آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

جيل جي تلاشي

(7- جولاءِ 1984ع)
صبح جو اٿياسين ته دروازا بند هئا. سپاهين اچي ٻڌايو ته جيل جي تلاشي ورتي پيئي وڃي. ڪن دوستن ڪمري جي پوئين درين مان ڏٺو ته، بورچيخاني تي پوليس چڙهيل هئي ۽ ڪافي سپاهي هيٺ به بيٺا هئا. ڪافي دير کان پوءِ ڀتي ڏيڻ وارو آيو. اسان جي ڪمرن کي لوهي ڄارين جا در به هئا تنهن ڪري ڀتو نه ملي سگهيو. بک لڳڻ شروع ٿي ته خانصاحب الاهي بخش قائم خاني جون ڏنل مٺيون لوليون وقفي وقفي سان کائڻ لڳس. تڪليف وڌي ته شربت به پيتم. ٻه مهينا ٿيندا جو اچانڪ شگر گهٽ ٿيو وڃي. ڊاڪٽرن بار بار مٺو کائڻ جي هدايت ڪئي آهي، تنهن ڪري گهر وارا توڙي ملاقاتي مصري به ڏيئي ويا آهن، سا به پيو کائيندو آهيان، ڄڻ 24 ڪلاڪ ئي ”سوني جهرڪي“ پيو ڏسان.
ٽِين وڳي ڌاري ڊپٽي جيلر ۽ پوليس جو وڏو اٽالو اچي ويو. مارڪيٽ جو علائقه مئجسٽريٽ الله بچايو ميمڻ به اچي نڪتو. ڪمرا کوليا ويا، تلاشي ورتي وئي. تلاشي دوران اسٽاف جو رويو سٺو هو، تلاشي وقت ٻاهر جي پوليس ڪافي هئي. چار پنج انسپيڪٽر هئا، تن ۾ مارڪيٽ جو ايس ايڇ او طفيل ملڪاڻي ۽ شيرواني به هئا، تن سان ڪچهري به ٿي. خليق شيرواني وڏي رهائيءَ وارو پوليس آفيسر آهي. نوجوانن خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي، ايل ايم سي وغيره جي شاگردن سان گهڻو تعلق اٿس. سندس رويو به بهتر هوندو آهي. پوليس وارن ۾ ڪافي آفيسر آهن جن جي سياسي ڪارڪنن توڙي ڏوهارين ۾ وڏي رهائي آهي. پراڻن آفيسرن ۾ چاچي مرتضيٰ ۽ عرفان صاحب جو وڏو نالو ۽ سنگت آهي. اسان واري دور ۾ حيدرآباد ۾ احسان گوندل، خليق شيرواني، دودو خان رند، خليل باجوه ۽ ڪن ٻين آفيسرن جو نالو ڪافي مشهور رهيو آهي. تلاشي کان پوءِ کوليو ويو، بک سڀني کي لڳي هئي، تڪڙ ۾ سئيون ٺهرائي سڀني کاڌيون. شام جو ستين وڳي ڌاري بند ڪرڻ آيا. چيائون صبح جو چئين وڳي کان ڊيوٽي تي آهيون، جلدي بند ٿيو. ڪافي بحث ٿيو، ڊپٽي اچي نڪتو، وڏي ڏي وٺ ٿي پر هميشه وانگر رعب اجايو ويس. سندن گفتگو ڪافي بدليل هئي، لڳو پئي ته سياسي قيدين جو هاڻي اڳوڻو اوج ڪونهي.
سوائين نائين وڳي بند ٿياسين. ڪامريڊ پيارا گيت ٻڌايا. ٻارهين وڳي تائين ڪچهري ٿي. ڪامريڊ بند ٿيڻ کان پوءِ سائين اڪبر شاهه جو هي گيت ڏاڍي پياري انداز ۾ ٻڌايو:
جهانگياڻي اٿي ڀرتون جهول، مڪ پٽڻ جي مند اچي ويئي
پٽي پنهواري پاپي ويندا، هي رلي آيا جي رول
سون سريکا سانگي پنهنجا، اوٺيئڙا انمول
ڇوري ڇاکئون ڇيپ هتي آ، ڇا جا هينئڙي هول
ونڊ اچي تون ويڙهيچن ۾، قربن جا ڪچڪول.
خليل شيرواني مٿس ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويو. مئجسٽريٽ الله بچايو ميمڻ، فقير منش ماڻهو هو. سدائين جلسن جلوسن جي وچ ۾ پيو هلندو هو. شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن تي سندس ميڙ منٿ جو اثر به ٿيندو هو. ميمڻ صاحب کي حيدرآباد ۾ سرفراز چاڙهيءَ تي ظالم دهشتگردن وڏي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. سندس قتل تي سڄو شهر ڏکيرو هو.