آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

شير خان لنڊ: شينهن قومي ڪارڪن

شير خان لنڊ جيڪو جيل ۾ سدائين ڳڻتين کان آجو نظر ٿي آيو، سو اٽڪل 44 بهارون پورهئي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذاري چڪو آهي. 4 درجا سنڌيءَ جا پڙهيل آهي، ٻڌايائين ته هن عبدالله بخاري سان گڏجي ڪميونسٽ گروپ ۾ ڪم ڪيو هو. ان زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي نعپ ۾ شامل هوندي هئي، تنهن جا چار گروپ هئا جيڪي امام علي نازش، جمال نقوي، طفيل ۽ عبدالسلام سان منسوب هئا، انهن ۾ 4 سنڌي گهڻو سرگرم هئا ۽ چارئي محترم بزرگ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي هئا. ٻڌايائين ته نعپ سان اختلافن سبب ڪافي دوست ڌار ٿيا ۽ انهن گڏجاڻيءَ ۾ 1968ع ڌاري سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. پهرين گڏجاڻيءَ ۾ 80-82 ماڻهو گڏ ٿيا هئا. گڏجاڻي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي بنگلي تي ٿي هئي. تنظيم لاءِ محترم شيخ اياز سکر لاءِ، محترم قاضي فيض محمد کي نواب شاهه، مولوي مراد ٺٽي، محترم فاضل راهو بدين، محترم ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٿرپارڪر ۽ محترم عبدالحفيظ قريشي حيدرآباد لاءِ ڪنوينر مقرر ٿيا. شير خان ٻڌايو ته هو پاڻ سنڌي هاري ڪاميٽي ۾ سرگرم ٿيو ۽ 1974ع ۾ محترم رسول بخش پليجي سان اختلاف، سنڌي عوامي تحريڪ کي پاڪستان جي سطح تي تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ سبب ٿيا. شير خان 1982ع ۾ پي اين پي ۾ شامل ٿيو هو. ٺٽي ضلعي جي ڪاميٽي جو ميمبر آهي. 1964ع ۾ پهريون دفعو سنڌي ادبي ڪچهرين جي سلسلي ۾ حڪومت خلاف سرگرمين جي الزام هيٺ گرفتار ٿيو. 35-30 ڏينهن لاڪ اپ ۾ هو. انهيءَ زماني ۾ لاڪ اپ ۾ رات جو سڀني قيدين کي هڪڙي سنگهر ۾ سلهاڙيو ويندو هو، رات جو جيڪڏهن ڪو ضروري حاجت لاءِ اٿندو هو ته سڀني قيدين کي اٿڻو پوندو هو. ٻيون ڀيرو 1966ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران گرفتار ٿيو، ۽ ٽيون ڀيرو وري وڏيرن تلهار ۾ چوريءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايو. تنهن ۾ ڏيڍ مهينو کن بدين ۾ قيد هو. سنڌي لسٽن واري تحريڪ ۾ چوٿون دفعو گرفتار ٿي 2- مهينا کن جيل ڪاٽيائين يوسف ٽالپر کي آزاد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنجون دفعو گرفتار ٿيو. ستون ڀيرو کيس 110 ۾ گرفتار ڪيو ويو. سجاول ٿاڻي مان مهيني کان پوءِ آزاد ٿيو، وري 110 ۾ گرفتار ٿي ويو. انهيءَ مان آزاد ٿيو ته ڌاڙي جو ڪيس مٿس سيٺ عبدالهادي ميمڻ ڪرايو جنهن جي زمين تي هارين قبضو ڪيو هو. انهيءَ ڪيس ۾ فاضل راهو، مير پير بخش ۽ شير خان لنڊ جوابدار هئا. فاضل راهو کي هڪ سال سزا آئي. وري 107 جي ڪيس ۾ ڪيترائي ڏينهن قيد رهيو. 1970ع ۾ قلم اي 16 تحت لاڏين جي لاڪ اپ ۾ ڏيڍ مهينو ڪاٽي رها ٿيو ته 16 ڏينهن کان پوءِ وري گرفتار ڪيو ويو. 1971ع ۾ خون جي ڪيس ۾ 3 مهينا جيل ۾ رهيو. 1972ع ۽ 1974ع ۾ ڊي پي آر ۾ 3 مهينا ڪراچيءَ ۾ قيد هو. وري ڊي پي آر ۾ 8 مهينا ۽ سنڌ ڪرائيم ڪنٽرول ايڪٽ تحت هڪ مهينو 5 ڏينهن بند هو. 1976ع ۾ 3 مهينا حيدرآباد ۾، وري 1977ع ۾ 3 مهينا نظر بند. 1978ع ۾ 6 مهينا نظر بند، وري 1979ع ۾ 9 مهينا، 1981ع 3 مهينا، 1983ع ۾ 8 مهينا، 1984ع ۾ اڃا نظربند آهي، ڏهون مهينو اٿس. سنڌ جو هي بهادر ۽ ارڏو قومي ڪارڪن (جيڪو اڃا رهنما ڪو نه ٿيو آهي، شايد انهي ڪري جو رهنمائن واري ڪڙم مان ڪونهي) اڃان ٿڪو ڪونهي ۽ نڪو ويجهڙائي ۾ سندس ٿڪجڻ جا آثار ڏسڻ ۾ ٿا اچن .
کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
سلام آهي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري کان وٺي شير خان لنڊ تائين سنڌ جي انهن سرويچن کي جن صلي ۽ خوف کان بيپرواهه ٿي پنهنجي اٽل ارادي، همت ۽ جدوجهد ۾ مڪمل اعتماد سان لاڪ اپ، لوهي نيئرن ۽ جيل جي قهري ڪوٽن کي اڄ اسان لاءِ ميڻ مثل ڪري ڇڏيو آهي.
تان ڪي ساڻن اور، جان آهين اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي هنگلور، ته ڪرمَ ملندءِ ڪاپڙي.