ٺٽوي نظرياتي جيالا
صبح جو قادري سان گڏجي بي ڪلاس ويس. اعجاز خواجه جي ڪمري تي اخبارون به پڙهيون سين ته وهنتاسين به. اعجاز خواجه ٺٽي جي مشهور سياسي دوستن مان هڪ آهي. پارٽيءَ جو نظرياتي ساٿي آهي. جهڙو رويو جيل کان ٻاهر، اهڙو ئي سنجيده رويو جيل ۾ اٿس. چوندا آهن ته مڙس جي خبر سفر ۾ پوندي آهي، جيل به سفر آهي. اهڙو سفر جتي سڄو ڏينهن ساٿي هڪٻئي جي سامهون. ماڻهو، سڄو پڌرو ٿيو پوي. سچ پچ ته جيل، سفر سان گڏوگڏ سياسي ماڻهن لاءِ ته ايڪسري مشين به آهي.
اعجاز خواجه جيل جو سٺو ۽ صبر وارو دوست آهي. هونئن چند ساٿين کي ڇڏي ٺٽي جا سمورا دوست خالص سياسي ۽ نظرياتي آهن پر تعلقي بٺوري ۾ انهن دوستن جي گهڻائي آهي. بٺوري ۾ محترم رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ جو گهڻو ۽ ڪجهه قوم پرست تحريڪ جو ڪم ڪيل آهي. اڪثر ڪارڪنن تي پليجي صاحب جو رنگ نظر ايندو آهي.
اعجاز سان گهڻو وقت اڳ ۾ پهرين تفصيلي ملاقات ٿي هئي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر عبدالواحد ڪٽپر مون کي پ پ سنڌ لاءِ پنهنجو رابطا آفيسر مقرر ڪيو هو. تعلقي بٺوري جي ورڪرن ۾ اختلاف هو. ڪٽپر صاحب مون کي موڪليو ته انهيءَ بابت رپورٽ ڏيان. اعجاز خواجه ۽ اسماعيل سوهو جي سنگت ۾ اختلاف هو. ٻنهي سان الڳ الڳ ڪچهري ٿي. ٻنهي گروپن هڪٻئي تي اهو الزام پئي هنيو ته مخالف گروپ جو ڳجهي طرح پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ سان ۽ ٻئي مخالف گروپ جو قاسم پٿر سنڌيءَ جي گروپ سان تعلق آهي.
محترم محمد خان سومرو، وزير ميمڻ، بابو غلام حسين، مظفر شاهه، عبدالستار لوهار، ارشاد جتوئي ۽ حميد ميمڻ پارٽي جا اوائلي اڳواڻ دوست آهن. سڀني تي ٺٽي جي نظرياتي سياست جو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. حميد ميمڻ سڏجي ۽ ڏسجي وڏيرو پر سندس اٿڻ ويهڻ، سنگت ساٿ جيلن تائين ڪامريڊن سان. بابو غلام حسين روين، لاڙن ۽ ڪچهرين ۾ ٺٽي جي رنگ ۾ رڱيل پر مزاج ۾ سيٺيو رنگ به شامل اٿس. ٺٽي جا گهڻو ڪري سڀئي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سٺا مقرر آهن. ارشاد، ستار لوهار ۽ عثمان سرويچ واهه جون تقريرون ڪندا آهن. عثمان سرويچ ۽ ارشاد جتوئي ته شاعري به سٺي ڪندا آهن. ارشاد پنهنجي تقرير ۾ ٺٽي جي ٻين اڳواڻن جيان ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري سان گڏوگڏ تقرير جي آغاز ۾ وڏي جوش سان چوندو آهي ته
سنڌ خداءِ ڪعبو، ڪينجهر ارڏن جو ايمان ميان،
جهوپن وارن جهانگيئڙن لاءِ شاهه جا بيت قرآن ميان.
