اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا.....
صبح جو يارهين وڳي ملاقات جو سڏ ٿيو، ملاقات جي ڪمري ۾ ويس ته عبدالله ڪورائي ۽ شمس ڪورائي بيٺا هئا. جيلر کي چيم تنهن اسپيشل ملاقات ڪرائي. عبدالله سان سندس والد جي فاتحه ڪيم. عبدالله جو والد کلڻو، ملڻو، شفيق ۽ رهائي پوکي وارو شخص هو. موري، عبدالله ڏي ويندا هئاسين ته چاچو ڏاڍي خدمت ڪندو هو. سوير اٿندو هو ۽ اچي اوطاق تي ويهندو. اسين اٿياسين ته ڪوسا، ٿڌا پاڻي اچي ويندا هئا. چانهه بسڪيٽ کارائيندو ۽ چوندو ته ”ابا صاحب اڃا اٿيو ڪونهي، اٿندو ته ناشتو پاڻ ڪرائيندو، آءٌ رڳو چانهه پيئاري سگهان ٿو، ناشتو ڪرائيندس ته صاحب ناراض ٿيندو ته اسان جي مهمانن کي به بابا ماني کارايو ڇڏي. ”خدا کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي تڏي، جو خان هو.
ملاقات جي ڪمري ۾ اوچتو ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجو اچي نڪتو، ڏاڍا حيران ٿياسين. ٻڌايائين ته ”ڪالهه سکر مان بدين وٺي ويا، ميجر وٽ پيش ڪيائون، ميجر بانڊ لکي ڏيڻ لاءِ چيو، مون انڪار ڪيو، جيتوڻيڪ بانڊ ۾ منهنجي اعتراض کي ختم ڪري بانڊ ڀرڻ لاءِ به چيائون پر مون سوچيو ته جنهن حڪومت کي تسليم نه ٿو ڪريان تنهن کي ڪو به بانڊ نه ڀري ڏيان. سو مون هر قسم جي بانڊ ڀرڻ کان انڪار ڪيو. ميجر چيو ته ML078 ۾ رهائي جو اهو ئي طريقو آهي باقي ذاتي ڪم هجي ته ٻڌايو؟ مون کيس حيدرآباد جيل وڃڻ لاءِ چيو، تنهن مون کي رات هتي موڪليو آهي.“ ملاقات کان پوءِ ڪمري تي آيس ته عالم شاهه، پير مڪرم، بابو غلام حسين ويٺا هئا، چيائون ٻين پارٽين جا دوست بينظير صاحبه جي سينيٽ سان ڳالهه ٻولهه ۽ انٽرويوءَ تي تنقيد ڪري رهيا آهن، پارٽي جي خلاف پرو پئگنڊا ٿي رهي آهي، انهيءَ تي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ کپي، فيصلو ٿيو ته پنهنجي دوستن کي سڏي صورتحال تي ڳالهايو ويندو.
ٻنپهرن جي مانيءَ تي ڊاڪٽر اسماعيل به آيو. ڊاڪٽر جي ڪچهري به ڪمال جي هوندي آهي، ڪو به بيزار ڪو نه ٿيندو آهي. ڊاڪٽر جي گفتگو نظرياتي به هوندي آهي ۽ منجهس مزاح جو مزو به شامل هوندو آهي. ڊاڪٽر ٿوري ٿوري شاعري به ڪندو آهي. گهڻو ڪري ٻين شاعرن جي شاعري جو مهانڊو به وڏي ڏانو سان مٽائي ڇڏيندو آهي. ابراهيم منشي جي شعرن ۽ جلال جي ڳايل ڪلام تي مزاحيه ٽيڪا ٽپڻي واهه جي ڪندو آهي. ڪافي دير سکر جيل جي دوستن جا قصا ۽ اتي جوڙيل مزاحيه شاعري ٻڌائيندو رهيو.
