آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

پي اين اي جي مخالفت ۽ حسين شاهه جي داستان گوئي

(24- فيبروري 1984ع)
رات جا 10 ٿيڻ وارا آهن. ڪالهه رات به بجلي ڪا نه هئي. اڄ به ڪافي ڪوشش جي باوجود لائٽ ڪو نه آئي. ڪالهه وانگر اڄ به 8 وڳي بند ٿيا آهيون. هينئر 3 لالٽين ڏيئي ويا آهن. هڪڙو صفدر جميل وارن پاڻ وٽ رکيو آهي. اهي لوڊو راند ويٺا کيڏن. ٻيو عالم شاهه وارن جي پاسي بئرڪ جي در تي پيو آهي. عالم شاهه وارن جي پاٿاري تي عرس خاصخيلي گيت ويٺو ٻڌائي. عطا ۽ آءٌ لالٽين وچ ۾ رکيو ويٺا لکون.
ڪالهه ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. ٻنپهرن جو ذلف ۽ اختر ملاقات تي آيا. اڄ پروگرام موجب جنرل باڊي جي گڏجاڻي ٿي. بئرڪ 9 ۾ پير معظم وارن وٽ دوست گڏ ٿيا. عالم شاهه، منير ڀرڳڙي، ڪامريڊ شمس الدين ميمڻ ۽ عابد زبيري تقرير ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته 27 تاريخ علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي.
گڏجاڻيءَ کان پوءِ خانصاحب، عالم شاهه، عطا ۽ آءٌ گڏجي محب شاهه ڏي وياسين، نقوي صاحب به ويٺو هو. ڪچهري ۾ نقوي صاحب پنهنجي عادت موجب شهيد ڀٽي ۽ پ پ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. نقوي عادت موجب تنقيد ضرور ڪندو آهي ۽ محب شاهه دستور مطابق وڙهڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. ٻئي لفظن جي ڇتي ويڙهه ۾ مصروف ٿي ويا. محب شاهه گهڻو ڪري تنقيد جي جواب ۾ پي اين اي جي حمايتن سان جٺيون ڪندو آهي. گڏجي سڏجي کين بس ڪرائي سين. نقوي چيو ته ”اسين محسوس ٿا ڪريون ته پ پ جا ڪارڪن پي اين اي جي تحريڪ کي وساري نٿا سگهن ۽ انهن پارٽين سان شديد نفرت ٿا ڪن. ايم آر ڊي ۾ شامل پي اين اي جي حمايتي جماعتن جا اڪثر ساٿي اها ڳالهه ڪري پ پ تي احسان جتائيندا آهن ته هو ايم آر ڊي ۾ شامل ٿيا آهن. اسين اهڙن دوستن جون ڳالهيون ٻڌي ظاهري طرح منافقي کان ڪم وٺندي کين پرچائيندا آهيون ۽ کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اوهان سان اسان کي ڪا به نفرت ڪونهي، بلڪه اوهين اسان کي پنهنجن ٻچن کان به مٺا آهيو. مون وچ ۾ مداخلت ڪندي نقوي صاحب کي سمجهائڻ لاءِ چيو ته ”اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي. اسان سياست جي ضرورتن کي محسوس ڪندي هر ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ۽ پي اين اي جي ڪجهه پارٽين سان ته پ پ پ جي ڪارڪنن جي ياري ٿي ويئي آهي ۽ نوابزادو نصرالله خان به انهن محبوبن مان آهي. باقي پي اين اي جي تحريڪ جي ذڪر تي پ پ وارن جو جذباتي ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تحريڪ جا ڏنل ڦٽ پراڻا ڪو نه ٿيا آهن. انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ سنڌ خاص طور تي، سموري ملڪ عام طور جيڪي عذاب سٺا آهن تن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. ملڪي سياست ۾ تشدد جو آغاز انهيءَ تحريڪ کان ٿيو، سياست کي دشمني ۾ انهيءَ تحريڪ بدلايو. اها تحريڪ لساني نفرت جو باعث بڻي. انهيءَ تحريڪ دوران شهيد ڀٽي کي ”سنڌي وڏيرو“ چئي سندس حڪومت ختم ڪرڻ ۽ کيس ڦاسيءَ ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا. انهي تحريڪ جي نتيجي ۾ پ پ جي ڪارڪنن جي محبوب ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي آئي. ڦاسيءَ تي شهرن ۾ مٺايون ورهايون ويون. شهرن ۾ دڪانن ۽ رستن تي ڀٽي صاحب جي تصوير کي رسن جون ڦاسيون ٺاهي لٽڪايو ويو. انهيءَ تحريڪ جو ظلم رڳو ڦاسي تي ختم ڪو نه ٿيو پر ڦاسيءَ کان پوءِ ڀٽي خاندان، سنڌ جي مسڪين ماروئڙن ۽ پنجاب جي پ پ جي پرجوش ڪارڪنن جيڪي سور سٺا آهن تن جي تذڪري لاءِ ته ڪيئي ڪتاب درڪار آهن. موجوده تحريڪ ۾ به سنڌ ۾ جيڪو تشدد ڪيو پيو وڃي اهو به انهيءَ انسان ۽ جمهوريت دشمن تحريڪ جو ئي تسلسل آهي. پوءِ ڀلا پ پ جو ڪارڪن پي اين اي جي تحريڪ جي تذڪري تي جذباتي ڪيئن نه ٿيندو ۽ ڪيئن ڀلا پي اين اي کي وساريندو؟ عباس نقوي ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ بيزاريءَ مان چيائين ته ”اوهين بلڪل صحيح ٿا چئو پر منهنجو ڏوهه ڪونهي، دراصل آءٌ گهڻا ماڻهو ڏسي پريشان ٿي ويندو آهيان. گهڻن ماڻهن ۾ رهي نه سگهندو آهيان ۽ نه ئي گهڻو بحث مباحثو ڪري سگهندو آهيان. آءٌ ان طبيعت جو آهيان ته مون کان اڪيلائي وارو ڪم ورتو وڃي. آءٌ ڪنهن ڪمري ۾ ويهي ڊرافٽنگ ڪرڻ جو ماهر آهيان. قرارداد يا اهڙو ڪو مواد جيڪو هڪ وقت گهڻين ڌرين کان متفقه طور پاس ڪرائڻو هجي ته آءٌ اهڙو ڪاميابي سان لکي ويندس“ ۽ پوءِ ٻڌايائين ته ايم آر ڊي جو افغانستان متعلق ٺهراءُ ۽ ٻيا به سمورا ٺهراءُ سندس ئي لکيل آهن.
اتان اٿي بئرڪ ڏي آياسين، لائٽ ڪو نه هئي. آفتاب رضا ۽ خانصاحب ٻاهر بيٺا هئا. 8 وڳي تائين ٻاهر ڪچهري ڪئي سون. ڪچهرين ۾ حيدرآباد جا دوست ويٺا هوندا آهيون ته سائين حسين شاهه جو ذڪر ضرور نڪرندو آهي ۽ اڄ به ذڪر اهو ئي نڪتو. حسين شاهه پاڻ نه هجي ته سندس ڳالهيون ضرور هونديون آهن. سندس تبصرا ۽ تشبيهون سڀني دوستن کي کلايو وجهن. سندس ڳالهيون رڳو کلائڻ واريون نه پر حيران ڪندڙ هونديون آهن. جنهن جو ذڪر ڪندو تنهن جي ڏاڏي کان ٿي بيهندو، جڳن جو ڳالهيون ڪندي پاڻ به جڳن جو لڳندو آهي. ڳالهه ايئن ڪندو جهڙو اکين ڏٺو شاهد هجي، تڏهن سنگتي چوندا آهن ته سائين گانڌيءَ سان لوڻ واري تحريڪ ۾ شريڪ هو پر اڃا تائين ڇوڪرو لڳو پيو آهي. شايد قيامت جا تڏا ويڙهيندو. حسين شاهه ٻڌائيندو آهي ته ٽنڊي مير محمود کان ٻيڙيءَ ۾ ويهي ڄامشوري تائين ويندا هئاسون ۽ تڏهن ڄامشوري واري پل ڪو نه هئي. هڪ ڏينهن مخدوم خليق الزمان سان ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي قبي وٽان پئي لنگهياسون ته سائين حسين شاهه هڪڙي اسڪول ڏانهن اشارو ڪندي مخدوم صاحب کي ٻڌايو ته توهان هن اسڪول ۾ هيترا سال پڙهيا آهيو. مخدوم صاحب حيرانگيءَ مان پڇيو: اها ڳالهه اوهان کي ڪنهن ٻڌائي ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جي رڳو مون کي خبر آهي.
ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب سان گڏ سکر مان پئي موٽياسين ۽ ڪنڊياري ۾ خشڪ دوستن وٽ مانيءَ لاءِ ترسياسين. ته اتي سائين مراد شاهه به اچي نڪتو. ڪچهري ڪندي حسين شاهه، مراد شاهه کان پڇيو ته سائين اوهان جي والد صاحب روزانو صبح جو گل ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو اهو اڃا هلي رهيو آهي يا بند ٿي ويو؟ مراد شاهه ڳالهه ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو، چيائين ته اهو سلسلو جاري آهي. روزانو صبح جو گل ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ اماڻيندا آهيون. پوءِ ته حسين شاهه آهستي آهستي مراد شاهه کي سندس ڪاروبار ۽ ملڪيتن جو ٻڌائڻ لڳو. مراد شاهه حيران هو ۽ سنگت مرڪي رهي هئي.
هڪ دفعي ايم آر ڊي جي تنظيم سازي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪامريڊ فاضل راهو ۽ سائين حسين شاهه دادو ويا. فاضل راهو اتان لاڙڪاڻي هليو ويو ۽ پنهنجي هڪ دوست کي چيائين ته حسين شاهه کي حيدرآباد وٺي وڃجو. پر فاضل جي وڃڻ کان پوءِ اهو دوست حسين شاهه کي دادو ۾ ئي ڇڏي ويو هليو. سائين جيئن تيئن حيدرآباد پهتو، اسان سان احوال ڪيائين. چيائين پهرين خبرون وٺان ته اهو ڪامريڊ جو سنگتي آهي ڪير! تنهن کان پوءِ انهيءَ سان پلاند ٿيندو. ٻئي ڏينهن سائين مليو ته انهي همراهه جي اچي ڏاڏي کان ٿي بيٺو. ٻڌايائين ته اهو اڳوڻو تپيدار آهي. دادو مان فاضل جي سنگت ۾ لڏي هتي آيو آهي، بدين ۾ به رهيو آهي، هيتري هيتري زمين سرڪاري ڦٻائي اٿس. وري اچي کليو ۽ چيائين ته ”تپيدار جو ٻڌي باهه جهڪي ٿي وئي آهي، غلطي ڪامريڊ ڪئي جو پوءِ ڍائي جي حوالي ڪري ويو، هن کي ڪهڙي خبر ته پاڻ ڪهڙي بلا آهيون. اهو پنهنجو پلاند ڪامريڊ ڏي ٿيو.“
سکر جيل بدلي ٿيڻ کان اڳ ۾ سندس پٽ ملاقات تي آيا. ملاقات تان ٿي آيو ته ضياءَ تي گار جي رئي هجيس، پڇيوسين خير ته آهي؟ چيائين ”اڄ ٻار مون کي شيخن اندر ڏسي حيران هئا. ڇو جو گرفتاري کان هڪ ڏينهن اڳ کين گهمائڻ راڻي باغ وٺي ويو هوس، اتي ڀولڙن کي پڃرن ۾ ڏٺو هئوسين، اڄ وري مون کي پڃري ۾ ڏٺئون ته حيران هئا ته بابا ڇو ڀولڙن واري پڃري ۾ بيٺو آهي“ سائين هتي هو ته جڳن جون خبرون به پيون پونديون هيون ته وقت به سٺو پيو گذرندو هو.
