نازڪ نفيس “خطرناڪ” قيديءَ جي آمد تي ٿرٿلو
صبح جو چانهه پي ويٺس ته ڪامريڊ مامون (بدين) آيو، ٻيا به ڪجهه دوست آيا. اڄ اسٽڊي سرڪل جي ڪارروائي هتي اي ڪلاس ۾ هلائي سون جو، سائين حسين شاهه ۽ عالم شاهه اسپتال وارڊ ۾ منتقل ٿي ويا آهن. سائين کي اسان وارو گوڙ ڪو نه وڻندو آهي. گهڻي دير نه سنجيده گفتگو ڪري سگهي ۽ نه ئي ٻڌي سگهي، باقي سنگت جي ڪچهريءَ ۾ ڀلي رات، ڏينهن گذري وڃي، ڪچهريءَ ۾ به گهڻو ڪري رڳو سائين ئي ڇانيل هوندو آهي، ٻيو ڳالهائي ڇو، سائين ٻڌي ڇو.
اڄ ڪچهريءَ ۾ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي هارين جي بغاوت جي سلسلي ۾ لکيل رپورٽ جو ڪجهه حصو پڙهيوسين. 10 وڳي کن اسپتال ويس، اتان مٿي وارڊ ۾ عالم شاهه ۽ حسين شاهه سان ملڻ ويس. مٿي ٻه ڪمرا آهن، هڪڙي ۾ محب شاهه ٿو رهي، ٻئي ڪمري جنهن ۾ مجرم لغاري، علي حسن چانڊيو ۽ طارق اشرف رهندا هئا. تنهن ۾ اچي حسين شاهه وارا ترسيا آهن. طارق اشرف هن وارڊ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ٻه ڏينهن اسان واري بئرڪ ۾ رهيل هو، منهنجي ساڻس ملاقات ماڙيءَ وٽ ٿي هئي، کيس وٺي پنهنجي بئرڪ ۾ آيس. طارق جي هڪ اديب جي حيثيت ۾ ته عزت هئي پر منهنجي پياري دوست ظهير ميمڻ جو ڀيڻيوو به آهي. مون سندس متعلق چاچي شاهنواز خان کان اڳئي ٻڌو هو ته ”نهايت نازڪ مزاج ماڻهو آهي، گهڻو ڪري خاموش رهندو آهي. ڀوڳن چرچن کان پري، هر وقت پنهنجو منهن وٺيو ويٺو هوندو آهي. صفائي جو تمام گهڻو خيال ڪندو آهي. پنهنجا ٿانو، گلاس، ڪوپ، ٿالهي وغيره بار بار پيو صاف ڪندو آهي. عام قيدين وانگر نل ۽ حوض تي ماڻهن سامهون وهنجي به ڪو نه سگهندو آهي.“ سندس اهي خبرون ٻڌي پهرين پنهنجي بئرڪ ۾ ۽ پوءِ اسپتال جي مٿان محب شاهه وارن وٽ رهڻ جو انتظام ڪرايوسين.
طارق اشرف جيل آيو ته انتظاميه پريشان ٿي ويئي ته هاڻ وري سندس خبرون رسالن ۽ اخبارن ۾ پڌريون ٿينديون. بئرڪ ۾ آيو ته جنهن به سندس ٻڌو تنهن ٻئي کي چيو ”هوشيار ٿي وڃو، طارق اشرف اچي ويو اٿو، لکيوَ نه ڊائري، ڪڍي نه رپورٽ.“
ٻه ڏينهن بئرڪ ۾ رهيو، ٻئي ڏينهن بئرڪ ۾ چپ ٿي ويئي، چرچا ڀوڳ بند، سڀڪو پيو گرامر ڳالهائي. دوست چون ته ”بئرڪ ۾ چؤ نڪي قائم ڪرائي اٿوَ“ طارق صاحب کي خبر پئي ته دوستن کي چيائين ”پوليس وارو ڪو نه آهيان جو دوستن جي هر ڳالهه تي چوڪي ڪندو وتان، ماضيءَ جي ڊائريءَ ۾ ڪي نه اچڻ جهڙيون ڳالهيون به مون کان اچي ويون تن جو ڪافي افسوس اٿم.“ اسپتال وارڊ ويا ته دائود خان پٺاڻ وڏي رازداريءَ ۾ دوستن کي چيو ”هوشيار ٿيو، خطرناڪ ماڻهو پنهنجي وارڊ ۾ اچي ويو آهي.“ طارق صاحب هنن دوستن سان هري مري ويو ته اتي به عجيب عجيب بحث ۽ ڪچهريون موٽي آيون.
طارق صاحب رڳو پسوريون پڌريون ڪو نه ڪندو آهي، سنگت جي ساراهه مان به ڪو نه ٿڪبو آهي، جنهن به ساڻس ٿوري به نيڪي ڪئي آهي تنهن جي پيو ساراهه ڪندو آهي. اڄڪلهه پنهنجي ڪيس، گهريلو ڪم ڪارين، ڪاروباري مسئلن ۽ ٻي ڊوڙڊڪ جي سلسلي ۾ مغل مغل پيو ڪندو هو.
