آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

“سرڪار” جي رضا لاءِ روزا نمازون

(26- مئي 1984ع)
صبح جو ڊاڪٽر مون کي اِي اين ٽي جي او پي ڊي ڏانهن حيدرآباد موڪليو. حيدرآباد وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته سڃ لڳي پئي هئي، هر طرف هُو جو عالم هو. هوٽلون ڪينٽينون، دڪان، ريڙها سڀ بند هئا. سمجهي ويس ته رمضان سڳورو اچي ويو آهي. اڳي رمضان پنهنجي مخصوص رونق سان ايندو هو هاڻ رمضان جو راڪاس گهمي ويندو آهي شهر ۾.
اسپتال جي ٻاهران، ٻهراڙين جي مريضن جا وارث، وڻن هيٺان، هيسيل مهانڊن سان ويٺا هئا. هنن لاءِ رهڻ جو ڪو به بندوبست يا سکڻي ڇانوَ جو انتظام به ڪونهي، ويتر غريباڻي کاڌي جو به آسرو ختم ٿي ويو، پوڙها پڪا پريشان پئي لڳا. رمضان سان گڏ رمضان تي عملدرآمد ڪرائڻ وارن جا به ميڙ هئا. اڳي روزا حڪم خداوندي ۽ رضا الاهيءَ جي لاءِ ماڻهن ٿي رکيا پر هاڻ مارشلائي حاڪمن آرڊيننس جاري ڪري روزي جي معاملي ۾ به ماڻهن کي پاڻ ڏانهن جوابدار بنائي ڇڏيو آهي. هاڻ روزي ۽ نماز جي پابندي رضاءِ سرڪار لاءِ ضروري ٿي پئي آهي، هاڻ محشر کان اڳئي ، مارشل لا وارا حساب ڪتاب وٺيو ڇڏين. لڳي ٿو عنقريب مسجدن جي دروازن تي حاضري رجسٽر رکيل هوندا ۽ ماڻهو خوف خدا بجاءِ قهر سرڪارکان بچڻ لاءِ نرڙن تي نماز جا نشان ٺاهيندا. اهي زوري چٽيل پيشانيون، قبرن کي ته روشن ڪن يا نه ڪن پر بڇڙاين کي لڪائڻ ۾ وڏو ڪم ڏينديون. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي وڏي سونهاري وارو چور، چوري ڪندي جهلجي پيو. ڪيس ڪورٽ ۾ ويو، جج به اشراف هو، تنهن چيو ته ”هي وڏي سونهاري وارو چوري نٿو ڪري سگهي.“ عدالت چور کي آزاد ڪري ڇڏيو. چور عدالت مان ٻاهر نڪري، ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي چيو ته ”هيءَ ڏاڙهي آهي ته گهڻن گهرن جي ڀينگ ٿيندي.“
سو حيدرآباد وڃڻ لاءِ پنهنجي سرڪاري محافظ سان (جيڪو پاڻ کان ڳري رائفل ڪلهي ۾ کنيو هليو) اچي سوزڪي ۾ چڙهيس. سڄو سوزڪي اسٽينڊ پوليس هو، تقريبن سمورا پوليس وارا بدين پوليس جي ٻلن (نشان) سان هئا. اڄ احسان شهيد جي ورسي جو پروگرام هو. تنهن ڪري ٻين ضلعن جي پوليس جو سک ڦٽائي هتي وٺي آيا آهن. اِي اين ٽي وارڊ ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکاري موٽيس پي ته ڦاٽڪ کان وٺي، يونيورسٽي توڙي ايل ايم سي جا سمورا رستا پوليس جي گهيري ۾ هئا. رستن تي وڏا ڊگها ڪاٺ رکي رڪاوٽون به کڙيون ڪيون ويون هيون.
نثار میں تیری گلیوں کے اے وطن کے جہاں،
چلی ہے رسم کہ کوئی نہ سر اٹھا کے چلے،
جو کوئی چاہنے والا طواف کو نکلے،
نظر چرا کے چلے، جسم و جاں بچا کے چلے،
ہے اہل دل کے لئے اب یہ نظر بست و کشاد،
کہ سنگ و خشت مقید ہیں اور سگ آزاد۔