عبرت ۽ مجيد عباسيءَ جون خبرون
صبح جو اٿي ٿوري دير فدا ڏيري ۽ جمالي صاحب سان گڏجي پنڌ ڪيم. نائين وڳي ڪچهري ۾ ويس. اڄ قائدعوام جا قول پڙهيا ويا، ڪچهري جو موضوع سماج جي تبديلي هو. گفتگوءَ جو حاصل مقصد هو ته جيستائين فڪر نافذ ڪرڻ وارا مجسم فڪر نه ٿيندا ۽ ظالم سماج جي تبديلي چاهيندڙ، تبديلي جي ويڙهه ۾ عملي شرڪت نه ڪندا تيسين نه فڪر نافذ ٿيندا ۽ نه ئي سماجي تبديلي ايندي.
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
ٻيون هُئين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
ڪچهري مان اٿي لغاري صاحب ڏي ويس. هو ڪراچي جيل ۾ حسين شاهه جي رويي تي ڏک جو اظهار ڪري رهيو هو. چيائين ته ٻاهر نڪري پارٽي جي تنظيم تي ڌيان ڏبو. ٻنپهرن جو عبدالحسين پنهور، عبدالجبار پنهور ۽ مسڪين شورو ملاقات تي آيا. سيد سرور شاهه، جان محمد مڱريو به ملڻ آيا. جان محمد جي اک ۾ رت ڄميل هئي، ٻڌايائين ته هالا ڪاليج ۾ جساف جي ڪارڪنن، سپاف وارن تي حملو ڪيو آهي. ٻِين وڳي ڌاري نبي بخش ڀرڳڙي، يوسف ٽالپر ۽ اعجاز خواجه دوستن سان ملڻ آيا، ڪافي دوستن سان مليا. ٽئي ڄڻا ڄڻ صلاح سان آيا هئا. جيل ۾ به ٽيئي گڏ ۽ ممتاز صاحب جي سوچ جا حامي هئا. شام جو حسين شاهه ۽ عالم شاهه وٽ ٿوري ڪچهري به ٿي. ڪچهريءَ ۾ الله بچائي لغاري ۽ حسين شاهه بخاري ۾ ڪافي ڏي وٺ ٿي. موضوع پارٽي جي تنظيم ئي هو. سڄي ڪچهري متفق هئي ته تنظيم خالص تنظيمي ماڻهن جي حوالي ڪئي وڃي جيڪي هيستائين پارٽي جو تحفظ ڪندا آيا آهن. وزيرن ۽ ميمبرن کي تنظيم ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني وڃي. پوڻي نائين وڳي وارڊ ۾ اچي سنگت سان گڏجي ماني کاڌم.
اڄ عبرت ۾ وڏي سرخي سان خبر هئي ته ”اڄ کان سياسي قيدين جي رهائي جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو.“ سرخي وڏي هئي ته اميدون به وڏيون ٿي ويون. شام جو وڏي جهاز لڳڻ جي اميد هئي پر جهونا جوڳي چئي رهيا هئا ته ”خبر عبرت جي آهي ۽ سا به مجيد عباسيءَ جي. ڪجهه چئي نٿو سگهجي.“ اڄڪلهه ڪراچيءَ مان مجيد عباسي جون خبرون اهم هونديون آهن. جيڪي وڻندا ۽ ڀائيندا اٿس تن جي لئه ڪرائي ڇڏيندو آهي، پ پ وارا جيڪي وڻنس ٿا تن جون خبرون ڏيئي ٻڌائي ڇڏيندو آهي، ته ”فلاڻي فلاڻي جي لنڊن ۽ پئرس ۾ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ کيس خاص هدايتون ڏنيون ويون آهن.“ پ پ جي ڪنهن ليڊر يا ڪارڪن جي لنڊن ۽ پئرس مان ڪال جي وڏي اهميت آهي. سائين عنايت شاهه ميرپور واري ۽ ان ڪلاس جي چند ماڻهن جون اهڙيون خبرون جام شايع ٿينديون آهن. عباسيءَ کي جيڪي سٺا لڳندا آهن تن جا نالا شهر جي هر وڏي سياسي اجتماع، شادي مرادي، استقبال ويندي وڏن جنازن ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ ڌڻيءَ کي ڀلي خبر به نه هجي ته ڪير مئو ۽ ڪير پرڻيو آهي.
اڄوڪي اخبار ۾ علامه نصير الاجتهادي جو بيان به آيو آهي ته ”حڪومت کي سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ کپن ۽ سياستدانن کي به حڪومت سان دشمني ختم ڪرڻ گهرجي.“ بيان ۾ مولانا جنرل ضياءَ کي صدر محترم چئي مخاطب ٿيو آهي. مولانا فرمايو آهي ته ”حڪومت چونڊون ڪرائڻ ۽ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ ۾ پرخلوص آهي.“ (مولانا کي اها خبر ڏاڍي دير سان پئي آهي) مولانا اهو واضح ڪو نه ڪيو آهي ته ڪهڙو اسلامي نظام نافذ ڪري رهيو آهي. اهو اسلامي نظام جيڪو مولانا جو عقيدو آهي يا اهو نظام جنهن تي تبرا ڪرڻ سندس عقيدي جو حصو آهي.
مولانا اڄڪلهه مجلس شوريٰ جو ميمبر آهي. شوريٰ جي ميمبر ٿيڻ کان ٽي چار ڏينهن اڳ ۾ قدم گاهِ مولا علي حيدرآباد جي مجلس ۾ پنهنجي سحر انگيز خطاب ۾ هن ضياءَ کي وقت جو يزيد ثابت ڪيو هو ۽ هن خلاف جهاد کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ جائز قرار ڏنو هو. هاڻ ميمبر شوريٰ ٿيو آهي ته نه حسين جي سنت جي پرواهه اٿس ۽ نه وقت جي يزيد خلاف جهاد ئي ياد اٿس.
ڦريا پسي ڦِيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.