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
اڄ ڊاڪٽر اسماعيل اسان ۾ موجود ڪونهي. اها سٽ لکندي دل کي ڌڙڪو وٺيو وڃي، هٿ رڦڻ لڳن ٿا، اکين ۾ ڳوڙها ڀرجيو اچن. ڊاڪٽر لاءِ مرحوم لکندي جيڪا تڪليف ٿئي ٿي تنهن جو احساس انهن سڀني کي محسوس ٿيندو، جن ڊاڪٽر سان وقت گذاريو هوندو. موت ايڏو خطرناڪ ڪونهي جيترا موت جا اثر خطرناڪ ٿين ٿا ۽ موت جا اثر، مرڻ واري تي نه پر جيئرن لاءِ عذاب ٿين ٿا، تڏهن ئي وڏڙن چيو آهي ته موت يا ماري يا کاري، پر ڪري به ڇا ٿو سگهجي سواءِ صبر ڪرڻ جي. الله جي رضا تي راضي رهڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ ڪونهي، جو سندس منشا ۽ مرضيءَ جي انسان کي ڪَل ئي ڪا نه ٿي پوي ته ڇا ٿو چاهي؟ ڇا ۾ خوش آهي؟
دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
خاصن خليلن کي، سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
انهي ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
ڊاڪٽر سان پهرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن سول اسپتال ۾ آر ايم او هو. سول اسپتال حيدرآباد جي وڏي گيٽ وٽ سندس آفيس هوندي هئي. آءٌ، حسين شاهه ۽ غازي گڏجي الائي ڪهڙي ڪم سان وٽس ويا هئاسين. ٻي ملاقات 83ع ۾ مخدوم خليق الزمان جي لطيف آباد واري بنگلي تي ٿي، اتي ڊاڪٽر، غلام علي نظاماڻي جي دانهن کڻي آيو هو. غلام علي نظاماڻي تن ڏينهن ضلعي ڪائونسل بدين جو چيئرمين هو، سندس دوست جيڪو پڻ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هو، تنهن کان بدين جي حد مان ڪار ڦر ٿي هئي. وڏيرو بشير هاليپوٽو، نظاماڻي جو مد مقابل هو تنهن ڪري ڦر جي جاچ جو منهن بشير ڏانهن ئي ٿيڻو هو. ڊاڪٽر اسماعيل جو سؤٽ وڏيرو ابو، بشير جو خاص ماڻهو هو، تنهن ڪري انهيءَ ڦر جي ڪري ابو اوڍيجي کي به گرفتار ڪيو ويو. ڊاڪٽر، خليق سائينءَ وٽ پنهنجي سؤٽ جي بيگناهي کڻي آيو هو.
سائين حسين شاهه ۽ فاضل راهو شهيد بدين ضلعي جي ايم آر ڊي جي تنظيم ڪئي ته، بشير لغاري ضلعي سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر اسماعيل ضلعي خزانچي نامزد ٿيا، پوءِ ته ڊاڪٽر سان باقاعده ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. اهي ملاقاتون اهڙيون ٿي ويون جو پوءِ هڪٻئي کانسواءِ سرندي ڪو نه هئي. جلسن جلوس، گڏجاڻين ۽ سفرن ۾ گڏ. جيلن ۽ ريلن ۾ ساڻ. جٺين، تعريفن ۾ ڀائيوار، جنهن کي ڊاڪٽر نه وڻي، تنهن کي مون لاءِ به جهڙي ڊاڪٽر جي جهل. مطلب ته دوستيون دشمنيون ساڳيون. 1986ع ۾ انهيءَ ساٿ ۾ جڳديش به شامل ٿي ويو. ٻاهر ته گڏ هوندا هئاسين پر جي حيدرآباد ۾ ته، روز شام جو جڳديش، جهڻ موريءَ تان موٽندي ٽنڊي ولي محمد ۾ گهر هيٺان اچي موٽر سائيڪل جا هارن هڻي سڏيندو. آءٌ دري مان ئي ڏسندو هئس، مٽي ۾ ڀڀوت ٿيو بيٺو هوندو، چوندو ”ڪيڏانهن نه وڃجان، ڊاڪٽر کي کنيو اچان ٿو.“ وهنجي سهنجي ڊاڪٽر کي کڻي ايندو. سندن اچڻ جو ٻڌي مون واري زال چوندي ته”اچي ويا رات جا راهي.“ پوءِ فجر تائين هيٺ بينچن تي ويٺا هوندا هئاسين. الائي ڪهڙيون ڳالهيون هيون جي کٽيون ڪو نه ٿي. اسر تائين پيو چانهه جو دور هلندو، پهرين منهنجي گهر هيٺان واري هوٽل، پوءِ دير سان وري پريان ڌوٻي گهاٽ جي سامهون واري هوٽل تان پيون چانهيون اينديون هيون. قسمت سان سوير اٿيا ته ٽيئي ساڳئي موٽر سائيڪل تي. چانهه جي هڪڙي قسط ”کدڙا گليءَ“ ۾. گاڏيون ٽنهي وٽ ڪونه هيون، ٽيئي هئاسين جڳديش واري موٽر سائيڪل تي.
