آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

نالي ڀائيءَ سان اختلاف جي نوعيت

(5- جون 1984ع)
صبح جو يارهين وڳي حيدرآباد ايل ايم سي ويس. ڊاڪٽر امداد سان مليس. ڏاڍي پيار سان مليو. چيائين نڪ جو آپريشن ٿيندو پر في الحال وڃان پيو موڪل تي، موٽي اڃان پوءِ وڌيڪ فيصلو ڪنداسين. وري سڀاڻي آڊيوگرافي لاءِ سڏيائين. نسرين اسپتال ۾ داخل هئي، ساڻس مليس. اسپتال ۾ غلام نبي ساند سان ملاقات ٿي. حاجي غلام نبي مون سان گڏ گرفتاري ڏني هئي. حاجي ماني کارائي اسپتال ڇڏي ويو. ڄامشوري پهتس ته خبر پئي ته نالي ڀائي (مولابخش مشوري) اکين جي اسپتال منتقل ٿي ويو آهي ۽ سندس ڪمري ۾ پير اعجاز اچي رهيو آهي. شام جو نالي ڀائي جي ڪمي پئي محسوس ٿي، جو ڏينهن رات ڪچهريون پئي هليون. مولابخش مشوري ۽ آءٌ گڏ پڙهيا آهيون، مسلم ڪاليج ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي پوسٽ لاءِ ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون به بيٺاسين. اها اليڪشن مشوري صاحب کٽي مون هارائي. مشوريءَ کي پ پ تعلقي جي صدارت تان هٽائي منهنجي دوست حاجي ڄام شوري کي رکيو ويو ته اسان جو اختلاف اڃا وڌي ويو، اهو اختلاف جيل اچڻ تائين رهندو آيو ۽ انهيءَ جي سڀني دوستن کي سڌ آهي. هتي اسپتال ۾ اسان کي ڪچهريون ڪندي ۽ گڏ رهندي ڏسي دوستن کي حيرت ٿيندي آهي، پڇندا آهن ته گڏ ڪيئن پيا رهو؟ وقت ڪيئن پيو گذري؟ آءٌ کين چوندو آهيان ته اسان جو ڪهڙو جاگيرن تان جهيڙو آهي، اهي اختلاف گڏيل زندگيءَ جو حصو آهن، باقي وڏيرا جيڪي ماڻهن کي مصيبتن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جا جاني دشمن ڏسڻ ۾ ايندا آهن، تن جي پارٽين ۽ دعوتن ۾ ڀاڪر پائڻ ۽ هڪ ٻئي جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ تي حيرت ڇو نٿي ٿئي؟ شايد انهيءَ ڪري جو غريب پنهنجي هر جذبي ۾، پوءِ اهو دوستي جو هجي يا دشمني جو، مخلص ٿئي ٿو ۽ وڏيري جو نه جهيڙو خالص آهي ۽ نه دوستي خالص.
نالي ڀائي مولابخش مشوري هٽڙي تعلقي حيدرآباد جو آهي. 21- آگسٽ 1983ع تي سول اسپتال وٽ گرفتار ٿيو. ضلعي ڪائونسل جو ميمبر هو، احتجاجن ان تان استعيفيٰ به ڏنائين. هن سان گڏ مظهر بلوچ، غلام رسول جلالاڻي ۽ عوامي تحريڪ جا ٽي ڪارڪن گرفتار ٿيا هئا. تازو نالي ڀائي جو ڀائٽيو جيڪو نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو تنهن کي قتل ڪيو ويو آهي، الله تعاليٰ کيس همت ۽ صبر عطا فرمائي.
مولابخش مشوريءَ کانسواءِ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جناب عبدالستار سريوال، حاجي صوڀو خان چانڊيو (ٽنڊو محمد خان)، عالم خان نوتڪاڻي (ٽنڊو محمد خان)، ڏنل خان نظاماڻي (ٽنڊو قيصر) پڻ استعيفائون ڏئي گرفتاري پيش ڪئي آهي.
اسپتال مان نسرين سان مليو پي موٽيس ته سندس ڳالهيون ۽ پريشان چهرو پئي ياد آيو. پر ڪري ڇا ٿي سگهيس. کيس دلداريون ۽ دلاسا ڏيڻ کانسواءِ.
چند روز میری جان فقط چند ہی روز،
ظلم کی چھاؤں میں دم لینے پہ مجبور ہیں ہم،
اور کچھ دیر ستم سہہ لیں تڑپ لیں رو لیں،
اپنی اجداد کی میراث سے معذور ہیں ہم،
جسم پر قید ہے جذبات پہ زنجیریں ہیں،
فکر محبوس ہیں گفتار یہ تعزیریں ہیں،
لیکن اب ظلم کی معیاد کے دن تھوڑے ہیں،
اک ذرا صبر کر فریاد کے دن تھوڑے ہیں۔