عثمان سرويچ به پنهنجي والد سرويچ سجاولي جيان، ٺيٺ عوامي ۽ لاڙي ٻوليءَ ۾ خوبصورت شاعري ڪندو آهي. سرويچ سجاولي پنهنجي مخصوص انداز بيان ۾ جوش ڏياريندڙ شاعري سان ساٿين جا جذبا جاڳائيندو رهندو آهي. سندس ڀٽي صاحب ۽ محترمه بينظير صاحبه لاءِ چيل گيت ٻاهر توڙي هتي جيل ۾ ڏاڍا مقبول آهن. عثمان سرويچ تقرير سان گڏوگڏ جلسي جي انائونسمينٽ به ڏاڍي سهڻي ڪندو آهي. عثمان هتي پنهنجو هڪڙو ”خواب“ ٻڌائي دوستن کان ڏاڍو داد وصول ڪيو، خواب ٻڌائيندي چيائين:
رات ڏٺو هوم گهوٽ ڀٽائي،
گهمندي روپا ماڙيءَ تي.
اجرڪ جو هوس جهنڊو هٿ ۾،
رت لڳل هئس ڏاڙهيءَ تي.
ٺٽي جي سياست ۾ هڪڙي پاسي سڀئي وڏيرا ۽ سندن اثر ۾ آيل ننڍيرا ۽ ٻئي پاسي ٿورا سکيا ستابا، پڙهيل ڪڙهيل شعوري سياست ڪندڙ دوست آهن. پارٽيءَ جي پاور کان پوءِ وڏيرن پارٽي ۾ ڪاهه ڪئي ته سڀ وڏيرا مخدوم صاحب ۽ جتوئي صاحب سان گڏجي ويا ۽ ورڪر لڏو پهرين مير رسول بخش خان ٽالپر سان ۽ پوءِ ممتاز صاحب جي حوالي سان سڏجڻ لڳو.
محترم اعجاز خواجه به هيل تائين ممتاز صاحب سان گڏ آهي، جن کي جتوئي گروپ مان سمجهي تن سان گهٽ وچڙندو آهي. بي ڪلاس مان عالم شاهه، قادري ۽ آءٌ گڏجي عاشق صاحب ڏي وياسين. هن ٻڌايو ته جتوئي صاحب خط موڪلي جيل جي دوستن کي چيو آهي ته سندس بيان جي حمايت ڪئي وڃي. اٽڪل 2 وڳي ڌاري خانصاحب قائم خاني سان گڏجي محب شاهه ڏي ويس. دائود خان جي رهائي جو آرڊر اچي ويو هو. سو تياريءَ ۾ لڳو پيو هو، دائود خان ٻاهر پاڻ ڄاڻي باقي جيل ۾ ڀلو آهي. عطا، عالم شاهه، خانصاحب گڏجي جتوئي صاحب جي بيان تي صلاح مشورو ڪيوسين. عطا بيان جي حمايت ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي. خانصاحب واضح حمايت ڪئي. پوءِ گڏيل صلاح مشوري سان وچٿرو بيان جاري ڪيوسين. بيان عطا کي انگريزيءَ ۾ ڊرافٽ ڪرڻ لاءِ ڏنوسين.
جتوئي صاحب جي بيان تي پرجوش ڪارڪن خوش ڪونهن، ڇاڪاڻ ته هي ڪنهن به رئيس وڏي جي پندرهن ڏينهن يا ٽن مهينن جي آسري تي ڪو نه آيا آهن. هنن کي مصلحت نه پر انقلاب لاءِ جدوجهد پئي سٺي لڳي. سندن خيال آهي ته هن تحريڪ جي نتيجي ۾ شهيد ڀٽي جي قاتل ضياءَ جي حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ ڀٽي خاندان جي حڪومت موٽي ايندي. ڪارڪن جتوئي صاحب جي بيان کي تحريڪ کي اڌ ۾ بنا نتيجي ختم ڪرڻ جي سازش ٿا سمجهن، پر جيل ۾ موجود سينئر اڳواڻن جو خيال آهي ته هن بيان جي حمايت ڪرڻ کپي. بيان کي پسند ڪرڻ يا نه ڪرڻ کي ڇڏي رڳو حقيقت پسندي کان ڪم ٿو وٺجي ته هن بيان جي حمايت ئي ڪرڻي پوي ٿي. ڇاڪاڻ جو هي بيان ان شخصيت جاري ڪيو آهي جيڪو عملي طرح ايم آر ڊي ۾ پ پ جو نمائندو ۽ سموري ايم آر ڊي جي جدوجهد جو سرواڻ آهي. سندس بيان پ پ لاءِ نه پر ايم آر ڊي لاءِ پاليسي ساز بيان آهي.