ڊاڪٽر سان آخري ملاقات لاهور ۾ ان رات ٿي هئي، جنهن رات جي صبح کان پوءِ ڊاڪٽر سان وري ملاقات ٿيڻي ئي ڪا نه هئي. ان رات آءٌ، قاضي عليءَ سان هوائي جهاز ذريعي لاهور پهتس. ساڳي جهاز ۾ غلام قادر پليجو به هو. ايئرپورٽ تي ملاقات ٿي، ٻڌايائين ته ”لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جو قافلو لاهور پهچي ويو آهي.“ اسين انٽرنيشنل هوٽل تي آياسين. اتي عبدالقادر جوڻيجو به رهيل هو، ان سان ٽي وي جا اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ ملڻ آيا، انهن سان ڪچهري ٿي. ڪچهريءَ کان پوءِ غلام قادر پليجو صاحب اچي نڪتو ۽ اسان کي به پاڻ سان وٺي ويو، سندس هوٽل تي، ڊاڪٽر اسماعيل، فقير محمد لاشاري، جڳديش ڪمار ملاڻي، ارشاد جتوئي ۽ ٻيا به ڪي دوست موجود هئا.
ڪافي دير ڪچهري ٿي پر ان رات خلاف معمول ڊاڪٽر ڏاڍو سنجيده هو. فقير محمد لاشاريءَ جا به هميشه وارا ٽهڪ ڪو نه هئا (لاشاري صاحب جو کلڻ ڏاڍو سهڻو هو سندس ٽهڪن ۾ سچائي هئي.) حيرت جي ڳالهه ته هئي جڳديش جي ماٺ، نه ته جڳديش ڪچهريءَ ۾ هجي ۽ ڪنهن کي چمي نه ڏي، چڪ نه هڻي، سنگتي ڀر ۾ هجيس ۽ چهنڊڙي نه هڻي ته پوءِ سمجهبو ته جڳديش آهي ئي ڪو نه. ان لحاظ کان ان رات ڪچهري ۾ ڄڻ جڳديش هوئي ڪو نه (جڳديش سچو پچو ٿري هو، دل جو صاف ۽ زبان جو کرو، نه ڪو حجاب نه ڪا اٽڪل، جيڪا آيس سا چئي ڏيندو. پ پ جو چريو جيالو، بيگم نصرت ڀٽو صاحبه کي سڳي ماءُ جيان چاهي ۽ بينظير ڀٽو صاحبه کان راکي ٻڌائي پاڻ کي سندس ڀاءُ سمجهي مٿانئس صدقو ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار. ٿر جي وڪالت، وڏيرن، اربابن ۽ راڻن جي مخالفت سندس مشن جو اهم حصو هو.
ڪچهري هلندي غلام قادر پليجي اعلان ڪيو ته ”هاڻ سرزمين پنجاب تي شيخ اياز ٻڌبو.“ پوءِ مون کي شيخ اياز جو ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيائين، مون اياز جون وايون ٻڌايون ته ڊاڪٽر پنهنجي فرمائش ڪئي، ڊاڪٽر کي ”آئون ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن“ ڏاڍو پسندو هو (اهو مون جيل ۾ ڪامريڊ شير خان کان ٻڌو، پوءِ آءٌ دوستن کي ٻڌائيندو هوس). ڊاڪٽر اهو ڪلام ٻه دفعا ٻڌو. لانگ مارچ تي اچڻ کان اڳ واري رات به پليجي صاحب جي ڪلفٽن واري بنگلي تي ڪچهري هئي. ڊاڪٽر اتي به خلاف معمول فرمائش ڪري اهو ڪلام ٻه دفعا ٻڌو، ڄڻ کيس خبر پئجي ويئي هجي ته پنهنجي پسند جو ڪلام وري ڪو نه ٻڌي سگهندو.
اها رات جي ڪچهري اداسيءَ واري احساس سان پوري ٿي، توڻي جو لانگ مارچ جو سڏ واپس وٺڻ جي خبر پئجي ويئي هئي، اها به پڪ هئي ته سڀاڻي سياسي فتح يقيني آهي، اهو ڪم جنهن لاءِ اسلام آباد ڪاهيو هئوسين سو گس ۾ ئي ٿي ويو آهي.