جيئن علي محمد راشدي جي ڪتابن جي هر صفحي تي پير صاحب پاڻ بنفس نفيس موجود هوندو هو، تيئن وري طارق اشرف جي ڊائرين ۽ ڪار گذارين ۾ سندس دوست جو نالو نمايان هوندو آهي. اڳين ڊائرين ۾ فيروز، فيروز هو ۽ ايندڙ ڊائريءَ ۾ مغل صاحب هوندو. طارق صاحب ۽ سندس دوست ڀلا آهن، دوست جي طارق صاحب سان هر ڏک ۽ مهل ۾ بيٺا آهن ته طارق صاحب به سندن واکاڻ مان ڪو نه ٿو ڍاپي. طارق صاحب سان جيل ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون ۽ هر ڪچهريءَ ۾ طارق صاحب منهنجي مُڇن جو تذڪرو ٿي ڪيو. نياز همايوني صاحب کان پوءِ طارق صاحب کي مڇن جو دشمن ڏٺو اٿم، لڳي ٿو طارق صاحب جي ڊائري آئي ۽ منهنجو تذڪرو ٿيو ته ”مونڇون ڪا نام بهي آئيگا ميري نام سي پهلي.“ طارق صاحب رڳو ٻين جون خبرون ڪو نه وٺندو آهي پر پنهنجو تذڪرو به رک رکاءُ کانسواءِ ڪندو آهي. مون هتي چيو هومانس ته ”سائين اوهين پاڻ مان ڪو نه ٿا مڙو سو ٻين جي ڪهڙي رکندؤ.“ مجرم لغاري سنڌ جو مشهور شاعر آهي. ڪچهري جو مور، سڀني لاءِ سٺو ۽ پيار ڀريو آهي. جيئي سنڌ جو جيالو آهي. علي حسن به پيارو ساٿي آهي. جيل ۾ ٻنهي وڏي همت ۽ زندهه دلي سان وقت گذاريو. علي حسن جا مجرم سان چرچا ڀوڳ ۽ مجرم جي پيار ۽ نخري واري گهوڙا گهوڙا به وسارڻ جهڙي ڪونهي. ٻنهي جو ڏوهه ”يوم لطيف“ ملهائڻ هو. علي حسن کي ڪوڙا به هنيا ويا. علي حسن جي ڪوڙن تي مجرم ته ڏاڍو رنو پر جيل جا سڀ دوست ڏکيرا ۽ جذباتي هئا. اتان ڪچهري ڪري الله بچائي لغاري وٽ اچي ويٺس. لغاري صاحب افسوس پئي ڪيو ته ”حسين شاهه گڏ هلڻ جي صلاح به ڪو نه ڪئي، کڻي وڃي نه ها ته به چوي ته ها.“ دل ۾ چيم ڪيئن چوي ها، هڪڙي جهنگ ۾ ٻه شينهن ڪيئن رهن ها. لغاري صاحب ۽ حسين شاهه ڪچهري ۾ ته گڏ ويهي سگهن ٿا پر سائينءَ جو لغاري صاحب سان رهڻ مشڪل آهي جو لغاري به ڪنهن جي سوائي ڪو نه سهي. ٽوڪڻ ۽ ڳالهه ڪٽي چرچو ڪرڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪري. لغاري صاحب جو چرچو به ساڀيان پيو لڳندو آهي.
ٻارهين وڳي ملاقات جو سڏ ٿيو، سرور شاهه ۽ اڪبر ساند ملڻ آيا هئا. سرور شاهه کي 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش جي ڪنوينشن ۾ حيدرآباد سپاف جو ضلعي آرگنائيزر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي سرگرم آهي. اڪبر سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. اخبارن ۾ هارين جي مسئلن تي سندس بيان به اچن پيا. قائم خاني صاحب جنهن مهل ملڻ آيو تنهن مهل شريف قريشي به اچي نڪتو. شريف تازو رها ٿيو آهي. سکر ۾ وڏي همت سان جيل گهاريو اٿس، اتان آيل سڀ دوست سندس تعريف ڪن ٿا. سچ پچ ته ايم آر ڊي ۾ حصو وٺندڙن سياسي جدوجهد جي تاريخ ۾ شاندار باب جو اضافو ڪيو آهي. پهريون ڀيرو هيڏي گهڻي تعداد ۾ ماڻهو جيل آيا آهن. نوان نوان دوست، نوجوان، بزرگ، بيمار، غريب سکيا، سڀ وڏي همت سان جيل گهاري رهيا آهن.
اختر ٻين وڳي ڌاري آيو، کيس پپو کي موڪلڻ جو چيم. پپو آيو ٻڌايائين ته اڄ ننڍي ڀيڻ جي ”مڱڻي“ ٿي رهي آهي. ڇهين وڳي ڌاري جان محمد برهماڻي موڪلائڻ آيو، ٻڌايائين ته سندس جيل ڪيس ۾ ضمانت ٿي ويئي آهي، رها ٿي رهيو آهي. هن سان ماڙيءَ تي موڪلايم. اڄ شيخ ڀرڪئي جا 6 دوست رها ٿيا، هي سڀئي هاري ۽ پورهيت دوست هئا، هنن ۾ وڏي ڄمار جا بيمار ۽ ڪمزور ساٿي به هئا. هي بزرگ ڏسڻ ۾ ڏٻرا هئا پر سندن همت ۽ حوصلو جبل جيان اوچو ۽ مضبوط نظر آيو.
جبل ماري جک، جو آڏو آريجن کي،
توڻي لڪن لک، سڀ لنگهنديس سڪ سين.