رات 8 وڳي بند ڪيو اٿن، ڪافي عرصي کان پوءِ تارن ڀري رات ڏٺي سين. 1977ع ۾ نارا جيل ۾ ته چئن مهينن کان پوءِ رات ۾ آسمان ڏٺوسين، جو گرمي قيامت جي هئي، مينهن به غضب جو وٺو، سڄي ڇت پئي ٽمي ۽ اسان ٿانوَ ٺڪر ٽمڻ وارين جاين هيٺان رکي ڇڏيا. سيد روشن شاهه (ٽنڊو قيصر) ڏنل خان نظاماڻي (ٽنڊو قيصر)، حبيب الله ناريجو ۽ آءٌ هنڌ ويڙهيو انهن تي چڙهيو ويٺا هوندا هئاسين. ڏنل خان پيو ڪلام ڳائيندو هو ۽ اسين ويٺا ٻڌندا هئاسين. ٻي واٽ به ڪا نه هئي. گهڻيون راتيون ايئن گذريون، تان جو مولائي سپرنٽنڊنٽ شاهه صاحب کي اسان تي رحم اچي ويو ۽ بند نه ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
اڄ جمعو هو- ڪچهري ڪو نه ٿي. صبح جو علي مردان چانڊيو هڪ ساٿي سان گڏ آيو. علي مردان لنواري جي ستن خونن جي ڪيس ۾ آيو آهي. سپاف ضلعي بدين جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. بدين دوري تي ويندا هئاسين. لنواري اسٽيٽ جو مئنيجر ڏاڏو آخوند گاڏي موڪليندو هو ۽ اسين لنواري ضرور ويندا هئاسين. لنواري ۾ سپاف جا سٺا جلسا ٿيندا هئا. لنواري جي هڪڙي جلسي ۾ مون چيو ته ”جنهن عظيم شخصيت وٽ ڀٽائي ڀلارو پاڻ هلي اچي ۽ جنهن لاءِ فرمائي ته
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي
تنهن بزرگ جي ابدي آرام گاهه مون لاءِ جهوڪ، ڀٽ شاهه ۽ درازا وانگر مقدس هنڌ آهي. ”منهنجي انهي تقرير جي تفصيل لنواري جماعت جي روحاني پيشوا پير گل حسن صاحب ٻڌي ته مون کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ نياپو ڏياري موڪليائين. علي مردان چانڊيو جيڪو سپاف ضلعي بدين جو اڳواڻ هو، تنهن سان گڏجي پير صاحب وٽ ڪراچي ويو هوس. پير صاحب وڏي پيار سان مليو. پير صاحب کي تمام سادا ڪپڙا پهريل هئا. جنهن صوفي تي ويٺا هئا ان تي هرڻ جي کل وڇايل هئي. پير صاحب وٽ هڪ ٻيو شخص به ويٺل هو، جنهن جو پير صاحب تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته هي لنواري جماعت جو فرد آهي ۽ پيرس ۾ رهندو آهي. پير صاحب منهنجو تعارف ڪرائيندي ڏاڍا پيار وارا ۽ همٿائيندڙ جملا ڳالهايا.
پير صاحب وٽ ڪافي دير ڪچهري ٿي. ڳالهين مان لڳو پئي ته سڄي دنيا هئي پير صاحب جي اکين آڏو. پير صاحب جي روشن خيالي انهيءَ مان ئي ظاهر هئي جو پير صاحب مون کي نصيحت ڪئي ته پنهنجي تقريرن ۾ سنڌ ۾ موجوده بڇڙي رواج ادي بدي جي شاديءَ جي مخالفت ڪريان ۽ سنڌ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ جاکوڙ ڪريان. پير صاحب پنهنجي جماعت ۾ به نياڻين جي تعليم تي توجهه سان گڏوگڏ مردن توڙي عورتن جي فوجي ٽريننگ وٺڻ لاءِ هدايتون ڪيون.
پير صاحب جي وفات کان پوءِ درگاهه جي گادي ۽ ملڪيت جي وارثن تي اختلاف ٿيو آهي، انهيءَ جي نتيجي ۾ بي گناهه ماڻهو قتل به ٿيا آهن. انهيءَ ڪيس ۾ ئي ڏاڏو آخوند، علي مردان چانڊيو، هادي بخش سهتو ۽ ٻيا لنواري جماعت جا مريد هتي قيد آهن.