صبح جو قاضي صاحب ڪم ڪاريون لاهي واندو ٿيو ته شام جو اسلام آباد روانا ٿياسين. هوٽل تي ڪمرو وٺي ٽپڙ ٽاڙي لاهي ڪچهريءَ لاءِ فيڊرل لاج ڏي نڪتاسين. فيڊرل لاج ۾ سائين خورشيد شاهه جو ڪمرو آئي وئي لاءِ سُک ۽ سنگت جو مرڪز هو. فيڊرل لاج ۾ چپ هئي، ڪو به نه مليو. حيرت جهڙي ڳالهه هئي، ڪو ته هجي ها. اتان وري مظهر السلام ڏي وياسين، اهو به ڪو نه مليو. وري صلاح ڪري فيڊرل لاج موٽياسين ته من هاڻ ڪو اچي ويو هجي يا ڪنهن کان سنگت جي خبر پئجي وڃي. فيڊرل لاج ڏي ايندي قاضي صاحب کي چيم ”اڄ اسلام آباد جي رات کائڻ پيئي اچي، چوطرف چپ ۽ تاريڪي ڊيڄاري پئي.“ قاضي صاحب چيو ”اسلام آباد جون شامون سدائين اداس ۽ ڪاريون هونديون آهن.“ پر ٻئي انهيءَ ڳالهه تي هئاسين ته ”واقعي اڄوڪي رات وڌيڪ چپ ۽ تاريڪ آهي، ڄڻ ڪجهه ٿيو آهي.“ وڌيڪ شڪ اهو هو ته مارشل لا نه لڳي ويئي هجي. نواز شريف ۽ محترمه بينظير گرفتار نه ڪيا ويا هجن. “ مطلب ته ٻنهي کي پڪ هئي ته ڪجهه ٿيو ضرور آهي، پر ڇا ٿيو، تنهن جي خبر تڏهن پئي جڏهن فيڊرل لاج پهتاسين. استقباليه وارن کان پڇيوسين ته ڪو آيو؟ چيائون سائين خورشيد شاهه ڪراچي ويل آهي، باقي ميراڻي صاحب ۽ عبدالله شاهه هاڻ آيا آهن، پنهنجي ڪمري ۾ ويا آهن.“ عبدالله شاهه جو ڪمرو هيٺ هو. اوڏانهن وڃي در کڙڪايم، پريشان چهري سان ٻاهر نڪتو، مون کي ڏسي چيائين ”بيڊ نيوز اسماعيل گذاريو ويو.“ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. چيم ”ڪهڙو اسماعيل؟“ چيائين ”پنهنجو اسماعيل، ڊاڪٽر اسماعيل، لاهور کان آيا پئي، گوجر خان وٽ ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، ڊاڪٽر ۽ فقير محمد لاشاري وفات ڪري ويا آهن باقي جڳديش ۽ پليجو زخمي آهن.“
ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارو ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان.
ڊاڪٽر سان لاهور واري ملاقات آخري هئي، پوءِ ڊاڪٽر ان سفر ڏي روانو ٿيو جتان ڪو به نه موٽيو آهي. ٻين جي ته لانگ مارچ ختم ٿي پر ڊاڪٽر لانگ مارچ ڪندي وڃي ازل اورانگهيو.
اوري هئا ته آئيا، جيڪس ويا پري،
ساٽي سڏ ڪري، ماڳ نهاري موٽيا.
ڊاڪٽر ڪچهرين جو راڻو هو، موت کي به سندس ڪچهرين جي سڪ ٿي، تنهن وڃي پنهنجو مهمان ڪيس. موت بيشڪ ماريندو آهي پر ڪي ماڻهو موت کي ماريندا آهن، پنهنجي ڪمن سان پنهنجي ڳالهين ۽ يادگيرين سان. ڊاڪٽر به زندهه رهندو، ڪچهرين ۽ تذڪرن ۾، سندس ٻڌندڙ کيس هر جلسي ۾ ڳوليندا. سندس ساٿي هر هلچل ۾ کيس ساريندا. ڊاڪٽر وسرڻ جو ناهي، ڊاڪٽر پلن، ڏينهن ۽ سالن ۾ صدين جا قصا ڇڏي ويو آهي ڪرڻ لاءِ.
وييون پٻ پئي، کيرون کاهوڙين جون،
آئون تن ڏوٿين جو، پڇان پير پهي،
رُڃن رات رهي، ڏونگر جن ڏوريا.
ڊاڪٽر مقرر به واهه جو هو. پاڻ روئندو هو ته سندس ٻڌندڙ به روئي ڏيندا هئا، ٻڌندڙن کي کلائيندو هو ته پاڻ به پيو ٽهڪ ڏيندو هو. بي ريا هو، چاپلوسي ڄاڻيندو ڪونه هو. محڪومن مان هو پر حاڪمن جي ٻوليءَ کان گهڻو واقف هو. ماڻهن جي ڏکن تي ڏکارو ٿيندو هو، روئي ڏيندو هو پر پنهنجا ذاتي سور ڪو نه سليندو هو، سندس ڏک سک جي خبر ئي ڪو نه پوندي هئي. پنهنجي محرومين جو ماتم ڪو نه ڪندو هو.
هر وقت کلڻ ۽ کلائڻ جو ڪوڏيو، ڊاڪٽر سنجيده گفتگو به گهڻي ڪندو هو. مغز کپائڻ ۽ مٿي ڳري ڪرڻ وارا موضوع ته ڄڻ روحاني خوراڪ هئس. سائنسي دنيا جو ماڻهو هو پر معاشيات (جنهن سان سندس پري جو واسطو ڪو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيو) جو ڄاڻو هو، اسيمبليءَ ۾ توڙي اسيمبليءَ کان ٻاهر گئلري مان پنهنجن ساٿين جي سياسي مسئلن توڙي بجيٽ جي انگن اکرن جي سلسلي ۾ به مدد ڪندو هو. اخبار ۾ بجيٽ تي تنقيدي مضمون لکندو هو. بجيٽ تان ياد آيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعزاز به ڊاڪٽر کي ئي حاصل ٿيو.
ڊاڪٽر کي پڙهندي گهٽ ڏسبو هو پر ڳالهائيندو دنيا جي هر موضوع تي هو. آبپاشي تي ڳالهائيندو هو ته آبپاشي جو جهونو ماهر لڳندو هو. آبپاشي تي مضمون به لکيائين، ته هڪڙو ڪتاب به ترتيب ڏئي رهيو هو. وزارت جي دوران، هڪڙي گڏجاڻيءَ ۾ سکر بئراج جي دروازن جي تبديلي تي ڳالهائيندي دوستن کي حيران ۽ آبپاشي جي جهوني سيڪريٽري کي پريشان ڪري وڌائين.
ڊاڪٽر هلندي گهمندي جهان جي شين تي به پيو تبصرا ڪندو هو. سندس تبصرا ۽ تشبيهون به ڪمال جون هونديون هيون. موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان جملي بازي ۽ حاضر جوابي به واهه جي ڪندو هو. بدين ضلعي جي گروپ بندي کيس ڏاڍو پريشان ڪيو، سندس مخالفن کي پارٽي جي وڏيرن جي حمايت حاصل هئي، کيس بدين ضلعي جو شهري تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو، انهيءَ ڪري ئي کيس حيدرآباد شهر جي سياسي اسيرن واري ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪرايو ويو.
