شهيد ڀٽو ۽ قومي مسئلو
تيار ٿي ڪچهري ۾ ويس. اڄ ڪچهريءَ جو موضوع هو ”قومي مسئلو ۽ ان جو حل.“ ڪچهريءَ ۾ هميشه وانگر سڀني دوستن ڳالهايو. ايم آر ڊي جي جدوجهد جو آغاز ته رڳو جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪيو ويو آهي پر هن جدوجهد پاڪستان جي قومي مسئلي کي به واضح ۽ اهم ڪري ڇڏيو آهي.
اڄوڪي ڪچهريءَ جي بحث جو تت اهو ئي هو ته، ”اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ قومي جبر جو احساس شدت سان وڌي رهيو آهي، پاڪستان جي آغاز کان ئي سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن سان ٻه اکيائي ڪئي ويئي ۽ سنڌ جا اصل باشندا ٻئي درجي جا شهري ٿي رهڻ لڳا.“
سنڌ ۾ هندستان مان آيل مسلمانن جي رويي ۽ پاڪستان کان پوءِ پنجاب ۽ سرحد جي ماڻهن جي سنڌ ۾ آمد انهيءَ احساس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. سنڌ ۾ قومي استحصال سان گڏوگڏ طبقاتي استحصال به جاري آهي جنهن ۾ پراوا ۽ پنهنجا ٻئي شريڪ آهن. سنڌ ۾ صرف قومي يا رڳو طبقاتي استحصال خلاف تنظيم ۽ تحريڪ ڪاميابي ماڻي نه ٿي سگهي. ٻنهي مسئلن کي گڏيل طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي. سنڌ م بيوقتا ۽ جذباتي نعرا ڏيئي سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ، سنڌ خلاف سازش آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پاڪستان جي ٻين علائقن جي عوام دوست قوتن سان گڏجي ئي جدوجهد ڪرڻ کپي.... نظام جي تبديلي اهم ضرورت آهي باقي ظلم ڪندڙن جي مهانڊن مٽائڻ سان ڪو به فائدو ڪو نه ٿو ٿئي. قومي خوشحاليءَ واري دور ۾ ئي زبان، ادب ۽ ثقافت ترقي ڪري سگهن ٿا، باقي بکئي ۽ اگهاڙي لاءِ ثقافتي ترقيءَ جي ڪا به معنيٰ ڪونهي. طبقاتي مسئلن جي حل جي ضمانت ڏيڻ کان سواءِ قومي جدوجهد لاءِ ”عوام وٽ ڪا به ڪشش ڪونهي وغيره وغيره.“
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاميابي جو وڏو سبب به اهو ئي هو جو سندس تحريڪ ۾ عوام کي پنهنجي قومي توڙي طبقاتي مسئلن جو حل ڏسڻ ۾ پئي آيو. سنڌ ۾ خاص طور تي ان خيال تي ئي اڄ تائين سندس پارٽي مقبوليت ماڻي رهي آهي. پنجاب ۾ قومي استحصال اهم نڪتو نه هو پر سنڌ ۾ اهو احساس شدت سان هو ته سنڌي ماڻهو لساني، ثقافتي ۽ معاشي طرح بي انتها جبر جو شڪار آهن. سنڌي زبان پاڪستان ۾ غيرملڪي زبان پئي لڳي. سنڌي ثقافت کي ڄٽن ۽ غدارن جي ثقافت سمجهيو ٿو وڃي، ايستائين جو ريڊئي تان پنجاب جي ساراهه جا گيت ڳائي سگهجن ٿا پر اياز نٿو ڳائي سگهجي. جيئي سنڌ نٿو چئي سگهجي، سنڌ جون نوڪريون سنڌين لاءِ ڪونهن، پاڪستان ۾ صوبن جي ڪوٽا خاص ڪري سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ جون زمينون سنڌين لاءِ ناهن. سنڌين لاءِ ووٽر لسٽون به سنڌيءَ ۾ نه ٿيون شايع ڪيون وڃن. مطلب ته ڪيئي مسئلا هئا سنڌين کي درپيش پر ڀٽي صاحب جي شخصيت ۽ جدوجهد سنڌين کي وڏي قوت عطا ڪئي. سندس شخصيت ۾ سنڌين ”پنهنجو“ پئي ڏٺو ۽ سندس جدوجهد ۾ پنهنجي طبقاتي مسئلن جو حل به پئي ڄاتو. ان وقت سنڌي عوام جن به ڌرين ۽ فردن سان ذهني ۽ عملي جنگ جوٽيون بيٺو هو، سي سڀ فرد ۽ ڌريون شهيد ڀٽي خلاف ٿي بيٺيون، اهو ئي سبب هو جو ڀٽو صاحب هر لحاظ کان سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو نظر پئي آيو، ورنه سنڌ ۾ ان وقت اهڙيون ڌريون به هيون جيڪي رڳو سنڌين جي ڳالهه به ڪري رهيون هيون ۽ اهڙا گروهه به عمل جي ميدان ۾ هئا جيڪي صرف طبقاتي انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيا هئا. سکر جيل ۾ هڪڙي قوم پرست مون کي ”انگولا جي آزادي“ نالي ڪتاب ڏيندي چيو ”استاد هي ڪتاب پڙهه ته خبر پئي ته قوم پرستي ڇا ٿيندي آهي ۽ سنڌ پاڻ به آزاد ڪرائينداسين يا نه!“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي دوست ڪچهريءَ ۾ ڪتاب متعلق پڇيو، چيومانس سمجهي ويو آهيان ته قوم پرستي صحيح رستو آهي ۽ سنڌ به آزاد ٿي ويندي پر اوهان واري تحريڪ ڪهڙي روپ ۽ رويي ۾ انگولا جي آزاديءَ واري تحريڪ جهڙي آهي؟ پروگرام، عمل توڻي اڳواڻي ۾؟
ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻا ڏيل ڏکوئيو.
قومي جدوجهد جي وڏي بدنصيبي اها آهي ته روز اول کان ئي ان جي دعويدارن جا اندازا درست نه هئا. روز اول کان سندن حڪمت عمليون غلط ۽ عمل مشڪوڪ هو ۽ هاڻ به انهيءَ سياست جا سرواڻ پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪري انهن کي درست ڪرڻ بجاءِ رڳو عوام سان جٺيون ڪري رهيا آهن ته عوام سادو آهي، بي سمجهه ۽ چريو آهي، وڏيرن جي ور چڙهي ويندو آهي... وغيره وغيره.
ستئين سنجهي ئي، منهن ويڙهي مئن جيئن،
اوجاڳا اکين کي، ڄاتئه نه ڏيئي،
هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين
ڏوهه سنڌ جي عوام جو ڪونهي، ڏوهه سرواڻن کان ٿيو آهي. سنڌي ماڻهن، ون يونٽ جي تحريڪ کان وٺي ايم آر ڊي جي تحريڪ تائين سچائيءَ سان هر سڏ ڏيندڙ کي ”جيءُ“ چيو آهي. هر جدوجهد جي دعويدارن لاءِ حقيقتن جو ادراڪ ڪري پنهنجي سوچ کي صحيح ۽ قابل عمل هئڻ ثابت ڪرڻ لازمي آهي. قومي جدوجهد جي دعويدارن جيڪڏهن پنهنجي غلطين کي درست ڪري غلط حڪمت عملين ۽ سکڻن، کوکلن نعرن مان جند آزاد نه ڪئي ته ايندڙ هر ڏينهن سندن غلطين جو ڍير ۽ آئيندو اونداهو ئي رهندو. قوم کي مهڻا ڏيڻ ۽ جٺين ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي جدوجهد کي. سڄي دنيا ۾ عوام جي عقل جا دليل پکڙيا پيا آهن. ڪنهن به سڄاڻ ۽ انقلابي رهبر عوام کي ڏوهي ۽ چريو ناهي چيو.
