آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ملڪ لال خان ۽ سنڌ

(25- مارچ 1984ع)
ڪالهه ٻنپهرن جو ڪافي تڪليف هئي، ٽنگن ۾ ته ڄڻ ساهه ئي ڪو نه هو. رات نه ڪجهه لکي سگهيس نه پڙهي سگهيس. شام جو ڊپٽي سان ملياسين ته ملڪ صاحب ۽ قائمخاني صاحب کي ڪمرو ڏنو وڃي. ڊپٽي ٽيون ڏينهن جي ڳالهه ورجائي ته سڀاڻي يعني اڄ اڌ کان وڌيڪ دوست رها ٿي ويندا پوءِ ڏينداسين.
اڄ صبح جو بئرڪ نمبر 3 ۾ سنڌ پيپلزهاري ڪميٽي ٽنڊوالهيار جي دوستن طرفان ملڪ صاحب جي مان ۾ چانهه پارٽي هئي. 8 وڳي ڌاري اوڏانهن ويس ته دوست ڪم ۾ مصروف هئا. 10 وڳي جي دعوت هئي سوائين ڏهين وڳي دعوت شروع ٿي. بئرڪ تمام سهڻي سينگاريل هئي ۽ اجرڪن سان سهڻو دروازو به ٺاهيو ويو هو. اقبال جروار، سليمان لنڊ ۽ پيرل کوسي گيت ٻڌايا. اقبال، عبدالحسين پنهور، جان محمد برهماڻي، عثمان جروار، مون، عالم شاهه ۽ ملڪ صاحب تقريرون ڪيون. دعوت ۾ سڀني دوستن اقبال ۽ عبدالحسين پنهور جي تقريرن، وقت جي پابندي ۽ نظم ضبط جي تعريف ڪئي. هڪ لحاظ کان ملڪ صاحب جي تقرير دلچسپ ۽ جذباتي تقرير هئي. سڀني دوستن بار بار تقرير دوران ملڪ صاحب کي خراج تحسين ٿي پيش ڪيو. ملڪ صاحب پنهنجي تفصيلي تقرير ۾ پنهنجن ڏکين ڏينهن جو جذباتي انداز ۾ ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ”آءٌ بي سرو ساماني ۾ سنڌ آيس، مزدوري ڪيم، ڊرائيوري ڪيم، قسطن تي ٻه ٽرڪون ورتم. پاڻ هلائيندو هوس. ايستائين جو هڪڙي ٽرڪ حيدرآباد مان هلائي موري رسائيندو هوس ۽ اتي ڪجهه دير آرام ڪري، اتان پنجاب مان ايندڙ ٽرڪ حيدرآباد ڪاهي ايندو هوس. مون کي خوشحالي نصيب ٿي ته سياست ۾ اچي خدمت جو شوق ٿيم. تڏهن فيصلو ڪيم ته مون کي جيڪو ڪجهه رب جي مهرباني ۽ محنت جي بدولت مليو آهي اهو سڀ مون کي سنڌ ڏنو آهي، سنڌين مون کي قرب ۽ عزت ڏني. سنڌي وفادار، دوست ۽ قربائتا آهن. عزت ڏيڻ ڄاڻيندا آهن. تنهن ڪري ڏنو به سنڌ آهي. خدمت به سنڌين جي اول آهي.“ ملڪ صاحب ڏاڍ سٺي تقرير ڪئي. جلسي کان پوءِ بئرڪ آياسين. ظهور عالم رند صاحب به آيو. ڪافي دير ڪچهري ٿي. ٻنپهرن جو پپو ملاقات تي آيو. سڄو ڏينهن بئرڪ ۾ هئس. شام جو ”اي“ ڪلاس ۾ ڪمرو کولائي ملڪ صاحب جو سامان رکيوسين. اسپتال آيس، ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي. مرڪزي اڳواڻ عرس خاصخيلي سان مليس. اتان ٿي اچي بئرڪ بند ٿياسين.
(ملڪ لعل خان جتوئي صاحب سان گڏ پارٽي ڇڏي، جتوئي صاحب جي اين پي پي ۾ شامل ٿيو. ملڪ صاحب جيڪو پارٽي جو سڀ کان وڏو بهادر، سخي جيالو هو سو هينئر پ پ جو وڏو مخالف، ڪالاباغ ڊئم جو جذباتي حمايتي، نواز شريف جي مسلم ليگ جو ايم اين اي آهي).