ڊاڪٽر کي ضلعي ميٽنگ ۾ سوچي سمجهي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو، ايستائين جو کيس پنهنجي سڳي سؤٽ سان ملڻ تي به وڏي وٺ سهڻي پيئي. اهڙي ئي تنقيد جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر گڏجاڻي ۾ چيو ”ٿوري دير پهرين مون تي سخت تنقيد ڪئي ويئي آهي ته آءٌ ابو سان ملان ٿو، سندس گهر وڃان ٿو وغيره وغيره، آءٌ تسليم ٿو ڪريان ته اهو سچ آهي پر آءٌ پنهنجي مخالف کي چوان ٿو ته ابو جو چاچو منهنجو پيءُ آهي ۽ جيڪڏهن غلام علي نظاماڻي جو چاچو سندس (مخالف جو) پيءُ آهي ته کيس غلام علي سان ملڻ جي آزادي آهي.“ (انهي مخالف دوست ڊاڪٽر تي تنقيد ڪري پنهنجي غلام علي نظاماڻي سان تعلق کي درست پئي ثابت ڪيو)
سائين حسين شاهه 1986ع ڌاري ڊاڪٽر ۽ مون تي مهربان هو، گهڻو ڪري ڊاڪٽر ته سندس جملي بازي کان آجو ڪو نه هو. انهن ڏينهن سائين حسين شاهه، خليق سائينءَ جي خاص نورتن مان ۽ اسين عتاب زده ٽولي مان هئاسين. انهن ڏينهن اسين ذهني سائبريا ۾ ڏينهن گذاري رهيا هئاسين. 86ع ۾ محترمه ڪوٽڙيءَ جي دوري تي آئي ته حاجي محمد صديق شوري جي بنگلي تي سنگت جو وڏو ميڙ هو، سائين به پنهنجي مشغلي ۾ لڳو پيو هو يعني ڊاڪٽر ۽ ٻين مخالفن تي تبصرا ۽ تبرا جاري هئا، ته ڪنهن سائين حسين شاهه کان پڇيو ته ”سائين ايڊيشنل خزانچي ڇا آهي؟“ سائين تازو سنڌ پ پ جو ايڊيشنل خزانچي نامزد ٿيو هو. ڊاڪٽر سوال ٻڌي چيو ”آءٌ ٿو ٻڌايان ته ايڊيشنل ڇا آهي. گڏهه گاڏي ۾ گڏهه سان گڏ هڪڙي پخ به ٻڌل هوندي آهي. گاڏي جو بار ته سمورو گڏهه تي هوندو آهي پر پخ جي ٽور اهڙي هوندي آهي جهڙو سمورو بار انهيءَ پخ تي هجي، انهي گاڏي ۾ پخ کي ايڊيشنل چئبو آهي.“
ايم آر ڊي جو پهريون جلسو بدين ۾ ٿيو، اهو تحريڪ جو سنڌ ۾ به پهريون جلسو هو، انهيءَ جلسي جو انتظام به ماتلي ۾ ڊاڪٽر ۽ سندس دوستن ڪيو هو. انهيءَ جلسي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن به ڀرپور شرڪت ڪئي هئي. عوامي تحريڪ جا ڪارڪن شرڪت کي وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ نعرن جي وڏي وٺ وٺان ڪندا آهن. انهيءَ جلسي ۾ به نعرا اهڙا پئي هنيائون جو لڳو پئي ته اهي ئي ويٺا آهن ٻيو ڪو آهي ئي ڪو نه. ٻين نعرن سان گڏ ”هاري جاڳيا هاري ڙي، ڀڄ وڏيرا ڀاڙي ڙِي“ واري نعري تي وڏو زور هئن. کين سمجهايو ئي اهو ويو هو ته سندن پارٽيءَ کانسواءِ سڀ پارٽيون وڏيرن جون آهن، پ پ جا اڳواڻ آيا ته اهو نعرو اڃا به زور وٺي ويو. جلسي جو مهمان خصوصي مخدوم خليق الزمان هو، فاضل راهو شهيد ۽ ٻيا صوبائي ۽ مقامي اڳواڻ به هئا. نعرن جو به زور هو ته تقريرون به وڏي جوش واريون هيون پر تقريرن کي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن نعرا هڻي روڪي ٿي وڌو. نعرو هڪڙو ئي ته ”هاري جاڳيا هاري ڙي، ڀڄ وڏيرا ڀاڙي ڙي!“ جڏهن نعرن گهڻو تنگ ڪيو تڏهن ڊاڪٽر اٿي مائيڪ تي چيو ”ساٿي اوهان جي وڏي مهرباني، اوهان کي وڏيرو فاضل چوي ٿو جلسو صبر سان ٻڌو.“ (عوامي تحريڪ جا دوست هڪٻئي کي ساٿي چوندا هئا ۽ فاضل پنهنجي علائقي توڙي عوامي تحريڪ ۾ وڏيرو سڏبو هو.)