ڪا مونهين ۾ ال، نات سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
ڪچهريءَ مان اٿي بئرڪ 15 ڏي ويس. اتي عيسيٰ ملاح جي پاٿاريءَ تي پارٽيءَ جي ورڪرن، شاگردن ۽ نوجوانن جي ڪچهري رکيل هئي. ڪچهريءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان منسوب ڪتاب پڙهيو پئي ويو. ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ ۽ ان تي مختصر بحث به ٿيو. محب شاهه سوال پڇيا ته مارشل لا وارن مان جند ڪيئن ڇٽندي، ماضي جي غلطين کي وري نه دهرائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويندا؟ وغيره وغيره. تبصرا ڪندڙ دوستن ۾ پير مڪرم، پيرل خان کوسو ۽ بابو غلام حسين به هئا. مون کان منهنجي راءِ پڇيائون. مون کين چيو ته ”سمورن سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ کي منظم ڪيو وڃي ۽ هر سطح جي انتظاميه مٿان پارٽيءَ کي نگراني ۽ رابطي لاءِ ڪم سونپيو وڃي، جمهوريت لاءِ آئين ۾ ضمانت ڪافي ڪونهي. ضمانت ته 1973ع جي آئين ۾ به هئي ته جيڪو طاقت جي زور تي آئين کي ٽوڙيندو تنهن کي موت جي سزا ڏني ويندي، پوءِ ان آئيني تحفظ جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ آئين هجي يا جمهوريت ۽ انقلاب، ان جو تحفظ بيجان ڪتاب بجاءِ هڪ جاندار پارٽي ۽ خود ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا.“
ڪچهريءَ ۾ پارٽيءَ جي گذريل اصلاحن ۽ ان جي ناڪاميءَ جو ذڪر به نڪتو. منهنجو ان بابت به دوستن کي اهو چوڻ هو ته ”ان جو وڏو سبب به پارٽيءَ جو غير منظم هجڻ هو، غير منظم پارٽي نه طئي شده پاليسيءَ کي بچائي سگهي ٿي، نه اوچتو پيش ايندڙ صورتحال کي منهن ڏيئي سگهي ٿي. روس ۾ انقلاب کان پوءِ آفيسرن عدم تعاون جي پاليسي اختيار ڪئي ته ان جو پارٽي ڀرپور مقابلو ڪري آفيسرن جي سازش کي ناڪام بنايو. روس کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ منظم پارٽيون پنهنجي پاليسين ۽ ان تحت هلندڙ ادارن جو تحفظ ڪيون بيٺيون آهن. پ پ جي اوائلي ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ٽريفڪ پوليس هڙتال ڪئي ته پ پ پنجاب جي صدر مصطفيٰ کر جيڪو شايد گورنر هو، تنهن جي هدايت تي پارٽي ڪارڪنن ٽريفڪ جو انتظام سنڀالي ان پوليس هڙتال کي ناڪام ڪيو، باقي پاليسي پارٽيءَ جي هجي ۽ ان کي نافذ ڪرائڻ وارا پارٽي ۽ ان جي مقصدن جا مخالف هوندا ته ناڪامي يقيني ٿيندي. ڀٽي صاحب سارين ڇڙڻ واريون ۽ اٽي جون ملون قومي ملڪيت ۾ ورتيون ته اتي رشوت جا هيراڪ ڪامورا مقرر ڪيا ويا جن پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي شوق ۾ ڀٽي صاحب جي ان فيصلي مان عوام کي سک پهچائڻ بجاءِ عوام کي آزاريو، نتيجي ۾ اهو فيصلو ڀٽي صاحب جي وڏي ناڪامي ثابت ٿيو.“
سارين ۽ اٽي جي ملن واري منهنجي ڳالهه تي محب شاهه ناراض ٿي پيو، چيائين ”اها سيد قائم علي شاهه تي تنقيد ڪئي ويئي آهي.“ مون کيس ڪافي سمجهايو پر ڪو نه مڃيو ۽ ناراض ئي رهيو (ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ مهل سائين قائم علي شاهه ان جو وزير هو ۽ سندس پسند جا ڪافي ماڻهو ڪارخانن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، شايد انهيءَ ڪري ئي محب شاهه منهنجي ڳالهه کي سائينءَ تي تنقيد سمجهيو)
ٻنپهرن جو علي محمد سومرو ملاقات تي آيو، ٻڌايائين ته لانڍي جيل ۾ خليق سائين، مجتبيٰ خان جتوئي، اياز سومري، غلام الله ماهوٽي ۽ منظور وساڻ سان ملاقات ڪري آيو آهي، اهي دوست خوش ويٺا آهن (مخدوم صاحب، مير اعجاز، اميد علي شاهه، مجتبيٰ خان، اياز، فاضل راهو ۽ ٻيا دوست مچ جيل مان ٿي آيا آهن. مچ جيل ۾ انهن دوستن جا ڪي اختلاف به ٿي پيا جن جون هلڪيون ڦلڪيون جهلڪيون هتي به ٻڌڻ ۾ آيون آهن). علي محمد سومري کي شاباس هجي، جيل ۾ قيد دوستن سان پابنديءَ سان ملڻ پيو ايندو آهي.
