منهن ۾ مسلمان اندر ۾ ابليس
صبح جو ملاقات جو سڏ ٿيو، ويس ته بابا، منير رنڌاوا ۽ سندس ماسات آيل هئا. ڪجهه دير ڪچهري ٿي. منير ٻڌايو ته جنرل ضياءَ کي بار جي دعوت ڏني ويئي آهي. بار ۾ افواهه آهن ته ضياءَ جي اچڻ وقت ڪجهه وڪيلن کي نظربند ڪيو ويندو. منير اهو به ٻڌايو ته حسين شاهه ڳالهه ڪئي آهي ته مير پپو ڊي ايم ايل اي سان مولابخش جي رهائيءَ جي ڳالهه ڪئي پر ڊي ايم ايل اي چيو ته ”چانڊيو ڪميونسٽ ٿي ويو آهي ۽ پارٽي ۾ هارين جي تنظيم قائم ڪري، ڪميونسٽن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.“
گرفتاري مهل ”اليڪشن ڪرايو، جمهوريت بحال ڪريو“ جو نعرو بلند ڪيوسين ته ملڪ دشمني جي الزام هيٺ ڪيس هلائي سزا ڏني اٿن. هاڻي ڪميونسٽ سمجهي نظربند ڪيو اٿن. جيئن ٿو سمجهه ۾ اچين تيئن ٿا ڪن، باقي سڀ غلط آهي. چونڊن جو مطالبو نه ڪريو، سياسي ڪم نه ڪريو، پر جي سياسي ڪم ڪريو ته هنن جي صلاح سان ڪريو، پوءِ اسان جهڙو ڪو اشراف ڪونهي! اڄڪلهه هنن سان قوم جا قاتل، ڌاڙيل ۽ لٽيرا ساٿاري ٿي ولي بڻجي ويا آهن. جڳن جا ڏوهاري قوم کي نمازون پڙهائڻ ۽ اسلامي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. منهن ۾ مسلمان اندر ۾ ابليس.