ضياءُ الحق جي سموري دور ۾ ڊاڪٽر وڏي همت جو مظاهرو ڪيو، سڄي سنڌ ۾ آمريت خلاف قول ۽ فعل سان جدوجهد ڪندو رهيو. هر جاءِ تي سندس تقريرن جو هُل هو. ڄام صادق دور جا وڏا واڪ به کيس ڪمزور نه ڪري سگهيا ۽ نه ئي ڄام جي دهشت کيس ڊيڄاري سگهي. سجاول جي باءِ اليڪشن هجي يا ڳڙهي خيري جي چونڊ وارو معرڪو، ڊاڪٽر پوئتي ڪو نه هو. سڄي سنڌ ۾ سندس گجگوڙ پي پئي. مٺيءَ ۾ محترمه بينظير صاحبه جي جلسي جو پروگرام ٿيو ته جلسي جي ميزبان جڳديش ڪمار ملاڻيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جلسي جو انتظام جڳديش جي مائٽن ۽ دوستن ڪيو، وڏو ڪامياب جلسو ٿيو. جلسي ۾ ڊاڪٽر جي تقرير به ڏاڍي پسند ڪئي وئي. ڊاڪٽر جي تقرير جو هڪڙو لطيفو ڏاڍو مقبول ٿيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ”هڪڙو همراهه پنهنجو گڏهه رستي تي بيهاري ڊگڊگي وڄائي اعلان ڪري رهيو هو ته جيڪو به ماڻهو منهنجي گڏهه کان ”نه“ ڪرائيندو تنهن کي سئو رپيا انعام ڏيندس. اعلان ٻڌي ڪافي ماڻهو ايندا ويا ۽ پنهنجي پنهنجي ڳالهه ڪندا ويا پر هر ڳالهه تي گڏهه ڪنڌلوڏائي ”ها“ ڪندو رهيو. آخر هڪڙو ماڻهو آيو تنهن گڏهه کي ڪن ۾ ڪجهه چيو، ته گڏهه هينگون ڏئي نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ گڏهه جو مالڪ پريشان. گڏهه جي مالڪ ان ماڻهوءَ کان اها ڳالهه پڇي جنهن تي گڏهه ”نه“ ڪئي. ماڻهو چيو ته پهرين ته شرط وارا سئو رپيا ڏي ۽ پوءِ ڳالهه ٻڌائڻ جا سؤ رپيا ڏيندين ته ڳالهه ٻڌائيندس. گڏهه جي مالڪ ٻه سؤ رپيا ان ماڻهو کي ڏنا. ماڻهو چيو ته مون گڏهه کي چيو ته ڄام صادق جو وزير ٿيندين ته گڏهه هينگون ڪري چيو ته ”نه نه!“
ڊاڪٽر گندي ۽ گراهه جو شوقين ڪو نه هو، نه بک جي ڪري پاڻ کي ڪيرائيندو هو نه ئي پراون ٺٺن ٺانگرن کان متاثر ٿيندو هو. چوندو هو ته ”ناشتو ڪريان ڪو نه، ٻنپهرن جو ملي ته کائبي، باقي رات جي ياد پئي ته ڍئو تي کائبي جي وسري ويئي ته ٺهيو.“
ڊاڪٽر بجيٽ تي مٿي کپائڻ واري مضمون سان گڏ سياسي ڪالم به لکيا. سندس ڪالمن ۾ به سندس گفتگو وانگر مزاح جو عنصر شامل هو. کيس گهڻو لکڻ جو وقت ملي ها ته سنڌي ادب ۾ مزاح ۽ تنقيد ۾ بهتر واڌارو ٿئي ها. ڊاڪٽر ذاتي زندگيءَ ۾ ته ايمانداري سان وقت گذاريو پر سياسي وابستگي ۽ پنهنجي سوچن جي حوالي سان ته ديوانگي جي حد تائين سچو ۽ پرخلوص هو. پارٽيءَ جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي آغاز کان آخر تائين هڪ لمحي لاءِ به پارٽيءَ جي ڪمن کان ٿڪي مايوس ٿي پاسيرو ڪو نه ٿي ويٺو.
جان جان هئي جيئري، ويٺي نه ويساند،
لڙهي لهرن پاند، ميائي ميهار ڏي.
چوندو هو ته ”دل پسند حالتون هر ماڻهو کي ميسر ٿي ڪو نه سگهنديون، تنهن ڪري حالتن جي انتظار ۾ خاموش ٿي وقت وڃائڻ پنهنجي مقصد سان غداري آهي.“ هن اڪثر پارٽيءَ جي ڪمن ۾ پنهنجي ذاتي مجبورين ۽ تڪليفن کي ڪو نه ڏٺو، جتي به سڏ ٿيس پهتو، جيڪو ڪم به مليس جنبي ويندو هو ان ۾، ڏينهن جا ڏينهن گهر ۽ ٻارن کان بيخبر رهي به پنهنجي ڪم سان نڀائيندو هو. ڀٽي صاحب جي شهادت تي نوڪري تان استعيفيٰ ڏنائين. پارٽي ۽ ايم آر ڊي جي ذميداري مليس ته سڀ ڪم ويس وسري.