شام جو چڪر ڏي به ويس. اتان خيرپور ناٿن شاهه جو نوجوان دوست قربان چانڊيو اڄ رها ٿيو آهي. بئرڪ 12 ۾ سنجر خان وٽ ڪچهري ٿي. دوستن ٻڌايو ته شام جي نشست ۾ اڄ سنجر خان تمام سٺو ڳالهايو آهي. اڄ تنئوري ڪچهريءَ به واهه جي ٿي، لغاري صاحب ڏاڍيون مزيدار خبرون ٻڌايون. لغاري صاحب ڪافي عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو رهيو آهي، ان زماني جون دلچسپ خبرون ٻڌائيندي عبداللطيف عباسي، محمد بخش انصاري ۽ سائين صالح محمد شاهه جون ڳالهيون ٻڌايائين. چيائين، عبداللطيف عباسي انائونسمينٽ دوران سدائين پيو ڀلبو هو، هڪ دفعي مصري خان جماليءَ کي بينن تي جمالو ٻڌائڻو هو، تنهن جي انائونسمينٽ ڪندي لطيف عباسي چيو ته ”هاڻ مصري خان جمالو بينن تي جمالي ٻڌائيندو.“
انهيءَ اعلان تي مصري خان ڪي ڏينهن ناراض رهيو. لغاري صاحب، محمد بخش انصاري ۽ سائين صالح شاهه جا به ڏاڍا قصا ٻڌايا. محمد بخش انصاري صاحب، جيڪب آباد پ پ جي رهنما محترم احمد بخش انصاري جو ڀاءُ آهي. ايم آر ڊي سکر جي اجلاس ۾ احمد بخش انصاري به شريڪ ٿيو ۽ ڪافي سرگرم رهيو، اهو اجلاس مخدوم خليق الزمان قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ گهرايو هو.
سائين صالح شاهه عرف فتح خان به ريڊئي پاڪستان جي حوالي سان سنڌ جو مشهور ۽ مقبول نالو آهي. ”جمهور جو آواز“ پروگرام ۾ سائين جو فتح خان جو ڪردار ته سنڌ جي ٻچي ٻچي جي دلچسپيءَ جو باعث هو، ڳوٺن جا سٻاجهڙا سنڌي ته سندس وڏا پرستار هئا. اسان جي ڳوٺان آيل مهمان سائين صالح شاهه کي ٽنڊي ولي محمد ۾ ايندي ويندي ڏسي وٺندا هئا ته وڏي فخر سان وڃي ٻڌائيندا هئا ته فتح خان کي ڏسي آيا آهن ۽ هٿ ملائي آيا آهن. سائينءَ جو ان پروگرام ۾ آواز، خبرون، حاضر جوابي ٻڌندڙن کي موهي ڇڏيندي هئي. سائين ان پروگرام ۾ بزرگ جي حيثيت ۾ هو ۽ کيس ٻيا ڪردار ”ڏاڏا“ چئي مخاطب ٿيندا هئا. هڪڙي پروگرام ۾ فتح خان پنهنجي ڪچهريءَ جي سمجهو ڪردار ڪمال خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ڪمال خان عربي ۾ اٺ کي چون جمل“ ڪمال خان چيس: ڏاڏا عربي ۾ گوري کي ڇا ٿا چون؟ فتح خان جواب ڏنس ”ڪمال خان عربي ۾ گوري کي چون.....“ فتح خان گهڙيءَ لاءِ چپ ڪري چيو، ”ڪمال خان عربي ۾ گوري کي چون ئي ڪو نه، وڏو ٿئي پوءِ چونس ”جمل“
انهيءَ مزيدار ڪچهري مان پوڻي نائين وڳي ڌاري وارڊ ڏي پئي موٽياسين ته ايس پي ماڙيءَ جي لوهي در کي رنگ ٿيندي پي ڏٺو، اسان کي ڏسي چيائين توهان جي وڃڻ جي خوشي ۾ رنگ پيو ڪرايان. اسان چيس ”اڳ ۾ ته توهان چيو ته ڪو نه ٿا وڃون، هاڻ چئو پيا وڃون ٿا، حقيقت الائي ڇا آهي؟“ چيائين سڀ وڃن پيا، رڳو مولا جو بخشل ڪو نه ٿو وڃي.“ پوءِ خبر پئي ته اها تياري 30 تاريخ هوم سيڪريٽري جي جيل جي دوري سبب ڪئي پئي وڃي. ماني کائي ختم ڪئي سون ته احمد علي عباسي ۽ آصف لغاري اچي نڪتا. ٻڌايائون ته سيد محب شاهه وٽ گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته مولابخش طرفان قائم علي شاهه تي ڪيل تنقيد تي ساڻس جهيڙو ڪنداسين.
انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ عيسيٰ ملاح ۽ بابو غلام حسين به هئا. ٻنهي اهو به ٻڌايو ته بابو غلام حسين کين صلاح ڏني ته ”ڪچهريءَ جي شروعات ۾ ئي نه وڙهجو، نه ته اهو ظاهر ٿيندو ته هي جهيڙو پلاننگ تحت ڪيو ويو آهي، باقي بحث هلندي اهو ذڪر وري نڪري ته اختلاف ڪجو.“
اڄ اخبارن ۾ چوڌري خليق الزمان جي پٽ جلال الزمان جو بيان آيو آهي ته ”ڪوٽا سسٽم اسلام جي منافي آهي.“ جيڪا ٿي ڳالهه پنهنجي مد مقابل يا نقصان ۾ نظر اچين سا، اسلام جي مخالف آهي. سندن ڪوڙا ڪليم اسلامي آهن، سنڌ جي زمينن جا نيلام اسلامي آهي، سنڌ جي روزگار تي سندن هڪ هٽيون اسلامي آهن، پُرامن بي هٿيار سنڌين جو قتلام به اسلامي آهي، باقي ڪوٽا سسٽم اسلام جي خلاف آهي! هڪڙي پاسي سڄي ڪراچيءَ جي اردو دان طبقي طرفان ڪوٽا سسٽم تي واويلا ڪئي ويئي آهي ته ٻئي پاسي ٿڌي ٿوري ڪرڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪري سنڌي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سنڌين جي احساس محرومي جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. ڪهڻ لاءِ ڇريون به تيز ڪبيون، ڪسڻ تي ڏند به ڪڍبا ۽ يڪجهتي به ڪبي. ڀلا مڙسن جي يڪجهتي!
تازو اردو دانشورن طرفان سنڌ کي وڌيڪ انتظامي يونٽن ۾ تقسيم ڪرڻ جي تجويز به ڏني ويئي آهي. اها محمود الحق عثماني کان وٺي نواب مظفر تائين سمورن نسل پرستن جي آخري خواهش آهي ته ”ڀاڱا ٿئي سهڻي.“
الله کر جيئنِ، مدي جن جي من ۾،
اسان ۽ پرينِ جون، اميدون پسن،
تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.
اڄ اخبار ۾ شڪيل پٺاڻ لاءِ هلندڙ بياني سلسلي ۾ جيل جي اسير دوستن حسين شاهه، نور محمد ٿيٻي، الله بچايو لغاري ۽ ٻين جي ايمنسٽي انٽرنيشنل کي اپيل شايع ٿي آهي ته ”شڪيل پٺاڻ جي ٽنگ ۽ صحت کي بچائڻ لاءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي.“ خدا ڪري اسپتال جلد منتقل ڪيو وڃي ته جيئن سندس سگهو علاج ٿئي جي نه ته هتي صحت جو اهو عالم ٿيندو وڃيس جو اونو اٿم ته ڪيڏي مهل ڦاٽي نه پوي. خدا وڏي حياتي ۽ اڃا وڌيڪ تندرستي عطا ڪريس.