ٻيا دوست آزاد، منهنجي نظربنديءَ جو آرڊر
صبح جو اٿياسين. ڏهين وڳي ملاقات لاءِ وياسين. ڪافي دوست ۽ مائٽ آيل هئا. حيدر زمان هيڊ ڪوارٽر فون ڪيا، چيائون اچي ليٽر کڻي وڃو. سپاهي منهنجي سالي اختر سان گڏ ويو. حيدر زمان رازداريءَ ۾ ٻڌايو ته 4 ڄڻا رها ٿين پيا باقي ٻن ڄڻن کي نظر بند ٿا ڪن. ٻڻ ڄڻن ۾ مشوري صاحب ۽ شڪيل پٺاڻ آهي. مون چيس ته مشوري صاحب نه آءٌ هوندس. حيدر زمان ضد ڪيو ته مون به ضد ڪندي چيو ته ڏسي وٺجو، شڪيل ۽ آءٌ نظربند ٿينداسين. مارشل لا وارن کي شڪيل ۽ منهنجي افعالن جي خبر آهي. اهي ڄاڻن ٿا گوڙ ڪرڻ ڄڻ اسان جو ڌنڌو آهي. حيدر زمان چيو ته مون ولديت پڙهي آهي، تنهن ڪري لکي ٿو ڏيان ته تون ۽ منير آزاد ٿيندؤ. حيدر زمان منير ۽ مون سان ڏاڍو سٺو پيش ايندو آهي ۽ اسان کي اشراف قيدي به سمجهندو آهي، تنهن ڪري اها سندس اسان سان همدردي هئي. باقي پڪ هئي ته فائدي واري ڳالهه ۾ سدائين پنهنجي ئي نالي ڀل ٿيندي آهي. ڪافي دير انتظار ڪري ڪمري تي موٽي آياسين. ٻنپهرن جي ماني کاڌي سين. ٻين وڳي ملاقات جو سڏ ٿيو. ويس ته آفيس ۾ منير ۽ حيدر زمان ويٺا هئا. حيدر زمان جو موڊ ٺيڪ نه هو. آرڊر بابت پڇيم ته چيائين ”سائين خبر ناهي ڇا ٿي ويو، ڪالهه مشوري صاحب جو نالو هو ۽ اڄ اوهان جو نالو آهي نظربندي لاءِ.“ مون چيس ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي، آءٌ اڳئي ان ڳالهه لاءِ تيار هئس تين وڳي منير سامان ٻڌي آيو ماڙيءَ تي، دوستن سان ملي وڏو در اڪري وڃي نالي ماتر آزادي واري ماحول ۾ پهتو.
ڪمري ۾ سليم گاکڙو ۽ آءٌ چپ هئاسين. سوير ئي سمهي رهياسين. منير پنهنجي سزا وڏي صبر ۽ حوصلي سان ڪٽي. سدائين کلندو ۽ ڪچهريون ڪندو وتندو هو. جيل جا سڀئي دوست کيس پسند ڪندا هئا. منير سمري ڪورٽ ۾ به وڏي همت سان بيان ڏيندي چيو هو ته ”ظلم اوهين پيا ڪريو ۽ ڀريون اسين هتي رهڻ وارا پنجابي پيا.“ اهو به چيائين ته اسان جا مفاد سنڌين سان آهن. اسين ٻولي جي لحاظ کان پنجابي آهيون، علائقي جي حوالي سان اسين سنڌي آهيون. اوهان کي اپيل ٿو ڪريان ته ”سنڌين تي ظلم بند ڪريو، ضياءَ جي حمايت نه ڪريو.“ اهو بيان پنجابي ۾ ئي ڏنئين.