو حمايتي به اچي کل ۾ پيو. حاجن شوري جي ڪار به حاجن شوري جهڙي آهي. سدائين پيو ڪم هلندو اٿس. ڪڏهن سيٽون پيو ٺهرائيندو ته ڪڏهن در ۽ شيشا پيو سيٽ ڪرائيندو، ڪڏهن رنگ پيو ٿيندو ته ڪڏهن انجڻ پئي کلندي ۽ لڳندي. گاڏيءَ جا دروازا بند ٿيندا ڪو نه ۽ جي بند ٿيا ته کلندا سورن سان. هڪ دفعي سنگت گاڏي مان ڪٿي لهڻي هئي ته ان وقت دروازو کليو ئي ڪو نه، اندران وٺي لتون هنيون سين پر در ڪو نه کليا، آخر هڪ همراهه کي چيوسين ته ٻاهران لاڪ ڇڪي کولي، آخر وڏي جدوجهد کان پوءِ در کليا، حاجن کي چيوسين ته ”هي خطرناڪ ڳالهه آهي، ڪنهن مهل ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو،“ حاجن شوري يڪدم جواب ڏنو ته ”انهيءَ ڪري هي ڪار رکي اٿم ته متان ڪو حادثو ٿي پوي، جي در بند هوندا ته گهٽ ۾ گهٽ لاش ته مائٽن کي سلامت ملندا!“ اسان جي هن وتائي فقير جون خبرون لکڻ ۽ ٻڌائڻ کان گهڻيون آهن. حاجن ۽ آئون گڏجي 1971ع ڌاري سپاف ۾ شامل ٿياسون. ڀٽي صاحب جڏهن سپاف کي ٻيهر منظم ڪيو ۽ روشن پنهور سپاف جو چيئرمن نامزد ٿيو ته حاجن ضلعي حيدرآباد جو صدر ٿيو. تڏهن ضلعو بدين به حيدرآباد ۾ هو. حاجن سڄي ضلعي جا ڪافي دورا ڪيا ۽ سپاف کي منظم ڪيو. سندس گڏجاڻيون به جلسي جو ڏيک ڏينديون هيون. حاجن جو ڳوٺ به ڪچهرين جو مرڪز هو. سندس ڳوٺ به يادگار ڪچهريون ٿيون آهن.