پارٽيءَ جو سچو سپاهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو وفادار ساٿي هو. پارٽي ۽ قيادت سان سچائي اجائي ڪو نه ويس. ورڪرن ۾ به سندس وڏي عزت هئي ته قيادت به کيس ڪو نه وساريو. ايم پي اي ٿيو، وري وزير به ٿيو، وزارت ۾ به اهميت وارا کاتا، صحت ۽ خزاني جا کيس مليا. اها به حقيقت آهي ته سندس ڪمائي قبول پئي، جيئري به ماڻهن ۽ دوستن جي محبتن جو مرڪز هو ۽ مئي پڄاڻان به پارٽيءَ جي قيادت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه توڙي سندس دوستن سندس وڏي يادگيري ڪئي. اها ڀاڳن جي به ڳالهه آهي ورنه ڪيئي تاريخ ساز شخصيتون، قومي تاريخ جا سونهان فرد اڄ گمنام ٿي ويا آهن، سندن پونيئرن جي ڪو به پرگهور لهڻ وارو ڪونهي.
ڊاڪٽر اسماعيل، جهاز کي معصوم ٻارن وانگر ڏسندو هو، ڊفينس ۾ ظهور سريوال جي بنگلي تي رات جو ڇت تي وڃي ويهندو هو جو اتان جهاز لهندي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندا هئا. جهاز جون بتيون ڏسي الائي ڇو واتان نڪري ويندو هوس ته ”ماٺ ڪريو جهاز پيو اچي.“ حيدرآباد کان ڪراچي ويندي اڪثر جهاز ڏسندو هو. جهاز ڏسي منهنجو ڌيان به جهاز ڏي ضرور ڇڪائيندو هو ”استاد، هو ڏس جهاز پيو اچئي!“ جهاز ڏسڻ واري ڳجهارت به ان ڏينهن ڀڳي جڏهن سندس مڙهه جي انتظار ۾ ڪانڌي اُڀ ۾ اکيون وجهيو بيٺا هئا.“ ڊاڪٽر جو مڙهه، اسلام آباد مان جهاز ذريعي پئي آيو. اتفاق اهو به هو ته رات جو وقت هو، جهاز جون پريان بتيون ڏسي، ڳالهائيندڙ سڀ چپ ٿي ويا، ڄڻ اسماعيل چوندو هجين ته ”چپ ڪريو جهاز پيو اچي!“ جهاز آيو، پر منجهانئس کلندڙ چهرو نمودار نه ٿيو، ڊاڪٽر پاڻ لڏندي ڪو نه لٿو پر کيس هٿن تي کڻي لاٿو ويو، ڊاڪٽر جي خاموشي ۽ بيجانيءَ تي ڪنهن به اعتبار ڪو نه ٿي ڪيو. ڪوثر ڀٽي صاحب چيو ”لڳي ٿو ڄاڻ ڊاڪٽر چرچو ڪري اٿندو.“ پر انهي ننڊ مان اڳ ڪير جاڳيو آهي جو ڊاڪٽر جاڳي ها. ڊاڪٽر ٿوري عرصي لاءِ آيو، پاڻ سان ڪيئي خوبيون کڻي آيو. هو ته ڪچهرين، جلسن، جلوسن جي رونق هو، ويو ته هر اک کي اشڪبار ڪري ويو، ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڳالهيون ڇڏي ويو.
سندس ڪانڌي، لاش کڻي ماتلي روانا ٿيا ته ايئرپورٽ کان وٺي مقام تائين وڏڦڙو وسندو هليو، کيس مائٽاڻي ڳوٺ ۾ پوري وريا ته ڪانڌين جون اکيون به آليون هيون ته پاڻ به پسيل هئا، ڄڻ آس پاس جو ذرو ذرو ڊاڪٽر لاءِ نير وهائي رهيو هو.
هي جو بادل ڀرجي ڀرجي
تنهنجي قبر تي برسيو آهي
ماڪ ڦڙا آڪاش وسائي
ڳايو تنهنجو مرثيو آهي
سنڌ ديس جي ڌرتي تنهنجي
جهوريءَ ۾ اوڇنگاريو آ
موت نه توکي ماري سگهندو
موت کي توئي ماريو آ.