هڪ مستانو شهيد ڀٽي جي تصوير ڏسي زارو زار روئندو رهيو
رات دير تائين ڪچهري ۽ راڳ جي محفل هلي. پير جان محمد ڏاڍا سٺا اردو گانا ٻڌايا، آخر ۾ هو جمالو به ٿيو، سڀني دوستن جمالو ۾ حصو ورتو، پر شير خان لنڊ جو ٺيٺ سنڌي نچڻ واهه جو هو. صبح جو سوير اک کلي اٺين وڳي ڌاري ناشتو ڪيوسين. وارڊ ۾ اوچتو ڪارن ڪپڙن پاتل هڪڙو مستانو اچي نڪتو، ڪافي دير تائين چرين واريون حرڪتون ڪندو رهيو، وري اچي کل ۾ پيو، کلندي کلندي روئڻ لڳو. برداشتي منٿن سان خاموش ڪرايس. سردار خان پاسيرو ٿيو پيو هو، مستاني وڃي ان کي زور ڏيڻ شروع ڪيا. مستاني کي ڳالهائڻ ڪو نه ٿي آيو. سندس ٽٽل ڦٽل جملا سمجهه ۾ ڪو نه ٿي آيا. زور ڏيندي اٿيو، ورانڊي مان ٻاهران چڪر ڏيئي وري اچي روئڻ شروع ڪيائين. ڪامريڊ شير خان چيو ته لڳي ٿو: ڀٽي صاحب جي تصوير ڏسيو ٿو روئي. وارڊ جي ورانڊي ۾ پير معظم ڀٽي صاحب جون 2 تصويرون ڀتين تي ڪوئلي مان ٺاهيون آهن. ڪامريڊ سچو هو، ٿوري دير کان پوءِ مستانو اٿيو ۽ ورانڊي ۾ تصوير جي سامهون بيهي سلوٽ ڪرڻ لڳو. ڪافي دير سلوٽ ڪندي بيٺو رهيو ۽ وري اچي روئڻ ۾ پيو. سڏ ڪري مستاني کي پاسي ۾ ويهاري پڇندا رهياسين، ته هن فوٽو کي سڃاڻين ٿو؟ هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ هڻي ها ڪيائين. پڇيوسين ڪنهن جو آهي؟ گگ ڳاڙيندي ڏند ڀڪوڙي وڏي مشڪل سان چيائين: ذوالفقار علي ۽ پوءِ اٿيو وڃي تصوير کي سلوٽ ڪيائين ۽ پوءِ ڪافي دير تائين روئندو کلندو رهيو ۽ ويو هليو.
پير معظم تصويرون سٺيون ٺاهيندو آهي. وارڊ ۾ ڀٽي صاحب جون ٻه تصويرون به ديوارن تي ٺاهيون اٿس. سردار خان جي تصوير سڀني سنگتين جي توجهه جو مرڪز آهي، تر به اصل کان مختلف ڪونهي. پير معظم حيدرآباد جيل ۾ به ڀٽي صاحب جون مختلف وارڊن ۾ تصويرون ٺاهيون هيون. ڀٽ شاهه جي راجه راهو به سٺي تصوير ٺاهي هئي. اسان جي وارڊ ۾، تقريباً هر وارڊ ۾ سامهون واري ڀت تي ڀٽي صاحب جي وڏي تصوير ٺاهي ويئي هئي. جيل ۾ هينئر ٻي جيڪا تصوير مشهور آهي سا سنڌ جي نوجوان مصور محمد علي ڀٽي جي ٺاهيل لاکيڻي لطيف جي تصوير آهي، جنهن جي تازو سنڌيالاجي ۾ رونمائي ٿي آهي. آءٌ اسپتال ۾ هئس ته اها تصوير اخبارن ۾ شايع ٿي هئي. اها تصوير گهر وارا مون کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيا، ڏاڍي پياري تصوير هئي. وڏي تصوير فريم ڪرائڻ لاءِ گهر وارا کڻي ويا، ننڍڙي مون پاڻ وٽ رکي. اسپتال مان جيل آيس ته منير چيو ته تولاءِ سوکڙي رکي اٿم ۽ پوءِ ڪڍي اها تصوير ڏنائين، ٻڌايائين ته تصوير ٻاهر موڪليان ٿو فريم ڪرائڻ لاءِ، گهر ۾ رکندس. غازي خيرپور مان بدلي ٿي آيو ته ان تصوير جي تعريف ڪيائين ۽ وٽس به اها تصوير هئي. شير خان ۽ مون اها تصوير حيدرآباد ۽ نارا جيل جي ڪمري ۾ لڳائي. ڊپٽي جي ٽيبل ۾ به اها تصوير هئي. ڀٽائي ڀلاري جي تصوير جي مقبوليت ڀٽ ڌڻيءَ سان ته عشق جو اظهار آهي ئي پر ان تصوير جي مقبوليت تخليقڪار محمد علي ڀٽيءَ لاءِ به خراج تحسين آهي.
صبح کان وٺي جهڙڪار ڪيو بيٺو هو، ڏهين وڳي ڌاري سنهڙي بوند شروع ٿي ٻارهين وڳي ڌاري وسڪارو. دوست وهنجندا ۽ والي بال کيڏندا رهيا. وارڊ کان ٻاهر ڏاڍي گپ هئي، گپ به ڪلراٺي بڇڙي گپ. نثار بلوچ، علي محمد جتوئي ۽ ٻيا دوست پٺن ۽ پيرن اگهاڙا اچي نڪتا. ملڪ صاحب وارا ڪو نه آيا. ماني سڀني کي گڏجي کائڻي هئي سو، پيرن اگهاڙا ترڪڻ کان بچندا وڃي ملڪ صاحب وارن کي وٺي آياسين. ماني گڏجي کاڌي سين. اڍائي وڳي سنگت ڪچهري ڪري وارڊن ڏانهن وري. ڇهين وڳي وارڊن ۾ راند روند شروع ٿي ويئي. تاش راند تي اٿ ويهه جي شرط هئي. ستار ۽ پير اعجاز 3 ڀيرا اٿ ويهه ڪئي. سردار خان اٿ ويهه ۾ مزو ڪندو آهي. پهلوان مڙس ويهي ڪو نه سگهي، پوءِ گوڏن تي هٿ رکي رڳو هيٺ مٿي پيو ٿيندو آهي. سنگت پئي کلندي آهي. سردار خان اڄ به اٿ ويهه ڪئي ۽ پير معظم ۽ سردار جي ڀاءُ آصف کان مقابلو کٽي کين به اٿ ويهه ڪرائي. هنن اٿ ويهه ڪئي ته سردار وٺي هڪلون ڪيون. توبهه توبهه جا نعرا بلند ڪيا. سردار ۽ آصف في سبيل الله ضد ۾ آهن. ٻنهي کي هڪٻئي کي ڏکيو ڪرڻ ۾ لطف ايندو آهي. مقابلا هلن پيا ۽ شڪيل پٺاڻ خيري سلي اڇي چادر وجهو سنئون سڌو ستو پيو آهي.