پوٽي جي گرفتاريءَ جي صدمي ۾ سيٺ ڪمال الدين جو لاڏاڻو
صبح جو دير سان اٿيس پر ناشتو ڪري وري سمهي رهيس. ٻنپهرن جو يونيورسٽيءَ جا ڪجهه دوست آيا، ٻڌايائون ته يونيورسٽي جون هاسٽلون خالي ڪرايون ويون آهن. سڀاڻي احسان ميمڻ شهيد جي ورسي آهي. يونيورسٽي تي پوليس جو گهيرو آهي ۽ اڄ رات ڇاپا هنيا ويندا. دوستن اهو به ٻڌايو ته صورتحال جي پيش نظر جساف ورسي سنڌ يونيورسٽي بدران زرعي يونيورسٽي ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شام جو اختر ٻڌايو ته سڄي رستي ۾ پوليس ئي پوليس آهي. ڊيوٽي وارن سپاهين به ٻڌايو ته بي پناهه پوليس گڏ ڪئي وئي آهي.
انتظاميه شهيد احسان ميمڻ جي ورسي تي هيتري ساري پوليس گڏ ڪري پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جي تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي پر سڄي سنڌ ۾ بدامني جي اٿيل لهر ڏانهن سندن ڌيان ئي ڪو نه ٿو وڃي. سنڌ يونيورسٽي ۾ سندن بربريت جي شڪار شهيد احسان جي ورسي کي روڪڻ لاءِ، وري ڪنهن سنڌي جوڌي کي شهيد ڪرڻ لاءِ ته تيار ٿي ويا آهن پر اڄ ئي ڪنڊياري ويجهو پوليس ايس ايڇ او، اي ايس آءِ ۽ ٻين سپاهين کي قتل ڪيو ويو آهي، تن جي قاتلن کان ته سندن ساهه ٿو نڪري. اڄ به ڌاڙن ۽ ڦرن جي ٻين خبرن سان گڏ اها به خبر آهي ته لاڙڪاڻي مان ٻه ڊاڪٽر اغوا ڪيا ويا آهن.
انهيءَ بدامنيءَ متعلق جنرل ضياءَ چيو آهي ته ”انهن وارداتن ۾ سياستدانن جو هٿ آهي، سنڌ ۾ بدامني تمام گهڻي آهي“ پر سنڌ جي گورنر ۽ وزير دفاع جو فرمان پنهنجي ڌڻيءَ کان مختلف آهي. گورنر چيو آهي ته ”سنڌ ۾ مڪمل سڪون آهي.“وزير دفاع فرمايو آهي ته ”سنڌ ۾ امن امان جو ڪو به مسئلو نه آهي.“
شام جو پنجين وڳي ڌاري منور ميمڻ، طارق ملڪ، محمد علي، ادا شمعون ۽ ٻيا دوست ملڻ آيا. منور سنڌ جو اڀرندڙ مصور آهي، سينيئر مصورن جو خيال آهي ته ”هي نوجوان جلد ملڪ جو وڏو مصور ٿيندو.“ منور جي شروعاتي ٺاهيل تصوير ڏسي نامور مصور ع.ق شيخ ۽ ظفر ڪاظمي حيران ٿي ويا ته ڪو نئون مصور اهڙي عاليشان تصوير ٺاهي ٿو سگهي! اهي تصويرون ڏسي انهن اهو به چيو ته ”هن مصور کي ڏات آهي.“
منور اڄڪلهه مصوري کان پاسو ڪري ڪاروبار ڏي توجهه ڪئي آهي. رنگن ۽ روشنين مان نڪري اڄ ڏاري، کڙ ۽ بوسي جي ٻورين وچ ۾ وقت پيو گذاري. سندس فن ۽ سندس ونيءَ جي وچ ۾ ويڙهه آهي. منور ۾ مصوري آهي ۽ ڀاڀي کيس پنهنجي ساهراڻي روپ ۾ يعني، ”سيٺ يا ڪامورو“ ڏسڻ چاهي ٿي. فيصلو ته منور ڪندو باقي پنهنجي دعا آهي ته سندس گهر ۽ فن ٻئي قائم ۽ دائم رهن.
منور ميمڻ، حيدر آباد جي مشهور سياسي شخصيت سيٺ ڪمال الدين جو پٽ آهي. سيٺ ڪمال پنهنجي سمورن سياسي همعصرن ۾ اڄ به احترام وارو آهي. کيس پيار مان ”چاچو“ چوندا آهن. جن ڏينهن شهر جي سياست ميونسپل سياست جي گرد ڦرندي هئي، تڏهن چاچو ڪمال الدين شهر جي سياست جي اهم رهنما ۽ سياسي گروپ ”ميمڻ گروپ جو دماغ سڏبو هو.“ قاضي گروپ، ميمڻ گروپ ۽ مير گروپ شهر جي قديم رهواسين جا نمائندا هئا. توڻي ساڻن گڏ ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ رفيق به هئا جڏهن ته حافظ مبارڪ، ڪي، بي جعفر، فيض محمد صندل، نواب يامين، نواب مظفر، جميل احمد، صدر الدين انصاري، حاجي فريد ۽ ڪي ٻيا بزرگ وري حيدرآباد جي نون رهواسين جا نمائندا هئا.
موجوده مارشل لا ۾ چاچي ڪمال جي پياري پوٽي سليم کي جهنڊي ساڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. چاچو اصلي ليگي هو، ڏاڍو ڊوڙيو ڊڪيو پر ڪجهه به نه ٿيو ۽ پوٽي جي رهائي جي سلسلي ۾ مايوس ٿي ويو، انهيءَ صدمي ۾ کيس دل جو دورو پيو ۽ پاڻ وفات ڪري ويو. چاچي سان گڏ ميمڻ گروپ به عملي طور لاڏاڻو ڪري ويو ته شهر مان ڪچهرين، رواداري، شرافت ۽ دوستيءَ واري سياست جو هڪڙو باب به ختم ٿي ويو. رات جو اٺين وڳي ڌاري مخدوم شفيق الزمان صاحب آيو ۽ اسپتال ۾ داخل سڀني دوستن سان مليو. مخدوم صاحب ٿوري دير ٻين کان الڳ ٿي به ڪچهري ڪئي، چيائين ته خليق سائين دوستن ۽ صورتحال متعلق صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ چيو آهي.